1
1.ڪرنٿين 25:9-26
Sindhi Bible FB
SB
هر ڪو پهلوان سڀني ڳالهين ۾ پرهيز ٿو ڪري. اهي تہ فاني تاج ملڻ لاءِ ائين ٿا ڪن، پر اسين غير فاني تاج لاءِ. تنهنڪري آءٌ بنا مقصد جي نہ ٿو ڊوڙان، نڪي آءٌ هوا ۾ مڪون ٿو هڻان،
Compare
Explore 1.ڪرنٿين 9:25-26
2
1.ڪرنٿين 27:9
بلڪ آءٌ جسماني خواهشن کي ماري پنهنجي بدن کي پوري ضابطي ۾ ٿو رکان. ائين نہ ٿئي جو ٻين ۾ تبليغ ڪندي آءٌ پاڻ قبول نہ پوان.
Explore 1.ڪرنٿين 9:27
3
1.ڪرنٿين 24:9
ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ گوءِ جي ميدان تي ڊوڙندا تہ گھڻا ئي آهن، پر انعام رڳو هڪڙي کي ملندو آهي؟ سو اوهين اهڙا ڊوڙو جيئن انعام کٽو.
Explore 1.ڪرنٿين 9:24
4
1.ڪرنٿين 22:9
ڪمزور ضمير وارن لاءِ آءٌ انهن جهڙو ڪمزور بڻيس تہ جيئن کين هٿ ڪريان. مطلب تہ جيڪو جهڙو هو تنهن لاءِ آءٌ تهڙو بڻيس، تہ جيئن ڪنهن نہ ڪنهن نموني آءٌ ڪن کي بچايان.
Explore 1.ڪرنٿين 9:22