YouVersion Logo
Search Icon

متي 7

7
ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو
(لوقا 6‏:37‏-38‏،41‏-42)
1”ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو تہ ايشور بہ اوهان جا عيب نہ اُگھاڙي، 2#مر 4‏:24 ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح ايشور بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو. 3اوهين ڪنهن وشواسي ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک ڇو ٿا ڏسو ۽ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، ان جو خيال ڇو نہ ٿا ڪريو؟ 4اوهين ڪيئن ڪنهن ڀاءُ ڀيڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’پنهنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏهن تہ اوهان جي اک ۾ شهتير پيل آهي. 5اي پاکنڊيؤ! پهريائين اوهين پنهنجي اک مان شهتير ڪڍو تہ پوءِ اوهين انهيءَ ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ڪڍي سگھندا.
6 # 7‏:6 پوِتر شيون... موتي... گھڻو ڪري انهيءَ جملي مان مراد اها آهي تہ جنهن جي سوچ سنساري آهي يا سندس نيت خراب آهي ۽ هو ايشور جي راج جي ڳولا ۾ نہ‌ آهي، تنهن کي نڪي سمجھہ ۽ نہ وري خواهش آهي جو ايشور جي ڳالهين جو قدر ڪري. اوهين پوِتر شيون ڪتن اڳيان نہ اڇلايو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن اڳيان ڦٽا ڪريو. اهي تہ انهن کي رڳو لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوهان کي چيري ڦاڙي وجھندا.“
گھرو، ڳوليو ۽ کڙڪايو
(لوقا 11‏:9‏-13)
7”گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، در کڙڪايو تہ کُليوَ، 8ڇاڪاڻ تہ جيڪو گھرندو آهي تنهن کي ملندو آهي، جيڪو ڳوليندو آهي، سو لهندو آهي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آهي تنهن لاءِ اهو کلندو آهي. 9هاڻي ڇا اوهان ۾ ڪو اهڙو پتا آهي جنهن کان سندس ٻار روٽي گھري تہ هو پٿر ڏئيس؟ 10يا سندس ٻار مڇي گھري تہ نانگ ڏئيس؟ 11جيڪڏهن اوهين باوجود بڇڙا هئڻ جي پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ اوهان جو آڪاش وارو پتا ڪيتريون نہ وڌيڪ چڱيون شيون اوهان کي ڏيندو جيڪي اوهين کانئس گھرندا!
بنيادي اصول
12 # لو 6‏:31 سو هاڻ جهڙو سلوڪ اوهين چاهيو ٿا تہ ماڻهو اوهان سان ڪن، تهڙو سلوڪ اوهين بہ ٻين سان ڪريو. اهو ئي #7‏:12 موسيٰ جي نيم هن مان مراد اهو شاستر آهي، جيڪو موسيٰ جي معرفت مليل ايشور جو نيم سڏيو وڃي ٿو.موسيٰ جي نيم توڙي سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي سکيا جو نچوڙ آهي.“
سوڙهو دروازو
(لوقا 13‏:24)
13”اوهين سوڙهي دروازي مان اندر داخل ٿيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو دروازو ۽ رستو برباديءَ ڏانهن وڃي ٿو سو ويڪرو ۽ ڪشادو آهي ۽ ان مان اندر گھڙڻ وارا گھڻا ئي آهن. 14پر جيڪو دروازو ۽ رستو جيون ڏانهن وڃي ٿو سو ڪيڏو نہ سوڙهو ۽ تنگ آهي ۽ ڪي ٿورا ئي آهن جن کان اهو لڀي ٿو.“
جهڙو وڻ تهڙو ميوو
(لوقا 6‏:43‏-44)
15”سنديش ڏيندڙ انهن سنت سڏائڻ وارن کان هوشيار ٿجو، جيڪي ايشور جا حقيقي سنت نہ آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان وٽ رڍن جي روپ ۾ اچن ٿا پر اندر ۾ اهي وحشي بگھڙ آهن. 16اوهين انهن کي سندن عملن مان سڃاڻي وٺندا، ڇاڪاڻ تہ #7‏:16 ٻٻرن مان ٻير نہ ملندا آهن ۽ نڪي اڪن مان انب هنن سنڌي چوڻين جو مطلب آيت جي اصلي مواد سان ملندڙ جلندڙ آهي. لفظي ترجمو هي آهي ”ڪنڊن مان انگور“ ۽ ”ڪانڊيرن مان انجير.“ٻٻرن مان ٻير نہ ملندا آهن ۽ نڪي اڪن مان انب. 17اهڙيءَ طرح سٺو وڻ ميوو بہ سٺو ڏئي ٿو ۽ خراب وڻ ميوو بہ خراب ڏئي ٿو. 18سٺو وڻ خراب ميوو ڏيئي نہ ٿو سگھي، نڪي خراب وڻ سٺو ميوو ڏيئي سگھي ٿو. 19#مت 3‏:10، لو 3‏:9 جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ٿو ڏئي سو وڍي باهہ ۾ وجھبو آهي. 20#مت 12‏:33 تنهنڪري اوهين انهن سنت سڏائيندڙن کي سندن عملن مان سڃاڻي سگھندا.“
ايشور جي مرضيءَ تي هلو
(لوقا 13‏:25‏-27)
21”جيڪي مون کي ’پرڀو، پرڀو‘ ڪري سڏين ٿا، تن مان سڀڪو آڪاش جي راڄ ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. پر رڳو اهي داخل ٿيندا جيڪي منهنجي آڪاش واري پتا جي مرضيءَ موجب هلن ٿا. 22قيامت جي ڏينهن گھڻا ئي مون کي چوندا تہ ’اي پرڀو! اي پرڀو! اسان تنهنجي نالي تي ايشور جو سنديش نہ ڏنو ڇا؟ اسان تنهنجي نالي تي ڀوت نہ ڪڍيا ڇا؟ اسان تنهنجي نالي تي ڪيترائي چمتڪار نہ ڪيا ڇا؟‘ 23#زب 6‏:8 پر آءٌ کين صاف جواب ڏيئي چوندس تہ ’آءٌ اوهان کي اصل نہ ٿو سڃاڻان. اي ايشور جا نافرمانؤ! مون وٽان هليا وڃو.‘“
پائيدار ۽ ناپائيدار گھر
(لوقا 6‏:47‏-49)
24”تنهنڪري جيڪو بہ منهنجيون هي ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل ڪري ٿو سو اهڙي سياڻي ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پنهنجو گھر ٽڪر تي اڏايو هجي. 25جيتوڻيڪ مينهن ان گھر تي ڏاڍو وسڪارو لاتو، ٻوڏ اچي وڪوڙيس ۽ طوفان سخت سٽون ڏنس تڏهن بہ اهو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ٽڪر تي اڏيل هو. 26پر جيڪو بہ ماڻهو منهنجيون هي ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل نہ ٿو ڪري، سو اهڙي مورک مثل آهي جنهن پنهنجو گھر واريءَ تي اڏايو هجي. 27ان گھر تي مينهن ڏاڍو وسڪارو لاتو، ٻوڏ اچي وڪوڙيس ۽ طوفان سخت سٽون ڏنس تہ گھر ڪري پيو ۽ تباهہ ٿي ويو.“
يسوع مسيح جو اختياريءَ سان سکيا ڏيڻ
28 # مر 1‏:22، لو 4‏:32 جڏهن يسوع هي ڳالهيون چئي چڪو، تڏهن اتي موجود سڄي خلق سندس سکيا تي حيران ٿي ويئي، 29ڇاڪاڻ تہ هن نيم شاسترين وانگر نہ، بلڪ ائين پئي سکيا ڏني جيئن ڪو اختيار وارو ڳالهائي.

Currently Selected:

متي 7: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in