YouVersion Logo
Search Icon

متي 10

10
خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مقرر ڪرڻ
(مرقس 3‏:13‏-19، لوقا 6‏:12‏-16)
1‏-2يسوع پنهنجي ٻارهن چيلن کي سڏائي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کين اختياري ڏيئي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت مقرر ڪيائين، تہ جيئن اهي ڀوتن کي ڪڍين ۽ ماڻهن کي هر قسم جي بيماريءَ ۽ مرض کان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪن. انهن جا نالا هي آهن: شمعون، جنهن کي #10‏:1‏-2 پطرس پطرس يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ”ٽڪر“ آهي (ڏسو متي 16‏:18 پڻ).پطرس ڪري سڏيندا آهن ۽ سندس ڀاءُ اندرياس، زبديءَ جا ٻہ پٽ يعقوب ۽ يوحنا، 3فلپس ۽ برتُلمئي، توما ۽ متي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ تدئي، 4شمعون #10‏:4 قوم‌پرست يهودي قوم جو هڪ ڌرمي غيرتمند ۽ ديش سان پيار رکندڙ ٽولو. اهو ٽولو پنهنجي قوم ۽ فلستي علائقي تي رومي حڪمرانيءَ جو مخالف هو ۽ رومين جي مخالفت ۾ ظلم ۽ تشدد کي جائز سمجھندو هو.قوم‌پرست ۽ يهوداہ اسڪريوتي، جنهن بعد ۾ دغا ڪري يسوع کي پڪڙايو.
ٻارهن سنتن کي موڪلڻ
(مرقس 6‏:7‏-13، لوقا 9‏:1‏-6)
5انهن ٻارهن سنتن کي يسوع روانو ڪندي هي تاڪيد ڪيو تہ ”اوهين غير يهودين جي ڪنهن بہ علائقي ڏانهن يا سامرين جي ڪنهن بہ شهر ۾ نہ وڃجو، 6پر بني اسرائيل، جيڪي ڀَٽڪيل رڍن وانگر آهن تن وٽ وڃجو. 7#لو 10‏:4‏-12 اوهين جتي جتي وڃو تہ اتي اهو اعلان ڪجو تہ ’آڪاش جو راڄ ويجھو آيو آهي.‘ 8بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪجو ۽ مئلن کي جيوت ڪجو، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارن کي ڇٽائي پوِتر ڪجو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍجو. آءٌ هي اوهان کي مفت ۾ ڏيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ مفت ۾ ڏجو. 9کيسي ۾ پاڻ سان ڪوبہ پئسو پائي نہ کڻجو، توڙي جو سون، چانديءَ يا ٽامي جو سڪو ڇو نہ هجي. 10#1.ڪر 9‏:14، 1.تيم 5‏:18 سفر ۾ پاڻ سان نہ ٿيلهو کڻجو، نڪي هڪڙي جوڙي کان وڌيڪ ڪپڙا يا جتيون ۽ نہ وري ڪا لٺ کڻجو، ڇاڪاڻ تہ مزدور پنهنجي کاڌي پيتي جو حقدار آهي.
