يوحنا 15:21-17
يوحنا 15:21-17 HSB
جڏهن هو نيرن ڪري چڪا تڏهن يسوع شمعون پطرس کان پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان هنن کان وڌيڪ پيار ڪرين ٿو؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو پرڀو! اوهين ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”منهنجي گھيٽڙن کي وڃي چار.“ وري ٻيو دفعو يسوع هن کان پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو پرڀو! اوهين ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ تنهن تي يسوع کيس چيو تہ ”منهنجي رڍن جي سنڀال ڪج.“ وري ٽيون دفعو بہ هن کانئس پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنهن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن ٽيون دفعو کانئس پڇيو هو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي پرڀو! اوهان کي سڀني ڳالهين جي سڌ آهي ۽ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ يسوع چيس تہ ”پوءِ منهنجي رڍن کي وڃي چار.