YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 11

11
يروشلم ۾ شان سان داخل ٿيڻ
(متي 21‏:1‏-11، لوقا 19‏:28‏-40، يوحنا 12‏:12‏-19)
1 جڏهن يسوع پنهنجي چيلن سميت يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر تي بيت‌فگاہ ۽ بيت‌عنياہ ڳوٺن وٽ پهتو، تڏهن هن پنهنجي ٻن چيلن کي چيو تہ 2”سامهون واري ڳوٺ ۾ وڃو. اوهين جيئن ئي ان ڳوٺ ۾ پهچندا تہ اُتي هڪ کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنهن تي اڃا ڪنهن بہ سواري نہ ڪئي آهي. اوهين انهيءَ کي ڇوڙي هيڏانهن ڪاهي اچو. 3جيڪڏهن ڪوبہ اوهان کان پڇي تہ ’اهو ڇو ٿا ڇوڙيو؟‘ تڏهن کيس چئجو تہ ’گروءَ کي انهيءَ جي ضرورت آهي ۽ جلد ئي هو واپس ڏياري موڪليندو.‘“ 4سو هو روانا ٿي ويا ۽ هڪڙي گھٽيءَ ۾ دروازي جي ٻاهران کودڙو ٻڌل ڏٺائون. جيئن ئي ان کي ڇوڙيائون پئي 5تہ اُتي بيٺل ماڻهن مان ڪن انهن کي چيو تہ ”هي ڇا ٿا ڪريو ۽ کودڙي کي ڇو ٿا ڇوڙيو؟“ 6تنهن تي انهن کين اهو ئي جواب ڏنو جيڪو يسوع چيو هئن. تڏهن انهن اهو ڪاهي وڃڻ ڏنن.
7چيلن اهو کودڙو ڪاهي يسوع وٽ آندو ۽ انهيءَ تي پنهنجيون چادرون وڌائون، پوءِ يسوع ان تي چڙهي ويٺو. 8ڪيترائي ماڻهو پنهنجيون چادرون يسوع جي اڳيان رستي تي وڇائيندا ٿي رهيا ۽ ڪن وري ٻنين مان گاهہ ۽ وڻن جون ٽاميون پٽي آڻي پئي وڇايون. 9#زب 118‏:25‏-26 جيڪي ماڻهو يسوع جي اڳيان ۽ پٺيان پئي هليا تن نعرا پئي هنيا تہ
#11‏:9 ايشور جي مهما هجي اصلي مسودي ۾ هتي عبراني لفظ ”هوشعنا“ استعمال ٿيل آهي، جڏهن تہ گذريل دور ۾ انهيءَ جو مطلب ”اسان کي بچاءِ“ ورتو ويندو هو، پر يسوع مسيح جي دور ۾ اهو مهما جي نعري طور استعمال ڪيو ٿي ويو (ڏسو آيت 10 پڻ).ايشور جي مهما هجي!
سڀاڳو آهي اهو جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي!
10سڀاڳو آهي اسان جي پتا دائود جي گھراڻي جو ايندڙ راڄ!
آڪاش تي ايشور جي مهما هجي!“
11يسوع يروشلم ۾ داخل ٿي هيڪل ۾ ويو ۽ اتي جيڪي وهي واپري پيو تنهن کي چوڌاري نظر ڦيرائي ڏٺائين. پر جيئن تہ ڏينهن ڪافي لڙي چڪو هو، تنهنڪري هو پنهنجي ٻارهن چيلن سان گڏ بيت‌عنياہ ڏانهن هليو ويو.
انجير جي وڻ کي سراپ ڏيڻ
(متي 21‏:18‏-19)
12ٻئي ڏينهن تي جڏهن هو بيت‌عنياہ کان موٽي رهيا هئا تہ رستي تي يسوع کي بک لڳي. 13هن پري کان هڪ انجير جو وڻ ڏٺو، جيڪو ڏاڍو سرسبز هو. انهيءَ ڪري هو اُن وڻ ۾ انجير ڳولڻ ويو تہ شايد ڪجھہ ملي سگھي. پر هو اچي ڏسي تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن آهن، ڇاڪاڻ تہ انجيرن جي مند نہ هئي. 14تنهن تي يسوع انجير جي وڻ کي چيو تہ ”اڄ کان پوءِ وري ڪڏهن بہ ڪو تو مان انجير نہ لهندو.“ سندس چيلن اهو ٻڌو.
واپارين کي هيڪل مان تڙي ڪڍڻ
(متي 21‏:12‏-17، لوقا 19‏:45‏-48، يوحنا 2‏:13‏-22)
15 جڏهن اهي يروشلم ۾ پهتا تہ يسوع هيڪل ۾ ويو ۽ اُتي اڱڻ ۾ جيڪي ماڻهو واپار ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ رُڌل هئا، تن کي تڙي ڪڍڻ لڳو ۽ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين. 16هن ڪنهن کي بہ سامان کڻي هيڪل جي اڱڻ مان اچڻ وڃڻ نہ ڏنو. 17#يس 56‏:7، ير 7‏:11 پوءِ يسوع ماڻهن کي سکيا ڏيندي چيو تہ ”پوِتر شاستر ۾ ايشور اهو فرمايو آهي تہ ’منهنجو گھر سڀني قومن لاءِ پرارٿنا وارو گھر سڏبو،‘ پر اوهان ان کي ’ڌاڙيلن جو اڏو‘ بڻايو آهي.“
18سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين جڏهن اهو ٻڌو تڏهن هو موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳا تہ ڪهڙي طريقي سان يسوع کي مارجي، ڇاڪاڻ تہ هو يسوع کان انهيءَ ڪري ڊڄن پيا جو سڄي خلق هن جي سکيا تي حيران هئي.
19جڏهن شام ٿي تہ يسوع ۽ سندس چيلا شهر مان نڪري هليا ويا.
سراپ ڏنل انجير جي وڻ مان سبق
(متي 21‏:20‏-22)
20ٻئي ڏينهن صبح جو سوير جيئن ئي هو يروشلم ڏانهن پئي آيا تہ رستي تي انهن انجير جو اُهو وڻ ڏٺو، جيڪو هاڻي چوٽيءَ کان وٺي پاڙ تائين سڪي ويو هو. 21تنهن تي پطرس کي سراپ واري ڳالهہ ياد اچي ويئي. تڏهن يسوع کي چيائين تہ ”اي گرو! انجير جي جنهن وڻ کي اوهان سراپ ڏنو هو، سو سڪي ويو آهي.“ 22يسوع انهن کي چيو تہ ”ايشور تي پورو وشواس رکو. 23#مت 17‏:20، 1.ڪر 13‏:2 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن ڪنهن جي دل ۾ شڪ نہ آهي ۽ يقين اٿس تہ ’جيئن آءٌ چوان ٿو ائين ٿيندو،‘ تہ پوءِ جيڪڏهن هو هن جبل کي بہ چوندو تہ ’پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِر،‘ تہ اهو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو. 24تنهنڪري آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪا شيءِ اوهين پرارٿنا ۾ گھرو ٿا تنهن لاءِ يقين ڪريو تہ اها اوهان کي ملي ويئي آهي. تڏهن ئي اها اوهان کي ملندي. 25‏-26#مت 6‏:14‏-15 جڏهن بہ اوهين پرارٿنا ڪريو، تڏهن جيڪڏهن اوهان جو ڪنهن تي رنج آهي تہ انهيءَ کي معاف ڪري ڇڏيو، تہ جيئن اوهان جو پتا جيڪو آڪاش تي آهي سو بہ اوهان جا پاپ اوهان کي معاف ڪري ڇڏي.“#11‏:25‏-26 ڪن مسودن ۾ هي جملو بہ شامل آهي: ”جيڪڏهن اوهين ٻين کي معاف نہ ڪندا، تہ اوهان جو پتا جيڪو آڪاش تي آهي سو بہ اوهان جا پاپ معاف نہ ڪندو“ (ڏسو متي 6‏:15).
يسوع مسيح جي اختياريءَ بابت سوال
(متي 21‏:23‏-27، لوقا 20‏:1‏-8)
27پوءِ يسوع پنهنجي چيلن سان گڏ يروشلم ۾ پهتو. جڏهن هو هيڪل ۾ گھميو پئي تہ سردار ڪاهن، نيم شاستري ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس وٽس آيا. 28انهن پڇيس تہ ”تون ڪهڙي اختياريءَ سان هي ڪم ڪرين ٿو؟ تو کي انهن ڪمن جي اختياري ڪنهن ڏني آهي؟“ 29تنهن تي يسوع انهن کي جواب ڏنو تہ ”آءٌ بہ اوهان کان هڪ سوال ٿو پڇان ۽ جيڪڏهن اوهان مون کي جواب ڏنو تہ آءٌ بہ اوهان کي ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان آءٌ هي ڪم ڪريان ٿو. 30مون کي ٻڌايو تہ يوحنا جيڪا بپتسما ٿي ڏني سا ڪنهن جي طرفان هئي، ايشور جي طرفان يا انسان جي طرفان؟“ 31تنهن تي اهي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”ڇا چئون؟ جيڪڏهن جواب ۾ چئون ٿا تہ ’ايشور جي طرفان،‘ تہ هو چوندو تہ ’پوءِ اوهان يوحنا جي ڳالهين تي ڇو يقين نہ ڪيو؟‘ 32جڏهن تہ کُليو کُلايو ائين بہ نہ ٿا چئي سگھون تہ ’انسان جي طرفان.‘“ انهيءَ جو سبب هي هو جو ماڻهن کان کين ڊپ ٿي ٿيو، ڇو تہ ماڻهو يوحنا کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سچو سنت ڪري مڃين پيا. 33تنهنڪري انهن يسوع کي جواب ڏنو تہ ”اسان کي سڌ نہ آهي.“ تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”پوءِ آءٌ بہ نہ ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان آءٌ هي ڪم ڪريان ٿو.“

Currently Selected:

مرقس 11: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in