11سو جڏهن اوهين ڪنهن شهر يا ڳوٺ ۾ وڃو تڏهن جاچ ڪجو تہ اهڙو ڪو آهي جيڪو اوهان جو آڌرڀاءُ ڪري، پوءِ اوهين وٽس ايستائين رهجو جيستائين اُن شهر مان روانا نہ ٿيو. 12گھر ۾ داخل ٿيڻ وقت کيس نمسڪار ڪجو. 13جيڪڏهن گھر جي مالڪ نمسڪار وراڻيو تہ اوهان جو نمسڪار مٿس رهندو، پر جيڪڏهن نہ ورائيندو تہ اوهان جو نمسڪار اوهان ڏانهن موٽي ايندو. 14#سن 13‏:51 جيڪڏهن ماڻهو اوهان جو آڌرڀاءُ نہ ڪن يا اوهان جي ڳالهہ نہ ٻڌن، تہ پوءِ اهو گھر توڙي شهر ڇڏي وڃجو ۽ پنهنجي #10‏:14 پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو هيءَ هڪ يهودي رسم هئي تہ ڪنهن غير يهودي شهر ۾ گھمڻ کان پوءِ ٻاهر نڪرڻ وقت هر اها شيءِ ڇنڊي ڇڏيندا هئا، جيڪا نيم طور اپوِتر ڄاتي ويندي هئي. چيلن کي هي ڪم ان ڳالهہ جي اظهار لاءِ ڪرڻو هو تہ ان شهر جي ماڻهن اسان جو سنديش رد ڪري ڇڏيو آهي، سو سڄي ذميواري سندن مٿان آهي.پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو. 15#مت 11‏:24، پيد 19‏:24‏-28 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ قيامت جي ڏينهن انهيءَ شهر وارا سدوم ۽ عموراہ وارن کان وڌيڪ ڀوڳيندا.“
اچڻ واري مصيبت
(مرقس 13‏:9‏-13، لوقا 21‏:12‏-17)
16 # لو 10‏:3 ”ڏسو، آءٌ اوهان کي ڄڻ تہ رڍن وانگر بگھڙن منجھہ موڪليان ٿو، تنهنڪري اوهين نانگن وانگر چالاڪ ٿجو ۽ ڪبوترن وانگر نہ ڏکوئيندڙ ٿجو. 17#لو 12‏:11‏-12 هوشيار ٿجو، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ وٺي ويندا ۽ پنهنجين ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ اوهان کي چهبڪ هڻندا. 18اوهان کي منهنجي ڪري حاڪمن ۽ راجائن اڳيان پيش ڪيو ويندو. تڏهن اوهين انهن کي توڙي ٻين غير قوم وارن کي بہ آڪاش جي راڄ بابت خوشخبري ٻڌائيندا. 19پر جڏهن هو اوهان کي گرفتار ڪرائين تڏهن اها ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوهان کي ڪهڙو جواب ڏيڻو آهي. جيڪي اوهان کي چوڻو هوندو سو انهيءَ مهل پاڻ ئي اوهان کي ٻڌايو ويندو، 20ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون اوهين ڪندا سي اوهان جون نہ هونديون، پر اوهان جي پتا جي آتما اوهان جي وسيلي اهي ڳالهيون ڪندي.
21ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ ۽ پتا پنهنجي ٻار کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندو. ٻار پنهنجي ماتا پتا جي خلاف اُٿي کڙا ٿيندا ۽ کين مارائي ڇڏيندا. 22#مت 24‏:9‏،13 منهنجي نالي جي ڪري سڀڪو اوهان سان دشمني رکندو. پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ مڪتي آهي. 23جڏهن ماڻهو اوهان کي ڪنهن شهر ۾ ستائين تہ اوهين هڪدم ٻئي شهر ڏانهن هليا وڃجو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اوهين اسرائيل جي سڀني شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پنهنجو ڪم ختم ئي نہ ڪندا تہ منش‌پتر اچي پهچندو.
24 # لو 6‏:40، يو 13‏:16، 15‏:20 چيلو پنهنجي گروءَ کان مٿي نہ هوندو آهي ۽ نہ وري ڪو غلام پنهنجي مالڪ کان. 25#مت 9‏:34، 12‏:24، مر 3‏:22، لو 11‏:15 چيلي لاءِ سٺو اهو آهي تہ هو پنهنجي گروءَ سان هر حال ۾ شامل رهي ۽ غلام لاءِ تہ پنهنجي مالڪ سان. سو جيڪڏهن گھر جي مالڪ کي ئي ڀوتن جو سردار #10‏:25 بعل‌زبول شيطان جو خاص نالو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي تہ هو ڀوتن جو سردار آهي (ڏسو متي 12‏:24 پڻ).بعل‌زبول ڪري سڏيو وڃي تہ سندس گھر جي ڀاتين کي تہ ان کان بہ وڌيڪ بدتر ڪري سڏيندا.“
