1
سنتن جا ڪم 29:5
Hindu Sindhi Bible
پطرس ۽ ٻين سنتن جواب ۾ چيو تہ ”اسان لاءِ ماڻهن جو نہ، پر ايشور جو چيو مڃڻ لازمي آهي.
Compare
Explore سنتن جا ڪم 5:29
2
سنتن جا ڪم 42:5
اهي روزانو هيڪل ۾ ۽ ماڻهن جي گھرن ۾ سکيا ڏيندا ۽ هن خوشخبريءَ جو پرچار ڪندا رهيا تہ يسوع ئي مسيح آهي.
Explore سنتن جا ڪم 5:42
3
سنتن جا ڪم 3:5-5
تنهن تي پطرس چيس تہ ”اي حننياہ! ڇو شيطان تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال وڌو، جو تو پوِتر آتما سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ ٻنيءَ جي پئسن مان ڪجھہ پاڻ وٽ رکي ڇڏيئِہ؟ جيئن ٻني وڪڻڻ کان اڳ تنهنجي ئي ملڪيت هئي، تيئن اها وڪڻڻ کان پوءِ ان جا پئسا بہ تنهنجا ئي هئا. پوءِ تو ڇو دل ۾ اهڙو ڪم ڪرڻ جو خيال ڪيو؟ تو ماڻهن سان نہ پر ايشور سان ڪوڙ ڳالهايو آهي.“ حننياہ اهو ٻڌڻ شرط هيٺ ڪري پيو ۽ مري ويو. جن بہ اهو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.
Explore سنتن جا ڪم 5:3-5
4
سنتن جا ڪم 38:5-39
سو هاڻي آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ هنن ماڻهن جي خلاف ڪوبہ قدم نہ کڻو ۽ کين ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هنن جو مقصد ۽ ڪم ماڻهن جو ٺهيل هوندو تہ اهو پاڻيهي ختم ٿي ويندو. پر جيڪڏهن اهو ايشور جي طرفان آهي تہ پوءِ اوهين انهن ماڻهن تي حاوي ٿي نہ سگھندا، پر اٽلندو اوهين ايشور جي مخالفت ڪندا.“ يهودي پئنچائت گمليايل جي صلاح قبول ڪئي.
Explore سنتن جا ڪم 5:38-39
YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy
Home
Bible
Plans
Videos