جڏهن يسوع پنهنجي ماتا ۽ انهيءَ چيلي کي جنهن سان سندس پيار هو، اتي ڀرسان بيٺل ڏٺو تہ هن پنهنجي ماتا کي چيو تہ ”ماتا! هي تنهنجو پٽ آهي.“ وري انهيءَ چيلي کي چيائين تہ ”هيءَ تنهنجي ماتا آهي.“ انهيءَ ئي ڏينهن اهو چيلو يسوع جي ماتا کي پنهنجي گھر رهائڻ لاءِ وٺي ويو.