11
پطرس جو پنهنجا ڪم بيان ڪرڻ
1 خوشخبري ٻڌائيندڙ ٻين سنتن ۽ سڄي يهوديہ جي وشواسين ٻڌو تہ غير قومن بہ مسيح بابت ايشور جو سنديش قبول ڪيو آهي. 2سو جڏهن پطرس يروشلم ۾ آيو تہ ڪي مسيح تي وشواس رکندڙ جيڪي ختني واري حڪم تي عمل ڪندڙن کي ئي لائق سمجھندا هئا، سي ساڻس بحث ڪرڻ لڳا تہ 3”جن جو ختنو ئي ٿيل ناهي تن جي گھر ۾ تون نہ رڳو مهمان هئين، بلڪ تو انهن سان گڏ کاڌو پيتو بہ آهي.“ 4تنهن تي پطرس انهن کي شروع کان وٺي جيڪي ڪجھہ ٿيو هو سو سڄو احوال ٻڌايو تہ 5”جڏهن آءٌ يافا شهر ۾ پرارٿنا ڪري رهيو هئس تہ مون کي درشن ڏنو ويو تہ ڪا شيءِ وڏي چادر وانگر چئني ڪنڊن کان لڙڪندي آڪاش مان هيٺ لهندي ٿي آئي ۽ اچي مون تائين پهتي. 6مون چتائي ڏٺو تہ منجھس گھريلو توڙي جھنگلي جانور، جيتجڻا ۽ پکي نظر آيا 7۽ هڪڙو آواز ٻڌم، جنهن مون کي چيو تہ ’پطرس! اُٿ ۽ اهي ڪهي کاءُ.‘ 8پر مون چيو تہ ’اي سوامي! هرگز نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن بہ ڪا حرام يا اپوِتر شيءِ نہ کاڌي آهي.‘ 9تنهن تي وري آڪاش مان آواز آيو تہ ’جنهن شيءِ کي ايشور پوِتر ڪيو آهي تنهن کي اپوِتر نہ چئُہ.‘ 10ٽي دفعا ائين ٿيو ۽ پوءِ اهي سڀيئي شيون آڪاش ڏانهن کڄي ويون. 11ايتري ۾ ٽي ماڻهو جن کي قيصريہ مان مون ڏانهن موڪليو ويو هو، سي انهيءَ گھر جي اڳيان اچي بيٺا جنهن ۾ آءٌ رهيل هئس. 12پوِتر آتما مون کي چيو تہ ’تون بنا گھٻرائڻ جي انهن سان گڏ هليو وڃ.‘ تڏهن آءٌ ۽ اسان جا هي ڇهہ ڀائر گڏجي يافا مان هلي قيصريہ ۾ ڪُرنيليس نالي هڪ ماڻهوءَ جي گھر پهتاسين. 13هن اسان کي ٻڌايو تہ ڪيئن هڪ دوت کي پنهنجي گھر ۾ بيٺل ڏٺائين، جنهن کيس چيو تہ ’يافا مان انهيءَ ماڻهوءَ کي گھراءِ، جنهن جو نالو شمعون آهي ۽ کيس پطرس ڪري بہ سڏيندا آهن. 14هو تو کي اهي ڳالهيون ٻڌائيندو جن جي وسيلي تو کي ۽ تنهنجي سڄي ڪٽنب کي مڪتي ملندي.‘ 15پوءِ جڏهن مون انهن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو تہ پوِتر آتما انهن تي پرگھٽ ٿي. بلڪل ائين ئي جيئن شروع ۾ اسان تي پرگھٽ ٿي هئي. 16#سن 1:5 تڏهن مون کي پرڀو يسوع جو چوڻ ياد آيو تہ ’يوحنا پاڻيءَ سان بپتسما ڏني هئي، پر اوهان کي پوِتر آتما سان بپتسما ڏني ويندي.‘ 17اهو صاف آهي تہ ايشور ساڳي بخشش غير قومن کي بہ ڏني آهي، جيڪا هن اسان کي پرڀو يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ ڪري ڏني هئي. پوءِ آءٌ ڪير ٿيندو هئس جو ايشور کي روڪي سگھان ها؟“ 18جڏهن انهن هي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ ايشور جي مهما ڪندي چيائون تہ ”واہ! ايشور غير قومن کي بہ جيون حاصل ڪرڻ لاءِ توبهہ ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي.“
