YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 5

5
ڀوتن ورتل ماڻهوءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ
(متي 8‏:28‏-34، لوقا 8‏:26‏-39)
1يسوع ۽ سندس چيلا گليل ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر گراسينين جي علائقي ۾ اچي پهتا. 2اڃا يسوع ٻيڙيءَ تان لٿو ئي مس تہ هڪڙو ڀوت ورتل ماڻهو غارن واري قبرستان مان نڪتو. 3هو قبرستان ۾ رهندو هو ۽ کيس زنجيرن سان بہ ڪو ٻڌي نہ ٿي سگھيو. 4هن کي ڪيترائي دفعا لوهہ جي ڪڙين ۽ زنجيرن ۾ ٻڌو ويو هو، پر هن انهن زنجيرن کي ٽوڙي ۽ ڪڙين کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو هو. ڪوبہ مٿس قابو پئجي نہ ٿي سگھيو. 5هو رات ڏينهن قبرستان ۽ ٽڪرن ۾ رڙندو وتندو هو ۽ پٿرن سان پاڻ کي رتوڇاڻ پيو ڪندو هو.
6هن يسوع کي پري کان ڏسي ورتو، سو ڀڄي اچي سندس پيرن تي ڪري پيو 7۽ زور سان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”اي يسوع، پرميشور جا پٽ! تنهنجو مون سان ڪهڙو واسطو آهي؟ آءٌ تو کي وينتي ٿو ڪريان تہ ايشور جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي.“ 8هن اهو انهيءَ ڪري ٿي چيو جو يسوع کيس انهيءَ ماڻهوءَ مان نڪري وڃڻ لاءِ پئي چيو. 9يسوع پڇيس تہ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ ماڻهوءَ جواب ڏنو تہ ”منهنجو نالو لشڪر آهي، ڇاڪاڻ تہ اسين گھڻا ڀوت آهيون.“ 10پوءِ هن ليلائيندي چيس تہ ”اسان کي هن علائقي مان تڙي نہ ڪڍ.“
11اتي ٽڪر جي پاسي ۾ سوئرن جو هڪ وڏو ڌڻ چري رهيو هو. 12سو يسوع کي ڀوتن وينتي ڪئي تہ ”مهرباني ڪري اسان کي موڪل ڏيو تہ سوئرن ۾ گھڙي وڃون.“ 13يسوع انهن کي موڪل ڏني ۽ ڀوت ماڻهوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا. تڏهن ٻہ هزار سوئرن جو اهو سڄو ڌڻ ٽڪر جي چوٽيءَ تان هيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو.
14جيڪي ماڻهو سوئرن جو ڌڻ چاري رهيا هئا، سي ڀڄي ويا ۽ وڃي شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ اها ڳالهہ ٻڌايائون. تڏهن ماڻهو هن واقعي کي ڏسڻ لاءِ نڪري آيا. 15هو يسوع وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوتن جو لشڪر هو سو اتي ويٺو آهي ۽ ڪپڙا پاتل اٿس ۽ پوري هوش حواس ۾ آهي. تڏهن سڀيئي ڊڄي ويا. 16جن اهو واقعو اکين سان ڏٺو هو تن کين ڀوتن ۽ سوئرن بابت سڄي ڳالهہ ڪري ٻڌائي. 17تنهن تي انهن يسوع کي منٿ ڪندي چيو تہ ”مهرباني ڪري اسان جي علائقي مان هليا وڃو.“
18پوءِ جڏهن يسوع ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو پئي تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ اڳ ڀوت هئا تنهن اچي منٿ ڪيس تہ ”مون کي بہ پاڻ سان وٺي هلو.“ 19پر يسوع کيس آگيا نہ ڏني ۽ اٽلندو چيائينس تہ ”گھر مائٽن ڏانهن موٽي وڃ ۽ وڃي انهن کي ٻڌاءِ تہ پرڀوءَ تو لاءِ ڇا ڪيو ۽ ڪيتري قدر هو تو تي ديالو رهيو.“ 20تنهن تي اهو ماڻهو هليو ويو ۽ وڃي دڪاپلس جي شهرن ۾ ٻڌائڻ لڳو تہ يسوع هن لاءِ ڇا ڪيو آهي. سو جن بہ اهو ٻڌو تہ حيران ٿي ويا.
