YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 17

17
يسوع مسيح جو چيلن لاءِ پرارٿنا ڪرڻ
1 انهن ڳالهين ڪرڻ کان پوءِ يسوع آڪاش ڏانهن نهاري پرارٿنا ڪرڻ لڳو تہ ”اي پتا! اها گھڙي اچي پهتي آهي. هاڻي تون پنهنجي پٽ جي جوت ظاهر ڪر تہ جيئن پٽ جي معرفت تنهنجي جوت ظاهر ٿئي. 2تو ئي کيس سڀني انسانن تي اختيار ڏنو آهي تہ جيئن هو هر انهيءَ کي امر جيون بخشي جيڪو تو کيس ڏنو آهي. 3امر جيون اهو آهي تہ اهي تو هڪ سچي ايشور کي ۽ مون يسوع مسيح کي ڄاڻين، جنهن کي تو موڪليو آهي. 4جيڪو ڪم تو مون کي ڪرڻ لاءِ ڏنو هو، سو مون پورو ڪري ڌرتيءَ تي تنهنجي جوت ظاهر ڪئي آهي. 5هاڻي اي پتا! تون پنهنجي شرڻ ۾ مون کي انهيءَ جوت ۾ شريڪ ڪر، جيڪا سنسار جي پيدا ٿيڻ کان اڳ مون کي تو سان گڏ هئي.
6سنسار مان جيڪي ماڻهو تو مون کي ڏنا آهن، تن تي مون تو کي ظاهر ڪيو آهي. اهي تنهنجا هئا ۽ تو ئي مون کي ڏنا. انهن تنهنجي ڳالهين تي عمل ڪيو آهي 7۽ هاڻي انهن اهو ڄاڻي ورتو آهي تہ جيڪي ڪجھہ تو مون کي ڏنو آهي سو سڀ تو وٽان ئي آهي. 8جيڪو سنديش تو مون کي ڏنو، سو مون انهن تائين پهچايو آهي ۽ انهن اهو قبول ڪيو آهي. انهن اها حقيقت ڄاڻي ورتي آهي تہ آءٌ تو وٽان آيو آهيان، بلڪ سندن وشواس آهي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.
9آءٌ انهن لاءِ پرارٿنا ڪريان ٿو، پر سنسار سان واسطو رکندڙن لاءِ نہ. هائو، انهن ماڻهن لاءِ ئي آءٌ پرارٿنا ڪريان ٿو جيڪي تو مون کي ڏنا آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي تنهنجا آهن. 10جيڪي منهنجا آهن سي سڀ تنهنجا آهن ۽ جيڪي تنهنجا آهن سي منهنجا آهن ۽ انهن جي وسيلي منهنجي جوت ظاهر ٿي آهي. 11هاڻي آءٌ تو ڏانهن اچي رهيو آهيان ۽ سنسار ۾ وڌيڪ نہ رهندس، پر اهي اڃا سنسار ۾ رهندا. اي پوِتر پتا! تون پنهنجي پوِتر ذات جيڪا تو منهنجي وسيلي ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ انهن کي قائم رک، انهيءَ لاءِ تہ اهي گڏجي هڪ ٿي رهن، جيئن تون ۽ آءٌ هڪ آهيون. 12#زب 41‏:9، يو 13‏:18 جيستائين آءٌ انهن سان گڏ هئس، تيستائين تنهنجي انهيءَ پوِتر ذات جيڪا تو منهنجي وسيلي ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ کين قائم رکندو آيو آهيان ۽ سندن سنڀال ڪئي اٿم. انهن مان مون ڪوبہ نہ وڃايو آهي، سواءِ انهيءَ جي جيڪو برباد ٿيڻو هو، تہ جيئن پوِتر شاستر جي لکت پوري ٿئي. 13هاڻي آءٌ تو وٽ اچي رهيو آهيان. پر جيستائين آءٌ سنسار ۾ آهيان تيستائين اهي ڳالهيون انهيءَ لاءِ ٻڌايان ٿو تہ جيئن منهنجي پوري خوشي انهن کي حاصل ٿئي. 14مون تنهنجو سنديش انهن جي حوالي ڪيو آهي. سو سنسار انهن کان نفرت ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ جيئن آءٌ سنسار جو نہ آهيان، تيئن اهي بہ سنسار جا نہ آهن. 15منهنجي پرارٿنا اها نہ آهي تہ تون کين سنسار مان کڻي وٺ، پر اها پرارٿنا آهي تہ کين شيطان کان بچاءِ. 16جيئن آءٌ سنسار جو نہ آهيان تيئن اهي بہ سنسار جا نہ آهن. 17بيشڪ تنهنجيون ڳالهيون سچيون آهن. سو سچ جي وسيلي انهن کي مخصوص ڪر. 18جيئن تو مون کي سنسار ۾ موڪليو آهي، تيئن مون بہ انهن کي سنسار ۾ موڪليو آهي. 19آءٌ پاڻ کي انهن جي خاطر انهيءَ لاءِ مخصوص ٿو ڪريان، تہ جيئن اهي بہ سچ جي وسيلي تو لاءِ مخصوص ڪيا وڃن.
20آءٌ رڳو انهن لاءِ پرارٿنا نہ ٿو ڪريان جيڪي تو مون کي ڏنا آهن، پر انهن لاءِ بہ پرارٿنا ڪريان ٿو جيڪي سندن سنديش جي وسيلي مون تي وشواس آڻيندا، 21انهيءَ لاءِ تہ اهي سڀ گڏجي هڪ ٿين. اي پتا! جهڙيءَ طرح تون مون ۾ آهين ۽ آءٌ تو ۾ آهيان، تهڙيءَ طرح شل اهي بہ اسان ۾ گڏجي هڪ ٿين، تہ جيئن سنسار يقين ڪري تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي. 22سو تنهنجي اها جوت جنهن ۾ تو مون کي شريڪ ڪيو آهي تنهن ۾ مون کين شريڪ ڪيو آهي، تہ جيئن اهي گڏجي هڪ ٿين جهڙيءَ طرح اسين پاڻ ۾ هڪ آهيون. 23يعني آءٌ انهن ۾ آهيان ۽ تون مون ۾ آهين، تہ جيئن اهي پوريءَ طرح پاڻ ۾ هڪ ٿي وڃن. اهڙيءَ طرح سنسار ڄاڻي وٺي تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي ۽ تون انهن سان ايترو پيار ڪرين ٿو جيترو تو مون سان ڪيو آهي.
24اي پتا! آءٌ چاهيان ٿو تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن سي اتي مون سان گڏ هجن جتي آءٌ هجان، تہ جيئن اهي منهنجي اها جوت ڏسن جنهن ۾ تو مون کي پاڻ سان انهيءَ لاءِ شريڪ ڪيو آهي جو سنسار جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي تون مون سان پيار ڪرين ٿو. 25اي سچا پتا! سنسار تو کي نہ ڄاتو، پر آءٌ تو کي ڄاڻان ٿو. هنن چيلن بہ ڄاڻي ورتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي. 26مون تو کي انهن تي ظاهر ڪيو آهي ۽ اڃا بہ ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو پيار تو مون سان ڪيو آهي سو انهن ۾ هجي ۽ آءٌ بہ انهن ۾ هجان.“

Currently Selected:

يوحنا 17: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in