آءٌ رڳو انهن لاءِ پرارٿنا نہ ٿو ڪريان جيڪي تو مون کي ڏنا آهن، پر انهن لاءِ بہ پرارٿنا ڪريان ٿو جيڪي سندن سنديش جي وسيلي مون تي وشواس آڻيندا، انهيءَ لاءِ تہ اهي سڀ گڏجي هڪ ٿين. اي پتا! جهڙيءَ طرح تون مون ۾ آهين ۽ آءٌ تو ۾ آهيان، تهڙيءَ طرح شل اهي بہ اسان ۾ گڏجي هڪ ٿين، تہ جيئن سنسار يقين ڪري تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.