YouVersion Logo
Search Icon

متي 14

14
يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جو قتل
(مرقس 6‏:14‏-29، لوقا 9‏:7‏-9)
1انهن ڏينهن ۾ گليل صوبي جي حڪمران #14‏:1 هيروديس انتپاس هي راجا هيروديس اعظم جو پٽ هو.هيروديس انتپاس جڏهن يسوع جي هاڪ ٻڌي، 2تڏهن پنهنجي نوڪرن کي چيائين تہ ”هي يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو ئي آهي. جيئن تہ هو مئلن مان جيوت ٿي اٿيو آهي، تنهنڪري هو اهي چمتڪار ٿو ڪري.“ 3#لو 3‏:19‏-20 ڪجھہ وقت اڳ هيروديس پنهنجي ڀاءُ فلپس جي پتني هيرودياس جي چوڻ تي يوحنا جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو هو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو هئائين. 4#لاو 18‏:16، 20‏:21 انهيءَ جو سبب اهو هو جو يوحنا هيروديس کي چيو هو تہ ”اوهان لاءِ اهو جائز نہ آهي جو اوهين پنهنجي ڀاءُ فلپس جي جيوت هوندي ئي پنهنجي ڀاڄائي هيرودياس سان شادي ڪريو.“ 5سو هيروديس يوحنا کي مارائڻ پئي چاهيو پر عوام کان ڊنو ٿي، ڇاڪاڻ تہ هنن يوحنا کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ٿي سمجھيو.
6پوءِ هيئن ٿيو هو جو جڏهن هيروديس جي جنم جو ڏينهن آيو تڏهن هيرودياس جي ڌيءَ ماڻهن جي وچ ۾ بيهي ناچ ڪيو. هيروديس ايترو تہ خوش ٿيو 7جو هن قسم کڻي ساڻس وچن ڪيو تہ ”جيڪو گھرندينءَ سو آءٌ ڏيندوسانءِ.“ 8تنهن تي انهيءَ ڪنيا پنهنجي ماتا جي چوڻ تي وراڻيس تہ ”مون کي يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي سسي ٿالهہ ۾ هتي گھرائي ڏيو.“ 9اهو ٻڌي هيروديس کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر جيئن تہ هن مهمانن جي اڳيان قسم کڻي وچن ڪيو هو، تنهنڪري حڪم جاري ڪيائين تہ انهيءَ ڪنيا جي مرضي پوري ٿئي. 10سو ماڻهو موڪلي جيل ۾ يوحنا جي سسي لهرايائين. 11سسي ٿالهہ ۾ وجھي آڻي ڪنيا جي اڳيان رکيائون، جنهن اها پنهنجي ماتا کي ڏيئي ڇڏي. 12ان کان پوءِ يوحنا جي چيلن اچي سندس لاش وٺي ان کي دفن ڪيو هو ۽ يسوع کي اچي ٻڌايو هئائون.
پنجن هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي کارائڻ
(مرقس 6‏:30‏-44، لوقا 9‏:10‏-17، يوحنا 6‏:1‏-14)
13جڏهن يسوع اها خبر ٻڌي تڏهن ڪجھہ وقت اڪيلائيءَ ۾ رهڻ لاءِ هڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي چيلن سميت ڪنهن نويڪلي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويو. جڏهن ماڻهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ پنهنجا شهر ڇڏي پيرين پيادا هن جي پٺيان هليا. 14جڏهن يسوع ٻيڙيءَ مان لٿو تہ هن هڪ وڏو ميڙ ڏٺو. سندس دل ديا سان ڀرجي ويئي، سو اچي انهن جي بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيائين.
