لوقا 19
19
1پوءِ هو يريحو ۾ آيو، ۽ اُتان پئي لنگهيو، 2تہ ڏسو، زڪيءَ نالي هڪڙو ماڻهو هو جو محصولي ٺيڪيدارن جو وڏو هو، ۽ شاهوڪار بہ هو: 3۽ سندس مرضي هئي تہ ڏسان تہ يسوع ڪير آهي، پر گوڙ جي ڪري ڏسي نٿي سگهيو، ڇوتہ پاڻ بندرو هو. 4سو هو اڳڀرو ڊوڙي هڪڙي انجير جي وڻ تي وڃي چڙهي ويٺو، تہ اُتان ڏسي، ڇو جو هو اُنهيءَ واٽ کان لنگهڻو هو. 5۽ جڏهن يسوع اُنهي هنڌ آيو، تڏهن مٿي نهاري چيائينس، تہ اي زڪي، جلدي ڪري لهي اچ، ڇالاءِ جو اڄ مون کي تنهنجي گهر ٽڪڻو آهي. 6۽ هو جهٽ پٽ هيٺ لهي آيو، ۽ خوشيءَ سان هن کي پنهنجي گهر وٺي ويو. 7۽ جڏهن اُنهن اهو ڏٺو، تڏهن سڀيئي سُر پُر ڪري چوڻ لڳا، تہ هو گنهگار جي گهر وڃي لٿو آهي. 8پوءِ زڪي اُٿي بيٺو، ۽ خداوند کي چيائين تہ ڏس، اي خداوند، آئون پنهنجو اڌ مال غريبن کي ٿو ڏيان، جي ڪنهن ماڻهوءَ کان ڪي ناحق ورتو اٿم، تہ انهي کي چئوڻو ڪري موٽائي ٿو ڏيان. 9يسوع چيو، تہ اڄ هن گهر ۾ نجات آئي آهي، ڪيئن جو هيءُ بہ ابراهيم جو اولاد آهي. 10ڇالاءِ جو ابن آدم جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن تن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آهي.
11۽ هنن اهي ڳالهيون پئي ٻُڌيون، تہ هڪڙو مثال بہ ڏنائين ڇو جو هو يروشلم کي اچي ويجهو ٿيو هو، ۽ ڇالاءِ جو هو ائين سمجهي ويٺا هئا تہ خدا جي بادشاهت اِجها ٿي ظاهر ٿئي. 12تنهن تي هن چيو تہ هڪڙو امير ڪنهن ڏورانهين ملڪ ڏانهن ٿي ويو، تہ اُتان پنهنجي لاءِ بادشاهت وٺي موٽي. 13۽ هن پنهنجا ڏهہ نوڪر سڏي کين ڏهہ مهرون ڏنيون، ۽ چيائين، تہ جيسين آئون اچان، تيسين انهن سان واپار هلايو. 14پر سندس شهر جي ماڻهن جي ساڻس نٿي پيئي، تن پٺيانئس ايلچي ڏياري موڪليا، تہ اسان جي مرضي نہ آهي تہ ڪو هيءُ ماڻهو اسان تي بادشاهي ڪري. 15پوءِ هيئن ٿيو، تہ جڏهن هو بادشاهت وٺي موٽيو، تڏهن حڪم ڪيائين تہ جن نوڪرن کي پيسا ڏيئي ويو هوس، تن کي مون وٽ سڏي اچو تہ ڏسان تہ واپار ڪري ڇا کڻي ڪمائي رکيو اٿن. 16تنهن تي پهرئين وٽس اچي چيو تہ اي سائين، تنهنجي مهر مان ٻيون ڏهہ مهرون پيدا ٿيون آهن. 17تنهن کي هن چيو تہ شاباس، اي چڱا نوڪر، ڇوتہ تون ٿوري ۾ ئي ايماندار ٿيو آهين، ڏهن شهرن جو حاڪم ٿيءُ. 18۽ ٻئي اچي چيو تہ اي سائين، تنهنجيءَ مهر مان پنج مهرون پيدا ٿيون. 19تڏهن هن کي بہ چيائين تہ تون بہ پنجن شهرن جو حاڪم ٿيءُ. 20پوءِ هڪڙي ٻئي اچي چيو، تہ اي سائين، اِجهو تنهنجي مهر، جا مون رومال ۾ ٻَڌي رکي هئي؛ 21ڇالاءِ جو آئون ڄاڻان ٿو تہ تون سخت ماڻهو آهين، تنهنڪري مون کي ڊپ ٿيو؛ جو جيڪي تو جمع نہ ڪيو آهي سو تون کڻين ٿو، ۽ جيڪي تو پوکيو نہ آهي، سو تون لُڻين ٿو. 22هن چيس، تہ اي خراب نوڪر، تنهنجي ئي واتان آئون تنهنجو نبيرو ڪندس! جڏهن توکي سُڌ هئي تہ آئون سخت ماڻهو آهيان، ۽ جيڪي جمع ڪين ڪيو اٿم سو پيو کڻان، ۽ جيڪي پوکيو ئي ڪين اٿم سو پيو لُڻان؛ 23تڏهن تو منهنجا پئسا بئنڪ ۾ ڇو ڪين ڏنا، تہ آئون جڏهن موٽان، تڏهن وياج سوڌا اچي وٺان ها؟ 24تنهن تي جيڪي بيٺا هئا، تن کي چيائين، تہ اها مهر هن کان کسي، ڏهن مهرن واري کي ڏيو. 25تڏهن هنن چيس، تہ سائين، هن وٽ تہ ڏهہ مهرون آهن. 26آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جنهن وٽ آهي، تنهن کي ڏنو ويندو، پر جنهن وٽ ڪينهي، تنهن کان جيڪي اٿس، سو بہ کسي وٺبو. 27ٻيو تہ منهنجا اُهي دشمن، جن جي مرضي نہ هئي تہ آئون مٿن بادشاهي ڪريان، تن کي هتي وٺي اچو، ۽ منهنجي سامهون انهن کي قتل ڪريو.
