1
متي 26:19
Common Language New Testament
عيسيٰ انھن ڏانھن چتائي ڏٺو ۽ چيو تہ ”اھا ڳالھہ ماڻھن کان تہ ٿي نہ ٿي سگھي، پر خدا سڀ ڪجھہ ڪري سگھي ٿو.“
Compare
Explore متي 19:26
2
متي 6:19
پوءِ اھي ٻہ نہ پر ھڪ آھن. سو جن کي خدا ملايو آھي تن کي ماڻھو جدا نہ ڪري.“
Explore متي 19:6
3
متي 4:19-5
تنھن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ خالق انھن کي شروعات کان وٺي نر ۽ مادي ڪري پيدا ڪيو؟ ۽ چيائين تہ ’انھيءَ ڪري مرد پنھنجي ماءُپيءُ کي ڇڏي پنھنجيءَ زال سان گڏجي رھندو ۽ ھو ٻئي گڏجي ھڪ ٿي ويندا.‘
Explore متي 19:4-5
4
متي 14:19
عيسيٰ چيو تہ ”ٻارن کي ڇڏيو تہ مون وٽ اچن، انھن کي نہ جھليو ڇاڪاڻتہ آسمان واري بادشاھت اھڙن جي ئي آھي.“
Explore متي 19:14
5
متي 30:19
پر ڪيترائي جيڪي ھاڻي اڳيان آھن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي ھاڻي پويان آھن سي اڳيان ٿيندا.“
Explore متي 19:30
6
متي 29:19
جيڪوبہ منھنجي ڪري گھر، ڀائر، ڀينرون، پيءُ، ماءُ، ٻار يا ٻنيون ڇڏيندو تہ ان کي اُھي سوءڻا ٿي ملندا ۽ دائمي زندگي بہ ملندس.
Explore متي 19:29
7
متي 21:19
عيسيٰ ھن کي چيو تہ ”جيڪڏھن تون ڪامل ٿيڻ گھرين ٿو تہ وڃي پنھنجي سموري ملڪيت وڪڻي اُھي پيسا غريبن ۾ خيرات ڪر تہ بھشت ۾ تو کي خزانو ملندو ۽ پوءِ اچي منھنجو پوئلڳ ٿيءُ.“
Explore متي 19:21
8
متي 17:19
عيسيٰ وراڻيو تہ ”تون مون کان چڱي ڪم بابت ڇو ٿو پڇين؟ چڱو تہ رڳو خدا ئي آھي. جيڪڏھن تون دائمي زندگي حاصل ڪرڻ گھرين ٿو تہ ان جي حڪمن تي عمل ڪر.“
Explore متي 19:17
9
متي 24:19
آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آھي، پر شاھوڪار ماڻھوءَ جو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿيڻ اولو آھي.“
Explore متي 19:24
10
متي 9:19
آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجي زال کي زناڪاريءَ جي سبب کان سواءِ طلاق ڏئي ٿو ۽ ڪنھن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري، تہ ڄڻ زنا ڪيائين.“
Explore متي 19:9
11
متي 23:19
پوءِ عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي ٻڌايو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ شاھوڪار ماڻھو آسمان واري بادشاھت ۾ ڏاڍي مشڪلات سان داخل ٿيندو.
Explore متي 19:23
Home
Bible
Plans
Videos