1
شريعت جو دور 29:4
Sindhi Bible FB
SB
پر اتي جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا طالبو ٿيندا تہ هو اوهان سان پرچي پوندو، پر شرط هي آهي تہ اوهين پوريءَ دل وَ جان سان سندس طالبو ٿيو.
Compare
Explore شريعت جو دور 4:29
2
شريعت جو دور 31:4
جيئن تہ خداوند اوهان جو خدا، رحيم خدا آهي، سو هو اوهان کي نہ تہ ڇڏي ڏيندو، نڪي برباد ڪندو ۽ نہ ئي وري انهيءَ عهد کي وساريندو جيڪو هن قسم کڻي اوهان جي ابن ڏاڏن سان ٻڌو آهي.“
Explore شريعت جو دور 4:31
3
شريعت جو دور 24:4
خداوند اوهان جو خدا، ساڙي رک ڪري ڇڏڻ واري باهہ آهي. هو غيرت وارو خدا آهي.
Explore شريعت جو دور 4:24
4
شريعت جو دور 9:4
سو اوهين خبردار رهجو ۽ پاڻ تي وڏي نظر رکجو. متان اهي ڳالهيون جيڪي اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏيو. متان اهي سڄيءَ عمر ۾ اوهان جي دل تان لهي وڃن، بلڪ اوهين اهي پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن کي بہ سيکاري ڇڏجو.
Explore شريعت جو دور 4:9
5
شريعت جو دور 39:4
تنهنڪري اڄوڪي ڏينهن اوهين ڄاڻي وٺو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ ڄمائي ڇڏيو تہ مٿي آسمان ۾ توڙي هيٺ زمين تي خداوند ئي خدا آهي، انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.
Explore شريعت جو دور 4:39
6
شريعت جو دور 7:4
هن ڪري جو اهڙي وڏي قوم ڪا ٻي بہ آهي ڇا، جنهن جو معبود انهيءَ کي اهڙو ويجھو هجي جهڙو خداوند اسان جو خدا، هر انهيءَ وقت اسان کي ويجھو آهي، جڏهن اسين کيس پڪاريون ٿا؟
Explore شريعت جو دور 4:7
7
شريعت جو دور 30:4
جڏهن اوهين مصيبت ۾ گرفتار ٿيندا ۽ پوين ڏينهن ۾ جڏهن هي سڀ حادثا اوهان تي اچي پوندا، تڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہتائب ٿيندا ۽ سندس فرمانبرداري ڪندا.
Explore شريعت جو دور 4:30
8
شريعت جو دور 2:4
جنهن بہ ڳالهہ جو آءٌ اوهان کي حڪم ڏيان ٿو، تنهن ۾ نہ تہ ڪجھہ وڌائجو، نڪي انهيءَ مان ڪجھہ گھٽائجو. اوهين خداوند پنهنجي خدا جي انهن حڪمن تي عمل ڪندا رهجو جيڪي آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو.
Explore شريعت جو دور 4:2