1
پيدائش 23:25
Sindhi Bible FB
خداوند کيس چيو تہ ”تنهنجي پيٽ اندر ٻہ قومون سمايل آهن، ٻيئي تو مان جنم وٺنديون ۽ هڪٻئي جون مخالف ٿينديون. هڪڙي قوم ٻي قوم کان وڌيڪ زورآور ٿيندي، هائو، وڏي پٽ جي قوم ننڍي پٽ جي قوم جي خدمت ڪندي.“
Compare
Explore پيدائش 25:23
2
پيدائش 30:25
تنهنڪري يعقوب کي چيائين تہ ”آءٌ ساڻو ٿي پيو آهيان سو انهيءَ ڳاڙهي ٻوڙ مان مون کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏي.“ اهو ئي سبب آهي جو عيسوءَ تي ادوم نالو پئجي ويو.
Explore پيدائش 25:30
3
پيدائش 21:25
جيئن تہ ربقہ سنڍ هئي، تنهنڪري اسحاق انهيءَ لاءِ خداوند کان دعا گھري. خداوند هن جي دعا قبول ڪئي ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي.
Explore پيدائش 25:21
4
پيدائش 32:25-33
عيسوءَ چيو تہ ”ٺيڪ آهي. آءٌ مرڻ تي آهيان. پوءِ پهريتي هئڻ جي حق مان مون کي ڪهڙو فائدو رسندو؟“ تڏهن يعقوب چيس تہ ”پهريائين مون سان قسم کڻ.“ عيسوءَ ساڻس قسم کنيو ۽ پنهنجي پهريتي هئڻ جو حق يعقوب کي وڪڻي ڏنائين.
Explore پيدائش 25:32-33
5
پيدائش 26:25
ٻيو ٻار جڏهن ڄائو تہ عيسوءَ جي کُڙي سندس هٿ ۾ پڪڙيل هئي، تنهنڪري انهيءَ جو نالو يعقوب رکيائون. جڏهن هي ڄاوا تڏهن اسحاق جي عمر سٺ سال هئي.
Explore پيدائش 25:26
6
پيدائش 28:25
اسحاق عيسوءَ کي وڌيڪ پيار ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ هو عيسوءَ جو شڪار وارو گوشت کائيندو هو، پر ربقہ جو پيار وري يعقوب تي وڌيڪ هو.
Explore پيدائش 25:28
Home
Bible
Plans
Videos