1
شريعت جو دور 9:7
Sindhi Bible FB
SB
تنهنڪري ياد رکو، تہ خداوند اوهان جو خدا اهو ئي خدا آهي. هو واعدو وفا ڪندڙ خدا آهي. سو جيڪي کيس پيار ٿا ڪن ۽ سندس حڪمن تي عمل ٿا ڪن، تن سان هزارين پيڙهين تائين پنهنجو عهد قائم رکندي ساڻن لافاني شفقت ٿو رکي.
Compare
Explore شريعت جو دور 7:9
2
شريعت جو دور 6:7
اوهين خداوند پنهنجي خدا جا چونڊيل آهيو. هائو، هن اوهان کي دنيا جي سڀني قومن مان پنهنجي خاص قوم ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.
Explore شريعت جو دور 7:6
3
شريعت جو دور 8:7
پر خداوند جيئن تہ اوهان سان پيار ٿي ڪيو ۽ جيڪو قسم هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان کنيو هو سو پورو ڪرڻ ٿي چاهيائين، تنهنڪري هن پنهنجي زورآور هٿ سان اُتان اوهان کي ٻاهر ڪڍي آندو، جتي اوهين غلام هئا. هن اوهان کي مصر جي بادشاهہ فرعون جي چنبي مان ڇڏايو.
Explore شريعت جو دور 7:8
4
شريعت جو دور 7:7
خداوند جو اوهان کي پسند ڪرڻ ۽ چونڊڻ جو اهو سبب نہ هو تہ ڪو اوهين تعداد ۾ ٻين کان گھڻا هئا، بلڪ اوهين تہ ٻين سڀني قومن کان تمام ٿورا هئا.
Explore شريعت جو دور 7:7
5
شريعت جو دور 14:7
اوهان کي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ برڪت عطا ٿيندي. اوهان ۾ توڙي اوهان جي چوپائي مال ۾ ڪوبہ نر يا ڪابہ مادي سنڍ نہ ٿيندي.
Explore شريعت جو دور 7:14