آءٌ پيءُ کي عرض ڪندس ۽ ھو اوھان کي ھڪ ٻيو مددگار ڏيندو جيڪو ھميشہ اوھان سان رھندو، يعني سچ جو پاڪ روح. دنيا ھن کي حاصل ڪري نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻتہ دنيا کيس نہ ڏسي ٿي ۽ نہ وري سڃاڻي ٿي. پر اوھين کيس سڃاڻو ٿا، ڇاڪاڻتہ ھو اوھان سان رھي ٿو ۽ اوھان ۾ ھوندو.