۽ هن پنهنجن شاگردن کي چيو تہ اها اڻ ٿيڻي آهي تہ گمراهہ ٿيڻ جا سبب نہ اچن؛ پر افسوس آهي اُنهي تي، جنهن جي ڪري اهڙا سبب پيدا ٿا ٿين! هنن ننڍڙن مان هڪڙي کي بہ جيڪو گمراهہ ٿو ڪري، تنهن کان هن جي لاءِ چڱو هيئن ٿيندو، تہ جنڊ جو پڙ سندس ڳچيءَ ۾ لڙڪائي هن کي سمنڊ ۾ کڻي اُڇلائجي.