خداوند موسيٰ جي اڳيان هيئن چوندي لنگھيو تہ
”آءٌ خداوند آهيان، هائو، اهو خداوند،
جيڪو رحمان ۽ رحيم خدا آهي،
لافاني شفقت ۽ وفا سان ڀرپور ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ بلڪل ڍرو.
آءٌ هزارين پيڙهين تائين لافاني شفقت ڪرڻ وارو آهيان.
بيشڪ آءٌ بڇڙائيءَ، خطا ۽ گناهہ جو بخشيندڙ آهيان،
پر ڏوهارين کي آءٌ انصاف کان ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيندس.
آءٌ ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا
سندن اولاد کي ٽين ۽ چوٿين پيڙهيءَ تائين ڏيندس.“