Лого на YouVersion
Иконка за търсене

يوحنا 2

2
قانا ۾ شادي
1ٽئين ڏينهن تي گليل جي ڳوٺ قانا ۾ ڪا شادي هئي ۽ يسوع جي ماتا بہ اتي آيل هئي. 2يسوع ۽ سندس چيلا بہ انهيءَ شاديءَ جي دعوت ۾ موجود هئا. 3دعوت ۾ جڏهن مئي ختم ٿي ويئي تہ يسوع جي ماتا کيس چيو تہ ”هنن وٽ تہ مهمانن لاءِ مئي کُٽي ويئي آهي.“ 4تنهن تي يسوع کيس چيو تہ ”ماتا! تنهنجي انهيءَ ڳالهہ جو مون سان ڪهڙو واسطو؟ منهنجي گھڙي اڃا ڪانہ آئي آهي.“ 5تنهن تي يسوع جي ماتا نوڪرن کي چيو تہ ”جيئن هو چوي تيئن ڪريو.“
6 اتي يهودين جي پوِترتائيءَ جي رسم لاءِ پٿر جا ڇهہ مٽ رکيل هئا. هر هڪ مٽ ۾ اٽڪل هڪ سؤ ليٽر ماپي سگھيا ٿي. 7يسوع نوڪرن کي چيو تہ ”هي مٽ پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيو.“ سو هنن اهي مٽ ڀري ٽمٽار ڪري ڇڏيا. 8پوءِ هن کين چيو تہ ”هاڻي انهن مان ڪجھہ ڪڍي شاديءَ جي مُک سيواداريءَ وٽ کڻي وڃو.“ سو هو اهو کڻي ويا. 9مُک سيواداريءَ اهو پاڻي چکيو، جيڪو هاڻي مئي ٿي پيو هو. نوڪرن، جن پاڻي ڪڍيو هو تن کي سڌ هئي تہ هيءَ مئي ڪٿان آئي آهي، پر مُک سيواداريءَ کي سڌ ڪانہ هئي. سو هن گھوٽ کي گھرايو 10۽ کيس چيائين تہ ”سڀڪو ماڻهو پهريائين سٺي مئي پيش ڪندو آهي ۽ جڏهن ماڻهو پي ڍءُ ڪندا آهن، تہ پوءِ سادي مئي پيش ڪندو آهي. پر تو وري سٺي مئي هن مهل تائين بچائي رکي آهي.“
11هي يسوع جو پهريون چمتڪار هو، جيڪو هن گليل جي ڳوٺ قانا ۾ نشانيءَ طور ڏيکاري پنهنجي مهانتا ظاهر ڪئي. اهو ڏسي سندس چيلن مٿس وشواس آندو. 12#مت 4‏:13 تنهن کان پوءِ يسوع، سندس ماتا، ڀائر ۽ سندس چيلا ڪفرناحوم شهر ڏانهن ويا، جتي هو ڪجھہ ڏينهن رهيا.
هيڪل مان واپارين کي تڙي ڪڍڻ
(متي 21‏:12‏-13، مرقس 11‏:15‏-17، لوقا 19‏:45‏-46)
13 # خر 12‏:1‏-27 يهودين جي #2‏:13 فصح جو تهوار يهودي قوم وارا هي تهوار ملهائڻ لاءِ يروشلم شهر ڏانهن ويندا هئا. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“ فصح جو تهوار ويجھو هو تہ يسوع يروشلم ڏانهن ويو. 14اتي هن وڃي ڏٺو تہ ماڻهو ٻليدان ڪرڻ لاءِ هيڪل جي اڱڻ ۾ ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون ۽ ڪبوتر وڪڻي رهيا آهن. ان کان علاوہ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارا بہ پنهنجا صندل رکيو ويٺا آهن. 15اهو ڏسي هن نوڙين جو چهبڪ ٺاهي انهن سڀني کي سندن رڍن ۽ ڍڳن سميت هيڪل جي اڱڻ مان تڙي ڪڍي ڇڏيو ۽ پئسا مَٽائڻ وارن جا پئسا اڇلائي سندن صندل اونڌا ڪري ڇڏيائين. 16ڪبوتر وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ ”اهي هتان کڻي وڃو. منهنجي پتا جي گھر کي بازار نہ بڻايو.“ 17#زب 69‏:9 تڏهن سندس چيلن کي پوِتر شاستر جي اها لکت ياد آئي تہ ”اي ايشور! تنهنجي گھر لاءِ منهنجي غيرت مون کي جلائيندي.“
18 تڏهن يهودي اڳواڻن کيس چيو تہ ”تو کي ڪهڙو حق آهي جو تون ائين ڪرين ٿو؟ ثابتيءَ لاءِ ايشور طرفان ڪا نشاني ڏيکار.“ 19#مت 26‏:61، 27‏:40، مر 14‏:58، 15‏:29 يسوع وراڻين تہ ”اوهين هن هيڪل کي ڊاهيو تہ آءٌ اها ٽن ڏينهن ۾ وري ٺاهيندس.“ 20تنهن تي انهن اڳواڻن چيس تہ ”هن هيڪل کي ٺهڻ ۾ ڇائيتاليهہ سال لڳا آهن. تون وري اها ٽن ڏينهن ۾ ٺاهيندين؟“ 21پر يسوع جنهن هيڪل بابت ڳالهہ ٿي ڪئي تنهن مان مراد سندس پنهنجو شرير هو. 22تنهنڪري جڏهن هو مئلن مان جيوت ٿي اٿيو، تڏهن سندس چيلن کي ياد آيو تہ هن ڇا چيو هو. سو هنن کي پوِتر شاستر جي لکت ۽ يسوع جي چيل انهيءَ ڳالهہ تي يقين ٿي ويو.
يسوع مسيح دلين کي ڄاڻي ٿو
23فصح جي تهوار جي موقعي تي جڏهن يسوع يروشلم ۾ هو، تڏهن سندس چمتڪارَ ڏسي ڪيترن ئي ماڻهن مٿس وشواس آندو. 24پر يسوع انهن تي اعتبار نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هن سڀني کي ڄاتو پئي. 25هن کي ڪابہ ضرورت ڪانہ هئي تہ ڪو ماڻهو ڪنهن بابت کيس ٻڌائي، ڇاڪاڻ تہ هن پاڻ ئي ٿي ڄاتو تہ انسان جي دل ۾ ڇا ڇا آهي.

Избрани в момента:

يوحنا 2: HSB

Маркирай стих

Споделяне

Копиране

None

Искате ли вашите акценти да бъдат запазени на всички ваши устройства? Регистрирайте се или влезте