يوحنا 26:19-27
يوحنا 26:19-27 SB62
پوءِ يسوع پنهنجي ماءُ، ۽ اُهو شاگرد جنهن تي سندس پيار هو، تن کي ڀر ۾ بيٺل ڏسي، پنهنجيءَ ماءُ کي چيو، تہ اي مائي، ڏس تنهنجو پٽ! پوءِ وري اُنهي شاگرد کي چيائين، تہ ڏس تنهنجي ماءُ! ۽ اُنهيءَ گهڙيءَ کان وٺي اُهو شاگرد هن کي پنهنجي گهر وٺي ويو.