YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 1

1
يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جو پرچار ڪرڻ
(متي 3‏:1‏-12، لوقا 3‏:1‏-18، يوحنا 1‏:19‏-28)
1ايشور جي پٽ يسوع مسيح بابت خوشخبري هن ريت شروع ٿئي ٿي. 2#ملا 3‏:1 سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي شاستر ۾ لکيل آهي تہ
”ايشور چيو تہ ’ڏس،
آءٌ پنهنجي سنديش ڏيندڙ کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو،
تہ هو تنهنجي لاءِ رستو تيار ڪري.‘
3 # يس 40‏:3 هاڻي رڻ‌پٽ ۾ انهيءَ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ
’پرڀوءَ لاءِ رستو تيار ڪريو،
هن جي لاءِ واٽون سڌيون ڪريو.‘“
4تنهنڪري ئي تہ يوحنا رڻ‌پٽ ۾ ظاهر ٿيو هو. هو ماڻهن کي بپتسما ڏئي پيو ۽ پرچار ڪري پيو تہ ”پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪريو ۽ بپتسما وٺو تہ ايشور اوهان جا پاپ معاف ڪري ڇڏي.“ 5تڏهن يهوديہ صوبي، بلڪ ان جي شهر يروشلم جا بہ تمام گھڻا ماڻهو نڪري يوحنا وٽ آيا. انهن پنهنجا پاپ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.
6 # 2.با 1‏:8 يوحنا کي اُٺ جي وارن جا ڪپڙا پاتل هوندا هئا ۽ چيلهہ سان چمڙي جو پٽو ٻڌل هوندو هئس. هو ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي کائيندو هو. 7يوحنا ماڻهن ۾ پرچار ڪندو هو تہ ”منهنجي پٺيان هڪ اهڙو ماڻهو ٿو اچي جنهن جهڙو آءٌ ڪين آهيان، ڇو تہ هو شڪتيءَ وارو آهي. آءٌ انهيءَ لائق بہ نہ آهيان جو نِوڙي سندس جتيءَ جون ڪهيون کوليان. 8آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيان ٿو پر هو اوهان کي پوِتر آتما سان بپتسما ڏيندو.“
يسوع مسيح جو بپتسما وٺڻ ۽ سندس آزمائش
(متي 3‏:13‏–4‏:11، لوقا 3‏:21‏-22، 4‏:1‏-13)
9انهن ڏينهن ۾ يسوع گليل جي ڳوٺ ناصرت کان يوحنا وٽ آيو ۽ يوحنا کيس اردن درياءَ ۾ بپتسما ڏني. 10جيئن ئي يسوع پاڻيءَ مان ٻاهر نڪتو تہ کيس آڪاش کُليل نظر آيو ۽ پوِتر آتما کي ڪبوتر وانگر پاڻ تي لهندو ڏٺائين. 11#پيد 22‏:2، زب 2‏:7، يس 42‏:1، مت 3‏:17، 12‏:18، مر 9‏:7، لو 3‏:22 تڏهن آڪاش مان هڪ آواز آيو تہ ”تون منهنجو پيارو پٽ آهين ۽ آءٌ تو مان ڏاڍو خوش آهيان.“
12پوءِ جلد ئي پوِتر آتما يسوع کي رڻ‌پٽ ڏانهن ڇڪي ويو، 13جتي يسوع کي چاليهن ڏينهن تائين شيطان آزمائيندو رهيو. اتي هن جھنگلي جانورن جي وچ ۾ پئي گذاريو ۽ دوتن سندس سيوا پئي ڪئي.
چئن مهاڻن کي پوئلڳ بڻائڻ
(متي 4‏:12‏-22، لوقا 4‏:14‏-15، 5‏:1‏-11)
14يوحنا جي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ يسوع گليل علائقي ۾ موٽي آيو ۽ ايشور جي خوشخبريءَ جو پرچار ڪرڻ لڳو تہ 15#مت 3‏:2 ”وقت اچي ڀريو آهي ۽ ايشور جو راڄ ويجھو آيو آهي، سو توبهہ ڪريو ۽ انهيءَ خوشخبريءَ تي وشواس آڻيو.“
16 جيئن يسوع گليل ڍنڍ جي ڪناري سان وڃي رهيو هو تہ کيس ٻہ مهاڻا شمعون ۽ سندس ڀاءُ اندرياس نظر آيا، جن ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌا. 17يسوع انهن کي چيو تہ ”اچو ۽ منهنجي پٺيان هلو تہ آءٌ اوهان کي مڇين بدران ماڻهو هٿ ڪرڻ سيکاريان.“ 18سو هو هڪدم ڄار ڦٽا ڪري سندس پٺيان هلڻ لڳا.
19ٿورو اڳڀرو هليو تہ هن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا کي ٻيڙيءَ ۾ ڄارن جي مرمت ڪندي ڏٺو. 20هنن کي ڏسندي ئي يسوع کين سڏ ڪيو تہ انهن پنهنجي پتا کي ٻيڙيءَ ۾ مزدورن سان ڇڏي ڏنو ۽ پاڻ يسوع جي پٺيان هلڻ لڳا.
ڀوت ورتل ماڻهوءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ
(لوقا 4‏:31‏-37)
21 پوءِ يسوع پنهنجي انهن چيلن سميت ڪفرناحوم شهر ۾ آيو جتي #1‏:21 سبت هفتي جو ستون ڏينهن يعني ڇنڇر يهودين جو خاص ڀڳتيءَ جو ڏينهن هوندو هو. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“سبت جي ڏينهن تي ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ وڃي سکيا ڏيڻ لڳو. 22#مت 7‏:28‏-29 ماڻهو هن جي سکيا تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ هن انهن کي نيم شاسترين وانگر نہ، بلڪ ائين پئي سکيا ڏني جيئن ڪو اختيار وارو ڳالهائي.
