YouVersion Logo
Search Icon

سنتن جا ڪم 8

8
1‏-2پوءِ ڪن ڌرمچاري ماڻهن استيفنس کي دفنايو ۽ انهيءَ لاءِ ڏاڍو سوڳ ڪيائون. سائول هن جي قتل تي راضي هو.
سائول جو وشواسي منڊليءَ کي ستائڻ
انهيءَ ڏينهن کان وٺي يروشلم ۾ منڊليءَ کي ڏاڍو ستايو ويو. سنتن کان سواءِ سڀيئي وشواسي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقن ۾ ٽڙي پکڙي ويا.
3 # سن 22‏:4‏-5، 26‏:9‏-11 سائول منڊليءَ کي تباهہ ڪندو رهيو ۽ گھر گھر ۾ گھڙي وشواسي مردن توڙي نارين کي گهلي جيل ۾ وجھرائيندو رهيو.
سامريہ ۾ خوشخبريءَ جو پرچار
4جيڪي وشواسي ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي جتي بہ ويا اتي انهن مسيح بابت ايشور جي سنديش جو پرچار ڪيو. 5سيواداري فلپس سامريہ شهر ۾ ويو ۽ اتي ماڻهن ۾ مسيح جو پرچار ڪرڻ لڳو. 6جڏهن ماڻهن فلپس جو پرچار ٻڌو ۽ اهي چمتڪار ڏٺا جيڪي هن ڪيا، تڏهن سڀيئي گڏجي سندس ڳالهيون دل سان ٻڌڻ لڳا. 7ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي نڪرندا پئي ويا ۽ ڪيترائي اڌرنگي ۽ منڊا ماڻهو چڱا ڀلا ٿي ويا. 8تنهنڪري انهيءَ شهر ۾ ڏاڍيون خوشيون ٿيڻ لڳيون.
9انهيءَ شهر ۾ شمعون نالي هڪ ماڻهو رهندو هو، جنهن ڪجھہ عرصي تائين سامريہ جي ماڻهن کي پنهنجي جادوگريءَ سان حيرت ۾ وجھي ڇڏيو هو. هو دعويٰ ڪندو هو تہ ”آءٌ هڪ وڏي هستي آهيان.“ 10شهر جا ننڍا توڙي وڏا کيس مڃيندا هئا ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي ايشور جي مهان شڪتي ڪري چوندا هئا. 11هو کيس ان ڪري مڃيندا هئا جو هن گھڻي عرصي تائين انهن کي پنهنجي جادوگريءَ جي وسيلي موهي ڇڏيو هو. 12پر جڏهن فلپس ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ ۽ يسوع مسيح جي نالي جو پرچار ڪيو تہ انهن مردن ۽ نارين وشواس آندو ۽ بپتسما ورتائون. 13شمعون پاڻ بہ وشواس آندو ۽ بپتسما وٺي فلپس سان گڏ رهڻ لڳو. هو وڏا وڏا چمتڪار ۽ ڪرامتون ٿيندي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو.
14هوڏانهن يروشلم ۾ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن جڏهن ٻڌو تہ سامريہ جي ماڻهن مسيح بابت ايشور جو سنديش قبول ڪيو آهي، تڏهن پاڻ مان يوحنا ۽ پطرس کي انهن ڏانهن موڪليائون. 15اهي جڏهن اتي پهتا تہ انهن سامرين لاءِ پرارٿنا ڪيائون تہ کين پوِتر آتما ملي، 16ڇاڪاڻ تہ انهن مان اڃا ڪنهن تي بہ پوِتر آتما پرگھٽ نہ ٿي هئي. انهن کي رڳو پرڀو يسوع جي نالي تي بپتسما ڏني ويئي هئي. 17پوءِ پطرس ۽ يوحنا انهن تي پنهنجا هٿ رکيا تہ کين پوِتر آتما ملي ويئي.
18شمعون جڏهن ڏٺو تہ سنتن جي هٿن رکڻ سان پوِتر آتما ٿي ملي، تڏهن يوحنا ۽ پطرس کي پئسا آڇيندي 19چيائين تہ ”مون کي بہ اها اختياري ڏيو تہ جنهن تي پنهنجا هٿ رکان تہ ان کي پوِتر آتما ملي.“ 20تنهن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”شل تون ۽ تنهنجا پئسا ٻئي نرڳ ۾ پئو، جو تون سمجھين ٿو تہ ايشور جي بخشش پئسن سان ملي سگھي ٿي. 21هن ڪم ۾ تنهنجو اسان سان ڪوبہ واسطو يا حصو نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي دل اڃا ايشور ڏانهن صاف نہ ٿي آهي. 22تنهنڪري پنهنجي انهيءَ بڇڙائيءَ تي توبهہ ڪر ۽ پرميشور کي پرارٿنا ڪر تہ شل تو کي تنهنجي دل جي انهيءَ بڇڙي خيال جي معافي ملي. 23مون کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ تون ڪو ڏاڍو ساڙ ۾ سڙيل ۽ بڇڙائيءَ جي ڦندي ۾ ڦاٿل آهين.“ 24تنهن تي پطرس ۽ يوحنا کي شمعون چيو تہ ”اوهين منهنجي لاءِ پرميشور کي پرارٿنا ڪريو تہ جيڪي ڳالهيون اوهان چيون آهن تن مان ڪابہ مون سان نہ ٿئي.“