15جڏهن شام ٿي تہ سندس چيلا وٽس آيا ۽ چيائونس تہ ”اڳي ئي دير ٿي ويئي آهي ۽ هتي اسين ويران هنڌ تي آهيون. سو ماڻهن کي آگيا ڏيو تہ ڀل ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي پنهنجي لاءِ ڪجھہ وٺي کائين.“ 16پر يسوع وراڻين تہ ”انهن کي وڃڻ جي ضرورت ڪانهي. اوهين ئي انهن کي کائڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“ 17تنهن تي انهن چيس تہ ”اسان وٽ پنجن روٽين ۽ ٻن مڇين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونهي.“ 18يسوع کين چيو تہ ”اهي مون وٽ کڻي اچو.“ 19هن ماڻهن کي بہ چيو تہ ”گاهہ تي ويهي رهو.“ تڏهن يسوع اهي پنج روٽيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي آڪاش ڏانهن نهاريو ۽ انهن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ هن روٽيون ڀڃي چيلن کي ڏنيون ۽ هو اهي مڇيءَ سان گڏ ماڻهن کي ڏيندا ويا. 20سڀني ماڻهن کائي ڍءُ ڪيو، تنهن جي باوجود جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن مان چيلن ٻارهن کاريون ڀريون. 21جن ماڻهن کاڌو تن جو تعداد نارين ۽ ٻارن کان سواءِ اٽڪل پنج هزار هو.
يسوع مسيح جو پاڻيءَ تي پنڌ ڪرڻ
(مرقس 6‏:45‏-52، يوحنا 6‏:16‏-21)
22تڏهن هڪدم يسوع پنهنجي چيلن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري زور ڀريو تہ ”اوهين مون کان اڳ ڍنڍ جي هُن ڀر هلو.“ پوءِ هن ماڻهن جي ميڙ کي بہ موڪل ڏيئي ڇڏي 23۽ پاڻ ٽڪر تي پرارٿنا ڪرڻ ويو. رات تائين هو اتي اڪيلو ئي رهيو. 24انهيءَ مهل تائين ٻيڙي گھڻو پنڌ پري نڪري ويئي هئي ۽ ڇولين جي ڪري لوڏا کائي رهي هئي، ڇاڪاڻ تہ واءُ ان جي سامهون هو. 25رات جي پوئين پهر ۾ يسوع پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو انهن وٽ آيو. 26چيلن جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پاڻيءَ تي پنڌ ڪندي ڏٺو تہ دهلجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هي ڪو جن آهي.“ سو هو ڊپ ۾ وٺي رڙيون ڪرڻ لڳا. 27تنهن تي يسوع هڪدم کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آهيان، دلجاءِ ڪريو.“ 28پوءِ پطرس چيس تہ ”اي پرڀو! جيڪڏهن تون آهين تہ مون کي حڪم ڏي تہ آءٌ پاڻيءَ تي هلي تو وٽ اچان.“ 29تنهن تي يسوع چيس تہ ”ڀلي اچ.“ سو پطرس ٻيڙيءَ مان لٿو ۽ پاڻيءَ تي گھمندو يسوع ڏانهن وڃڻ لڳو. 30پر جڏهن هن طوفان ڏٺو تہ ڊڄي ويو ۽ ٻڏڻ لڳو. ڊپ مان وٺي رڙيون ڪيائين تہ ”اي پرڀو! بچاءِ، بچاءِ.“ 31تڏهن يسوع هڪدم هٿ ڊگھيري جھلي ورتس ۽ چيائينس تہ ”تو شڪ ڇو ڪيو؟ تنهنجو وشواس ڪيڏو نہ ڪمزور آهي.“ 32پوءِ جيئن ئي هو ٻئي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا تہ واءُ بند ٿي ويو. 33تنهن تي جيڪي بہ ٻيڙيءَ ۾ هئا تن سندس اڳيان سيس نوائيندي کيس چيو تہ ”بيشڪ تون ايشور جو پٽ آهين.“
گنيسرت علائقي ۾ بيمارن کي چڱو ڀلو ڪرڻ
(مرقس 6‏:53‏-56)
34يسوع پنهنجي چيلن سان گڏ ڍنڍ پار ڪري گنيسرت جي علائقي ۾ آيو. 35اتان جي ماڻهن هن کي سڃاڻي ورتو. تنهنڪري هنن علائقي جي ڪنڊڪڙڇ مان بيمار ماڻهو گھرائي يسوع وٽ آندا. 36ماڻهن منٿ ڪيس تہ ”اوهين رڳو پنهنجي دامن کي ئي هٿ لائڻ ڏيو.“ تڏهن جن بہ هٿ لاتس سي چڱا ڀلا ٿي ويا.

Currently Selected:

متي 14: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in