ڇالاءِ جو اوهان مان اُهو ڪير آهي، جو جيڪڏهن ٺلهہ جوڙائڻ جي خواهش ڪري، تہ پهريائين ويهي اُن جو خرچ نہ ساري، تہ ان جي پوري ڪرڻ لاءِ هٿ ۾ پيسو اٿم يا نہ؟ تہ متان بنياد کڻائڻ کان پوءِ پورو ڪري نہ سگهي، تہ جيڪي بہ ڏسن، سي سڀيئي مٿس کِلن: ۽ چون تہ هن شخص اڏڻ شروع ڪيو، پر پورو ڪري ڪين سگهيو.