اوچتو ئي آڪاش مان هڪ آواز آيو ۽ اهو آواز تيز هوا جي گھوگھٽ جهڙو هو، جنهن سان اها سڄي جاءِ جنهن ۾ هو ويٺا هئا گونجڻ لڳي. تڏهن انهن کي باهہ جهڙيون ڄڀون نظر آيون جيڪي ڌار ڌار ٿي هر هڪ تي اچي ويٺيون. اهي سڀيئي پوِتر آتما سان ڀرجي ويا ۽ انهيءَ جي شڪتيءَ سان ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا.