Лого на YouVersion
Иконка за търсене

يوحنا 9

9
ڄائي ڄم کان انڌي کي ديد ڏيڻ
1جيئن يسوع پنهنجي چيلن سان گڏ رستي سان پئي ويو تہ هن هڪ اهڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو ڄائي ڄم کان انڌو هو. 2هن جي چيلن کانئس پڇيو تہ ”اي گرو! هي ڪنهن جي پاپ جي ڪري انڌو ڄائو آهي؟ ڇا پنهنجي پاپ جي ڪري يا پنهنجي ماتا پتا جي پاپ جي ڪري؟“ 3يسوع وراڻيو تہ ”هن جي انڌائپ جو هن جي پاپ سان يا سندس ماتا پتا جي پاپ سان ڪوبہ واسطو نہ آهي. پر هي انهيءَ ڪري انڌو آهي تہ جيئن هن مان ايشور جا ڪم ظاهر ٿين. 4ضروري آهي تہ جيستائين ڏينهن آهي تيستائين اسين انهيءَ جا ڪم ڪريون، جنهن مون کي موڪليو آهي. پر جڏهن رات ايندي تڏهن ڪوبہ ماڻهو ڪم ڪري نہ سگھندو. 5#مت 5‏:14، يو 8‏:12 جيستائين آءٌ هن سنسار ۾ آهيان تہ آءٌ سنسار جي روشني آهيان.“ 6ائين چوڻ کان پوءِ يسوع زمين تي ٿُڪ اڇلائي ۽ انهيءَ ٿُڪ مان مٽي آلي ڪيائين. پوءِ اها آلي مٽي انهيءَ انڌي جي اکين تي لاتائين 7۽ چيائينس تہ ”پنهنجو منهن انهيءَ تلاءَ ۾ وڃي ڌوءُ، جنهن جو نالو شيلوخ آهي.“ #9‏:7 (شيلوخ جي معنيٰ ”موڪليل“ آهي.) هيءَ سمجھاڻي اصلي متن جي آهي. (شيلوخ جي معنيٰ ”موڪليل“ آهي.) پوءِ هو ويو ۽ انهيءَ تلاءَ ۾ وڃي منهن ڌوتائين ۽ موٽ تي هو ڏسندو وائسندو آيو.
8تنهن تي سندس پاڙيسرين ۽ ٻين ماڻهن جن کيس اڳ پنندي ڏٺو هو، سي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ”هي اهو فقير تہ نہ آهي جيڪو هتي ويٺو پنندو هو!“ 9ڪن چيو تہ ”هي اهو ئي آهي“ ۽ ڪي وري چوڻ لڳا تہ ”هي اهو نہ آهي، پر انهيءَ جو ڪو هم‌شڪل آهي.“ تنهن تي هن پاڻ چيو تہ ”آءٌ اهو ئي آهيان.“ 10تڏهن انهن پڇيس تہ ”تو کي ديد ڪيئن ملي؟“ 11هن وراڻيو تہ ”اهو شخص جنهن جو نالو يسوع آهي، تنهن مٽي آلي ڪري منهنجي اکين تي لاتي ۽ چيائين تہ ’شيلوخ واري تلاءَ ۾ وڃي منهن ڌوءُ.‘ پوءِ آءٌ ويس ۽ وڃي منهن ڌوتم تہ ڏسڻ وائسڻ لڳس.“ 12تنهن تي انهن پڇيس تہ ”اهو شخص ڪٿي آهي؟“ هن چين تہ ”مون کي سڌ نہ آهي.“
انڌي کي ديد ملڻ بابت فريسين جي جاچ
13‏-14جنهن ڏينهن تي يسوع مٽي آلي ڪئي ۽ اها انڌي ماڻهوءَ جي اکين تي لائي کيس ديد ڏني هئي، سو #9‏:13‏-14 سبت هفتي جي ستن ڏينهن مان يهودين جو اهو هڪ خاص ڏينهن هو. انهيءَ ڏينهن تي ڪوبہ ڪم ڪار ڪرڻ منع هو. مٽي آلي ڪرڻ بہ هڪ قسم جو ڪم سمجھيو ويندو هو. