1
صفنياہ 18:1
Sindhi Bible FB
SB
مون خداوند جي غضب واري ڏينهن هنن جو سون ۽ چاندي بہ کين بچائي نہ سگھندو. هائو، منهنجي غيرت جي باهہ سڄيءَ دنيا کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي. آءٌ ڌرتيءَ جي هر رهاڪوءَ جو اوچتو ئي خاتمو آڻي ڇڏيندس.“
Compare
Explore صفنياہ 1:18
2
صفنياہ 14:1
خداوند جو عدالت وارو ڏينهن ويجھو اچي ويو آهي، ويجھو هائو، تمام ويجھو، بلڪ اهو اچي پهتو آهي. ڪن ڏيئي ٻڌو! خداوند جي ڏينهن وارو شور. هائو، هڪ بهادر ماڻهو بہ زاروزار روئندو.
Explore صفنياہ 1:14
3
صفنياہ 7:1
خداوند خدا جي آڏو ماٺ ڪري بيهہ، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو سزا ڏيڻ وارو ڏينهن ويجھو آيو آهي. هن يهوداہ وارن کي هڪڙي قربانيءَ طور تيار ڪيو آهي. هو کين سندن دشمن جي اڳيان پيش ڪندو، جيڪي کين کائي چٽ ڪري ڇڏيندا.
Explore صفنياہ 1:7