انطاڪيا شهر جي وشواسي منڊلي
19 #
سن 8:1-4
استيفنس جي مارجي وڃڻ کان پوءِ بيحد ستايو وڃڻ جي ڪري وشواسي ٽڙي پکڙي ويا. انهن مان ڪي فينيڪي علائقي، قبرص ٻيٽ ۽ شام جي شهر انطاڪيا تائين وڃي پهتا. هو جتي بہ ويا، اتي يهودين کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ پرڀو يسوع بابت ايشور جو سنديش نہ ٻڌائيندا هئا. 20پر انهن مان ٻيا جيڪي قبرص ٻيٽ ۽ ڪريني شهر جا هئا، سي انطاڪيا ۾ وڃي غير قومن کي بہ اها خوشخبري ٻڌائڻ لڳا. 21جيئن تہ انهن تي پرميشور جو هٿ هو، سو گھڻا ئي ماڻهو سندن سنديش ٻڌي وشواس آڻيندي پرڀو يسوع ڏانهن ڦري آيا.
22اهي خبرون جڏهن يروشلم جي وشواسي منڊليءَ ۾ پهتيون تہ انهن برنباس کي انطاڪيا ڏانهن موڪليو. 23-24برنباس هڪ نيڪ شخص هو، جيڪو پوِتر آتما ۽ وشواس سان ڀرپور هو. جڏهن هو اتي پهتو ۽ ڏٺائين تہ ايشور ڪيئن نہ مٿن ڪرپا ڪئي آهي تڏهن هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حوصلہافزائي ڪندي کين چيائين تہ ”پرڀو يسوع سان تن ۽ من سان وفادار رهجو.“ پوءِ اتي گھڻا ئي ماڻهو پرڀو يسوع تي وشواس آڻي منڊليءَ ۾ شامل ٿي ويا.
25پوءِ برنباس سائول جي ڳولا ۾ ترسس ڏانهن ويو. 26جڏهن هن کي ڳولي لڌائين، تڏهن کيس انطاڪيا ۾ وٺي آيو. هو ٻيئي هڪ سال تائين وشواسي منڊليءَ جي ماڻهن سان ملندا رهيا ۽ گھڻن ئي ماڻهن کي سکيا ڏنائون. اهو انطاڪيا ۾ ئي ٿيو جو وشواسي پهريون دفعو مسيحي سڏجڻ لڳا.
27 انهن ڏينهن ۾ ڪي مسيح تي وشواس رکندڙ جيڪي ايشور جو سنديش ڏيندا هئا، سي يروشلم مان انطاڪيا ڏانهن آيا. 28#سن 21:10 انهن مان هڪڙي جو نالو اگبس هو، جيڪو ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ اُٿي بيٺو ۽ پوِتر آتما جي وسيلي اڳڪٿي ڪيائين تہ سڄي رومي حڪومت ۾ ڏاڍو ڏڪار پوڻو آهي. پوءِ قيصر ڪلوديُس جي ڏينهن ۾ ائين ئي ٿيو. 29اها اڳڪٿي ٻڌي وشواسين مان هر هڪ اهو ارادو ڪيو تہ يهوديہ ۾ رهندڙ وشواسي ڀائرن ڀينرن جي مدد لاءِ پنهنجي مالي حيثيت آڌار ڪجھہ موڪلين. 30سو هنن ائين ئي ڪيو ۽ اها امداد برنباس ۽ سائول جي هٿان اتان جي منڊليءَ جي اڳواڻن ڏانهن ڏياري موڪليائون.