1
لوقا 19:10
Muslim Sindhi Bible
ڏسو، مون اوهان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آهي تہ نانگن ۽ وِڇن کي لتاڙي ڇڏيو ۽ دشمن جي سموري زور تي غالب پئجي وڃو، ڪابہ شيءِ اوهان کي ايذاءُ نہ رسائيندي.
Compare
Explore لوقا 10:19
2
لوقا 41:10-42
پر خداوند وراڻيس تہ ”مارٿا! اي مارٿا! تون گھڻين ڳالهين جي فڪر ۽ پريشانيءَ ۾ آهين، جڏهن تہ رڳو هڪڙي ئي ڳالهہ ضروري آهي. مريم اها چڱي ڳالهہ چونڊي کنئي آهي، جيڪا ان کان نہ کسبي.“
Explore لوقا 10:41-42
3
لوقا 27:10
هن عيسيٰ کي وراڻيو تہ ”اهو لکيل آهي تہ ’تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان، پنهنجي پوريءَ طاقت ۽ پنهنجي پوريءَ سمجھہ سان پيار ڪر‘ ۽ ’پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘“
Explore لوقا 10:27
4
لوقا 2:10
هن کين هدايت ڪئي هئي تہ ”فصل تہ تمام گھڻو آهي، پر لڻندڙ ٿورا آهن. تنهنڪري فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو تہ پنهنجي فصل جي لاباري لاءِ ماڻهو موڪلي.
Explore لوقا 10:2
5
لوقا 36:10-37
پوءِ عيسيٰ شريعت جي عالم کان پڇيو تہ ”هاڻي ڇا ٿو ڀانئين تہ اهو شخص جيڪو ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، تنهن جو هنن ٽنهي ڄڻن مان ڪير حقيقي پاڙيسري ٿيو؟“ تنهن تي شريعت جي عالم وراڻيس تہ ”اهو جنهن کي مٿس ڪهل آئي.“ عيسيٰ چيس تہ ”تون بہ وڃي ائين ئي ڪر.“
Explore لوقا 10:36-37
6
لوقا 3:10
وڃو، آءٌ اوهان ڄڻ تہ گھيٽڙن کي بگھڙن منجھہ ٿو موڪليان.
Explore لوقا 10:3
Home
Bible
Plans
Videos