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“ سبت جو ڏينهن هو. پوءِ جڏهن اهي ماڻهو انهيءَ انڌي مان سڄي ٿيل شخص کي فريسين وٽ وٺي آيا، 15تڏهن فريسين بہ انهيءَ کان پڇيو تہ ”تون ڪيئن ڏسڻ وائسڻ لڳين؟“ هن انهن کي ٻڌايو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ آلي مٽي منهنجي اکين تي لاتي ۽ مون وڃي منهن ڌوتو تہ آءٌ ڏسڻ وائسڻ لڳس.“ 16تنهن تي فريسين مان ڪن چيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ هي ڪم ڪيو آهي سو ايشور جي طرفان ٿي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ هن سبت جي ڏينهن کي نہ مڃيو آهي.“ پر ٻين چيو تہ ”جيڪو پاپي آهي سو اهڙا چمتڪار ڪيئن ٿو ڪري سگھي.“ تنهنڪري انهن ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو.
17ان کان پوءِ فريسين هڪ دفعو وري انهيءَ ماڻهوءَ کان پڇيو تہ ”تون چوين ٿو تہ هن تو کي ديد ڏني، هاڻ تون انهيءَ شخص بابت ڇا ٿو چوين؟“ هن وراڻيو تہ ”هو ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت آهي.“ 18يهودي اڳواڻن کي هن ماڻهوءَ جي ڳالهہ تي اڃا بہ اعتبار نہ آيو تہ هو ڪو انڌو هو ۽ پوءِ سڄو ٿيو آهي. تنهنڪري هنن انهيءَ ماڻهوءَ جي ماتا پتا کي گھرائي کانئن پڇيو تہ 19”ڇا هي اوهان جو پٽ آهي؟ ڇا هي ڄائي ڄم کان انڌو هو؟ تہ پوءِ اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو تہ هو هاڻي ڏسي وائسي ٿو؟“ 20هن جي ماتا پتا وراڻيو تہ ”هائو، واقعي هي اسان جو پٽ آهي ۽ ڄائي ڄم کان انڌو هو. 21پر اسان کي اها سڌ ڪانهي تہ هاڻي ڪيئن هو ڏسڻ وائسڻ لڳو آهي ۽ ڪنهن هن کي ديد ڏني آهي. اوهين کانئس پڇو. هو عاقل بالغ آهي، پاڻ پنهنجي ڳالهہ ڪندو.“ 22سندس ماتا پتا يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان ائين چيو، ڇاڪاڻ تہ انهن اڳي ئي ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪو بہ ماڻهو يسوع کي مسيح ڪري مڃيندو تنهن کي هو پنهنجي ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا. 23اهو ئي سبب هو جو انهيءَ ماڻهوءَ جي ماتا پتا چيو تہ ”اوهين کانئس پڇو، هو عاقل بالغ آهي.“
24سو انهن وري انهيءَ ماڻهوءَ کي گھرايو جيڪو اڳي انڌو هو ۽ کيس چيائون تہ ”تون ايشور جي آڏو قسم کڻ تہ سچ ڳالهائيندين. اسين ڄاڻون ٿا تہ جنهن ماڻهوءَ تو کي ديد ڏني سو پاپي آهي.“ 25انهيءَ ماڻهوءَ وراڻيو تہ ”مون کي سڌ نہ آهي تہ هو پاپي آهي يا نہ. آءٌ رڳو اهو ڄاڻان ٿو تہ اڳي آءٌ انڌو هئس ۽ هاڻي ڏسان وائسان ٿو.“ 26تنهن تي انهن پڇيس تہ ”هن تو کي ڇا ڪيو؟ ڪيئن تو کي ديد ڏنائين؟