23ايتري ۾ ڀوت ورتل هڪڙو ماڻهو ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ 24”اي يسوع ناصري! تنهنجو اسان سان ڪهڙو واسطو آهي؟ تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آهين ڇا؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آهين. بيشڪ تون ايشور جي هڪ پوِتر هستي آهين.“ 25پر يسوع هن کي دڙڪو ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر، هن مان نڪري وڃ.“ 26تڏهن ڀوت ماڻهوءَ کي خوب جھنجھوڙيو ۽ زور سان رڙ ڪندي هن مان نڪري ويو. 27تنهن تي سڀ ماڻهو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي آهي ڇا؟ هيءَ تہ نئين سکيا آهي. هيءَ تہ وڏي اختياري آهي. هو ڀوتن کي بہ حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي کيس مڃين ٿا.“ 28جلد ئي هن جي هاڪ گليل جي سڄي علائقي ۾ جتي ڪٿي پکڙجي ويئي.
گھڻن ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ
(متي 8‏:14‏-17، لوقا 4‏:38‏-41)
29ان کان پوءِ يسوع ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نڪري يعقوب ۽ يوحنا سميت شمعون ۽ اندرياس سان گڏ سندن گھر آيو. 30ان وقت شمعون جي سس بخار سبب بستري تي پيئي هئي. سو جيئن ئي يسوع اتي پهتو تہ کيس هن جي بيماريءَ بابت ٻڌايائون. 31يسوع هن وٽ ويو ۽ کيس هٿ کان وٺي اٿاري ويهاريائين تہ انهيءَ دم سندس بخار لهي ويو ۽ هوءَ سندن سيوا ڪرڻ لڳي.
32جڏهن سانجھي ٿي ۽ سج لهي ويو تہ ماڻهن ڪيترائي بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻهو يسوع وٽ آندا. 33سڄو شهر دروازي تي اچي مڙيو. 34يسوع ڪيترن ئي بيمارن کي مختلف مرضن کان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ۽ ڪيترن مان ڀوت ڪڍيائين. هن ڀوتن کي ڳالهائڻ جي آگيا ئي نہ ڏني، ڇاڪاڻ تہ اهي يسوع کي سڃاڻن پيا تہ هو ڪير آهي.
يسوع مسيح جو گليل ۾ پرچار ڪرڻ
(لوقا 4‏:42‏-44)
35صبح جو سوير بلڪل اوندهہ ۾ ئي يسوع اُٿي ٻاهر نڪري ويو ۽ هڪڙي نويڪلي جاءِ تي وڃي پرارٿنا ڪيائين. 36شمعون ۽ هن جا ساٿي يسوع کي ڳولڻ نڪتا 37۽ جڏهن هنن کيس ڏٺو تہ چيائونس تہ ”هر ڪو اوهان کي ڳولي رهيو آهي.“ 38پر يسوع کين چيو تہ ”هلو تہ ڪن ٻين ڀر وارن شهرن ۾ هلون، تہ جيئن اتي بہ آءٌ پرچار ڪريان، ڇو تہ انهيءَ لاءِ ئي آءٌ آيو آهيان.“ 39#مت 4‏:23، 9‏:35 پوءِ هو گليل جي پوري علائقي جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ وڃي پرچار ڪرڻ لڳو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍڻ لڳو.
ڪوڙهہ جهڙي مرض واري کي چڱو ڀلو ڪرڻ
(متي 8‏:1‏-4، لوقا 5‏:12‏-16)
40ڪوڙهہ جهڙي مرض وارو هڪڙو ماڻهو يسوع وٽ آيو ۽ گوڏن ڀر ويهي کيس منٿ ڪندي چيائين تہ ”جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پوِتر ڪري سگھو ٿا.“ 41يسوع کي هن تي ديا آئي، سو پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي چيائينس تہ ”آءٌ چاهيان ٿو تہ تون ڇٽي پوِتر ٿيءُ.“ 42تڏهن هڪدم هن کان ڪوڙهہ جهڙو مرض لهي ويو ۽ هو ڇٽي پوِتر ٿي پيو. 43تڏهن يسوع هڪدم کيس روانو ڪندي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ 44#لاو 14‏:1‏-32 ”متان ڪنهن کي ڪجھہ ٻڌايو اٿيئي، بلڪ سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ پوءِ #1‏:44 موسيٰ جي نيم هن مان مراد اهو شاستر آهي، جيڪو موسيٰ جي معرفت مليل ايشور جو نيم سڏيو وڃي ٿو.موسيٰ جي نيم موجب ٻليدان ڪج، تہ جيئن اها شاهدي ٿئي تہ تون ڇٽي پوِتر ٿي پيو آهين.“ 45پر هن وڃي اها ڳالهہ جتي ڪٿي ٻڌائي ڇڏي، جيڪا ايتري تہ پکڙجي ويئي جو پوءِ يسوع ڪنهن بہ شهر ۾ کُليءَ طرح داخل ٿي نہ سگھيو. پر هو ٻاهر ويران جاين ۾ ٿي رهيو جتي سڀني هنڌن کان ماڻهو وٽس پئي آيا.

Currently Selected:

مرقس 1: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in