رڳو ايشور کان ڊڄو
(لوقا 12‏:2‏-7)
26‏-27 # مر 4‏:22، لو 8‏:17 ”تنهنڪري مخالفن کان نہ ڊڄو. جيڪو هينئر آءٌ اوهان کي اونداهيءَ ۾ ٻڌايان ٿو سو اوهين ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ٻڌائجو. جيڪو اوهين اڪيلائي ۾ مون کان ٻڌو ٿا سو کُليو کُلايو پڪارجو، ڇاڪاڻ تہ ڪابہ ڍڪيل شيءِ اهڙي نہ آهي جيڪا پڌري نہ ڪئي ويندي ۽ ڪابہ لڪل ڳالهہ اهڙي نہ آهي جيڪا ظاهر نہ ڪئي ويندي. 28ماڻهن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو شرير کي مارين ٿا پر آتما کي نہ ٿا ماري سگھن. ان جي بدران ايشور کان ڊڄو، جيڪو ٻنهي يعني شرير ۽ آتما کي ماري نرڳ ۾ وجھي سگھي ٿو. 29ڇا هڪ ننڍڙي سڪي ۾ ٻہ جھرڪيون نہ ٿيون وڪامن؟ اهڙين خسيس جھرڪين مان هڪڙي بہ اوهان جي پتا جي مرضيءَ کان سواءِ زمين تي نہ ٿي ڪِري. 30‏-31جڏهن تہ اوهين ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ قيمتي آهيو، ايتري قدر جو اوهان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آهن. تنهنڪري اوهين ايشور کان سواءِ ڪنهن کان نہ ڊڄو.“
يسوع مسيح کي کُليو کُلايو قبول ڪرڻ
(لوقا 12‏:8‏-9)
32”جيڪو ماڻهن جي اڳيان کُليو کُلايو مون کي قبول ڪندو، تنهن کي آءٌ بہ پنهنجي آڪاش واري پتا جي اڳيان قبول ڪندس. 33#2.تيم 2‏:12 پر جيڪو ماڻهن جي اڳيان مون کي قبول نہ ڪندو، تنهن کي آءٌ بہ پنهنجي آڪاش واري پتا جي اڳيان قبول نہ ڪندس.“
صلح نہ، پر تلوار
(لوقا 12‏:51‏-53، 14‏:26‏-27)
34”ائين نہ سمجھو تہ آءٌ ڌرتيءَ تي صلح ڪرائڻ آيو آهيان. منهنجي ڪري صلح نہ ٿيندو، اٽلندو تلوار هلندي. 35#ميڪ 7‏:6 هائو، منهنجي اچڻ ڪري پٽ پتا جي خلاف ٿيندو، ڌيءَ ماتا جي خلاف ۽ نُنهن سس جي خلاف ٿيندي. 36مطلب تہ ماڻهوءَ جا دشمن خود سندس گھر جا ڀاتي ٿيندا.
37جيڪڏهن ڪو پنهنجي ماتا يا پتا کي توڙي پنهنجي ڌيءَ يا پٽ کي مون کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو، سو منهنجي لائق نہ آهي. 38#مت 16‏:24، مر 8‏:34، لو 9‏:23 جيڪو پنهنجي سولي کڻي منهنجي پٺيان نہ ٿو هلي، سو منهنجي لائق نہ آهي. 39#مت 16‏:25، مر 8‏:35، لو 9‏:24، 17‏:33، يو 12‏:25 ڏسو، جيڪو پنهنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو، سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي لاءِ پنهنجي جان وڃائيندو سو اها حاصل ڪندو.“
قبول ڪندڙ جو لاڀ
(مرقس 9‏:41)
40 # مر 9‏:37، لو 9‏:48، 10‏:16، يو 13‏:20 ”جيڪو اوهان کي قبول ٿو ڪري سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو ايشور کي قبول ڪري ٿو جنهن مون کي موڪليو آهي. 41جيڪو سنديش ڏيندڙ سنت کي ايشور جو سنت سمجھي قبول ٿو ڪري، تنهن کي سنت جيترو لاڀ ملندو ۽ جيڪو نيڪ کي نيڪ سمجھي قبول ٿو ڪري، تنهن کي نيڪ جيترو لاڀ ملندو. 42آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي چيلن مان ڪنهن ننڍي ۾ ننڍي کي بہ منهنجو چيلو سمجھي هڪ پيالو ٿڌي پاڻيءَ جو ئي پيئاريندو تہ هن کي انهيءَ جو لاڀ ضرور ملندو.“

Currently Selected:

متي 10: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in