اتي يعقوب خدا سان اقرار ڪيو تہ ”جيڪڏهن تون مون ساڻ هوندين ۽ جيڪو سفر آءٌ ڪريان ٿو تنهن ۾ منهنجي سنڀال ڪندين ۽ مون کي کائڻ لاءِ کاڌو ۽ پائڻ لاءِ ڪپڙا ڏيندين ۽ جيڪڏهن آءٌ صحيح سلامت موٽي پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ ايندس، تہ پوءِ تون خداوند منهنجو خدا ٿيندين. جتي مون هي يادگار پٿر کوڙيو آهي اتي تنهنجي عبادتگاهہ ٿيندي ۽ جيڪي ڪجھہ تون مون کي ڏيندين تنهن جو ڏهون حصو آءٌ تو کي ڏيندس.“