“ 27هن وراڻيو تہ ”اڃا هاڻي تہ مون اوهان کي ٻڌايو آهي تہ بہ اوهان ڪونہ ٻڌو. وري ڇو ٿا ٻڌڻ چاهيو؟ اوهين بہ هن جا چيلا ٿيڻ چاهيو ٿا ڇا؟“ 28تنهن تي انهن ڦٽ لعنت ڪري چيس تہ ”تون ئي انهيءَ جو چيلو آهين. اسين تہ موسيٰ جا چيلا آهيون. 29اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور موسيٰ سان ڳالهايو هو، پر انهيءَ شخص بابت اسان کي ڪابہ سڌ نہ آهي تہ هو ڪٿان آيو آهي.“ 30تنهن تي انهيءَ ماڻهوءَ چيو تہ ”واہ! اها تہ عجيب ڳالهہ آهي. جيتوڻيڪ هن مون کي ديد ڏني آهي، تڏهن بہ اوهان کي سڌ نہ ٿي پوي تہ هو ڪٿان آيو آهي. 31اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور پاپين جي نہ ٻڌندو آهي، پر جيڪڏهن ڪو ايشور ڀڳت آهي ۽ سندس مرضيءَ تي هلي ٿو تہ ايشور انهيءَ جي ٻڌي ٿو. 32سنسار جي شروعات کان وٺي ائين ڪڏهن بہ ٻڌڻ ۾ ڪونہ آيو آهي تہ ڄائي ڄم جي انڌي ماڻهوءَ کي ڪنهن ديد ڏني هجي. 33جيڪڏهن هي ماڻهو ايشور جي طرفان نہ هجي ها تہ ڪجھہ بہ نہ ڪري سگھي ها.“ 34تنهن تي انهن چيس تہ ”تون اصل ڄائو ئي پاپن ۾ آهين ۽ هاڻي تون ٿو اسان کي سيکارين؟“ پوءِ انهن کيس ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي.
آتما جي لحاظ کان انڌائپ
35جڏهن يسوع ٻڌو تہ يهودي اڳواڻن انهيءَ ماڻهوءَ کي ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي، تڏهن هو ساڻس مليو ۽ کيس چيائين تہ ”ڇا تون منش‌پتر تي وشواس آڻين ٿو؟“ 36تنهن تي هن پڇيس تہ ”سوامي! اهو ڪير آهي جو آءٌ مٿس وشواس آڻيان؟“ 37يسوع چيس تہ ”تو کيس اڳي بہ ڏٺو آهي ۽ هاڻي جيڪو تو سان ڳالهائي رهيو آهي، سو ئي آهي.“ 38تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ چيو تہ ”اي پرڀو! آءٌ وشواس آڻيان ٿو.“ ائين چئي هن سندس اڳيان سيس نوايو.
39پوءِ يسوع چيو تہ ”آءٌ هن سنسار ۾ فيصلو ڏيڻ لاءِ آيو آهيان، تہ جيئن جيڪي انڌا آهن سي ڏسن ۽ جيڪي ڏسن ٿا سي انڌا ٿين.“ 40تڏهن اتي موجود فريسين مان ڪن اهي ڳالهيون ٻڌي پڇيس تہ ”ڇا اسين بہ انڌا آهيون؟“ 41يسوع کين چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين انڌا هجو ها تہ اوهان جو ڪو ڏوهہ نہ هجي ها. پر هاڻي تہ اوهين پاڻ چئو ٿا تہ ’اسين ڏسون ٿا،‘ سو اوهان جو ڏوهہ ثابت آهي.“

Избрани в момента:

يوحنا 9: HSB

Маркирай стих

Споделяне

Копиране

None

Искате ли вашите акценти да бъдат запазени на всички ваши устройства? Регистрирайте се или влезте