28۽ جڏهن ائين چئي چڪو، تڏهن هو اڳتي وڌي يروشلم ڏانهن وڃڻ لڳو. 29۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو زيتون واري ٽڪر وٽ، بيت فگا ۽ بيت عنياہ جي ويجهو آيو، تڏهن ٻن شاگردن کي موڪلي چيائين تہ 30اوهان جي سامهون جو ڳوٺ آهي اُتي وڃو، ۽ اندر گهڙڻ شرط اوهين هڪڙو کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنهن تي ڪنهن بہ ماڻهوءَ اڃا تائين سواري ڪانہ ڪئي آهي؛ اُهو ڇوڙي وٺي اچو. 31۽ جيڪڏهن ڪو اوهان کان کڻي پڇي، تہ ڇو ٿا ڇوڙيوس؟ تہ هيئن چئجو تہ خداوند کي انهي جي گهُرج آهي. 32پوءِ جن کي موڪليائين سي ويا، ۽ جيئن چيو هئائين تيئن ڏٺائون. 33۽ اُهي کودڙو ڇوڙڻ لڳا، تہ اُن جي مالڪن چين تہ کودڙو ڇو ٿا ڇوڙيو؟ 34هنن چيو تہ خداوند کي هن جي گهُرج آهي. 35پوءِ اُنهي کي يسوع وٽ وٺي آيا، ۽ پنهنجا ڪپڙا کودڙي تي وجهي، يسوع کي اُن تي ويهاريائون. 36۽ جڏهن هو اُٿي هليو، تڏهن هنن پنهنجا ڪپڙا رستي تي کڻي وڇايا. 37۽ جڏهن هو زيتونن جي ٽڪر جي لاهيءَ جي ويجهو ويو، تڏهن شاگردن جي سڄي جماعت، جيڪي معجزا ڏٺا هئائون، تن سڀني جي ڪري خوشيءَ ۾ ڀرجي، وڏي آواز سان خدا جي واکاڻ ڪري چوڻ لڳي تہ، 38مبارڪ آهي اُهو بادشاهہ جو خداوند جي نالي ٿو اچي: آسمان ۾ صلح، ۽ عالم بالا ۾ جلال. 39۽ اُنهي خلق مان ڪن فريسين چيس، تہ اي اُستاد، پنهنجن شاگردن کي جهل. 40هن جواب ڏيئي چيو تہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جي هنن ماٺ ڪئي، تہ خود پهڻ وٺي پڪاريندا. 41پوءِ جڏهن ويجهو آيو، تڏهن شهر ڏسي مٿس بيهي رنائين. 42۽ چيائين، تہ شل جيڪي امن واريون ڳالهيون آهن، تن کي تون، ها تون اڄوڪي ڏينهن سمجهين ها! پر هاڻي اُهي تنهنجين اکين کان لڪل آهن. 43ڇوتہ اُهي ڏينهن توتي اچي ڪڙڪندا، جڏهن تنهنجا دشمن تنهنجي چوڌاري مورچو ٻَڌي توکي ويڙهي ويندا، ۽ چوطرف اچي توکي سوڙهو گهٽيندا! 44۽ اُهي توکي، ۽ تو ۾ جيڪي تنهنجا ٻار آهن تن کي، وٺي پَٽ سان هڻندا، ۽ تو ۾ پهڻ پهڻ تي بہ نہ ڇڏيندا، ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن تو تي نظر ٿي، تنهن ڏينهن کي تو نہ سڃاتو.
45پوءِ هو هيڪل ۾ ويو، ۽ جن واپار پئي ڪيو، تن کي هڪالي ڪڍڻ لڳو، 46۽ چيائين، تہ لکيل آهي تہ منهنجو گهر عبادت جو گهر ٿيندو، پر اوهان کڻي انهي کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بنايو آهي.
47۽ هن هر روز هيڪل ۾ تعليم پئي ڏني، پر سردار ڪاهنن، ۽ فقيهن، ۽ اُمت جي بزرگن وجهہ پئي ڳوليو تہ هن کي ڪيئن ماري کپائي ڇڏيون؛ 48پر وس ڪونہ ٿي پُڳن؛ ڇالاءِ جو ماڻهو هن جي ڳالهين ٻُڌڻ لاءِ آتا هئا.
Currently Selected:
لوقا 19: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.