25مسيح بابت ايشور جي سنديش ٻڌائڻ ۽ پنهنجي شاهدي ڏيڻ کان پوءِ پطرس ۽ يوحنا يروشلم ڏانهن روانا ٿيا. واٽ تي هنن سامريہ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ انهيءَ خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو.
فلپس ۽ حبش جو آفيسر
26 پرميشور جي هڪڙي دوت فلپس کي چيو تہ ”اُٿ، ڏکڻ طرف ان رستي سان وڃ، جيڪو يروشلم کان غزہ ڏانهن بيابان مان وڃي ٿو.“ 27سو فلپس اٿي روانو ٿيو تہ رستي ۾ کيس #8‏:27 حبش انهيءَ زماني ۾ هي ملڪ موجودہ سوڊان ۽ ايٿوپيا ملڪن ۾ واقع هو.حبش جو هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو #8‏:27 خواجہ‌سرا راجائن جي محلاتن ۾ مقرر عملدار جيڪي نامرد يا کدڙا هوندا هئا.خواجہ‌سرا هو. هي ماڻهو حبش جي راڻيءَ جي سڄي خزاني جو وزير هو ۽ يروشلم ۾ ايشور جي ڀڳتي ڪرڻ لاءِ ويو هو. 28هو گھوڙي گاڏيءَ ۾ پنهنجي ديس ڏانهن موٽي رهيو هو ۽ رستي سان سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جو شاستر پڙهندو پئي ويو. 29پوِتر آتما فلپس کي چيو تہ ”ويجھو وڃي انهيءَ گاڏيءَ سان گڏج.“ 30تڏهن فلپس ڊوڙي اوڏانهن ويو ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي يسعياہ سنت جو شاستر پڙهندي ٻڌائين. فلپس کانئس پڇيو تہ ”جيڪي اوهين پڙهو ٿا، سو سمجھو بہ ٿا يا نہ؟“ 31تنهن تي هن وراڻيس تہ ”جيستائين ڪو مون کي نہ سمجھائيندو تيستائين آءٌ ڪيئن سمجھندس؟“ پوءِ هن فلپس کي وينتي ڪئي تہ ”اچي مون سان گڏ ويهو.“ 32#يس 53‏:7‏-8 پوِتر شاستر جو جيڪو حصو انهيءَ پڙهيو پئي سو هي هو تہ
”هو هڪڙي رڍ وانگر آهي،
جنهن کي ڪهڻ لاءِ وٺي ويا،
۽ جهڙيءَ طرح ڪو گھيٽڙو
پنهنجي اُنَ ڪترڻ واري جي اڳيان
گونگو ٿي بيهندو آهي،
تهڙيءَ طرح هن بہ ٻڙڪ نہ ڪڇي.
33ساڻس جٺ ڪيائون ۽ سندس انصاف ڪين ٿيو.
پوءِ ڪهڙي پيڙهي هوندس جنهن جو احوال بيان ڪيو ويندو؟
ڇاڪاڻ تہ کيس جيوت ماڻهن جي جهان مان ڪڍيو ويو.“
34حبش جي آفيسر فلپس کي چيو تہ ”مهرباني ڪري ٻڌايو تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ هيءُ سنت ڪنهن بابت ٿو چوي؟ هو پنهنجي بابت ٿو چوي يا ڪنهن ٻئي بابت؟“ 35تڏهن فلپس پوِتر شاستر کي انهيءَ هنڌ کان شروع ڪري کيس يسوع بابت خوشخبري ٻڌائڻ لڳو. 36‏-37اهي اڳتي هلندي هلندي هڪڙي اهڙي جاءِ تي اچي پهتا جتي پاڻي هو. تنهن تي آفيسر چيو تہ ”ڏسو، هي پاڻي بہ موجود آهي تہ پوءِ مون کي بپتسما وٺڻ کان ڪهڙي جھل آهي؟“#8‏:36‏-37 ڪن مسودن ۾ هي جملا بہ شامل آهن: فلپس چيس تہ ”جيڪڏهن اوهين سچيءَ دل سان وشواس ٿا آڻيو تہ پوءِ ڀلي بپتسما وٺو.“ هن وراڻيو تہ ”آءٌ وشواس آڻيان ٿو تہ يسوع مسيح ايشور جو پٽ آهي.“ 38سو آفيسر گاڏيءَ کي بيهارڻ جو حڪم ڏنو. هو ۽ فلپس ٻئي هيٺ پاڻيءَ ۾ لٿا ۽ فلپس کيس بپتسما ڏني. 39‏-40جڏهن اهي پاڻيءَ مان ٻاهر نڪتا تہ پرڀوءَ جي پوِتر آتما فلپس کي کڻي ويئي ۽ هو اشدود شهر ۾ وڃي نڪتو. آفيسر وري کيس ڏسي نہ سگھيو، پر خوش خوش پنهنجو رستو وٺي هليو ويو. فلپس اشدود کان قيصريہ شهر ۾ پهچڻ تائين واٽ تي سڀني شهرن ۾ خوشخبري ٻڌائيندو ويو.

Currently Selected:

سنتن جا ڪم 8: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in