1
عاموس 14:7-15
Sindhi Bible FB
SB
تنهن تي عاموس ورندي ڏيئي امصياہ کي چيو تہ ”نڪي آءٌ ڪو نبي هئس ۽ نہ وري ڪنهن نبيءَ جو پٽ، بلڪ آءٌ تہ هڪڙو ڌنار ۽ انجير جي وڻن جو رکوالو آهيان. پر خداوند مون کي ڌڻ چارڻ کان ڇڏائي فرمايو تہ ’اسرائيل ملڪ واري منهنجي قوم ۾ وڃي منهنجو پيغام ٻڌاءِ.‘
Compare
Explore عاموس 7:14-15
2
عاموس 8:7
خداوند مون کان پڇيو تہ ”اي عاموس! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”شاهل.“ تڏهن پروردگار فرمايو تہ ”ڏس، آءٌ اسرائيل ملڪ واري پنهنجي قوم مٿان شاهل لڙڪايان ٿو. پوءِ منجھن ڏنگائي ڏسي آءٌ کين سزا ڏيڻ کان بلڪل باز نہ ايندس.
Explore عاموس 7:8