يائرس جي ڌيءَ کي جيوت ۽ ناريءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ
(متي 9‏:18‏-26، لوقا 8‏:40‏-56)
21يسوع جڏهن ٻيڙيءَ ۾ چڙهي وري ٻيءَ ڀر موٽيو تہ ڍنڍ جي ڪناري تي ماڻهن جو وڏو ميڙ ڦري آيس. 22انهيءَ ۾ يائرس نالي هڪ شخص بہ هو، جيڪو يهودين جي ڀڳتيءَ واري مقامي جاءِ جو هڪڙو اڳواڻ هو، سو يسوع کي ڏسندي ئي سندس پيرن تي ڪري پيو. 23هو کيس ڏاڍيون منٿون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”منهنجي ننڍي ڌيءَ مرڻ تي آهي. مهرباني ڪري هلي هٿ گھمايوس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.“ 24تنهن تي يسوع ان سان گڏجي هليو تہ هڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان هلڻ لڳو. ماڻهو ايترا تہ گھڻا هئا جو يسوع تي ڳاهٽ پئي ٿيا.
25انهيءَ ميڙ ۾ هڪڙي اهڙي ناري بہ هئي، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو. 26هن ڪيترن ئي حڪيمن کان علاج ڪرايو هو ۽ جيڪا بہ پنهنجي ميڙي چونڊي هئس سا سڀ خرچ ڪري ڇڏي هئائين ۽ کيس ذري جو بہ فائدو ڪونہ پيو هو، پر اٽلندو وڌيڪ لاچار ٿيندي پئي ويئي. 27انهيءَ ناريءَ يسوع بابت ڳالهيون ٻڌيون هيون، سو ميڙ سان گڏجي سندس پٺيان آئي ۽ يسوع جي ڪپڙن کي هٿ لاتائين، 28ڇاڪاڻ تہ هوءَ دل ۾ چوي پيئي تہ ”جيڪڏهن مون رڳو سندس ڪپڙن کي بہ هٿ لاتو تہ آءٌ چاق ٿي وينديس.“ 29يسوع جي ڪپڙن کي هٿ لائڻ سان ئي سندس رت وهڻ بند ٿي ويو ۽ هوءَ پاڻ کي چڱو ڀلو سمجھڻ لڳي. 30ايتري ۾ يسوع محسوس ڪيو تہ ”مون مان شڪتي نڪتي آهي.“ سو ميڙ ڏانهن ڦري پڇيائين تہ ”منهنجي ڪپڙن کي ڪنهن هٿ لاتو آهي؟“ 31تنهن تي سندس چيلن وراڻيس تہ ”گرو! ماڻهو اوهان تي پيا ڳاهٽ ٿين ۽ اوهين چئو ٿا تہ ’ڪنهن مون کي هٿ لاتو آهي.‘“ 32پر هو جاچيندو رهيو تہ اهو ڪم ڪنهن ڪيو. 33هاڻي جڏهن ان ناريءَ سمجھيو تہ هوءَ چڱي ڀلي ٿي پئي آهي، تڏهن ڊڄندي ۽ ڏڪندي آئي ۽ يسوع جي پيرن تي هٿ رکي کيس سڄي ڳالهہ ڪري ٻڌايائين. 34تنهن تي يسوع کيس چيو تہ ”ڌيءَ! تنهنجي وشواس تو کي ڇٽايو آهي، سو خوش ٿيءُ جو هاڻي آزار کان ڇٽينءَ.“
35يسوع اڃا ڳالهائي ئي رهيو هو تہ يائرس جي گھران ڪي ماڻهو آيا، جن اچي يائرس کي ٻڌايو تہ ”اوهان جي ڌيءَ مري ويئي آهي. سو هاڻي گروءَ کي وڌيڪ تڪليف نہ ڏيو.“ 36يسوع انهيءَ ڳالهہ تي ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو، بلڪ يائرس کي چيائين تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو وشواس رک.“ 37پوءِ يسوع پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ سندس ڀاءُ يوحنا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ اوڏانهن هلڻ جي آگيا نہ ڏني. 38جڏهن اهي يائرس جي گھر وٽ پهتا تہ يسوع ڏٺو تہ گھر ۾ ماتم لڳو پيو آهي ۽ ماڻهو ڏاڍيان روئن پٽين پيا. 39گھر ۾ داخل ٿيندي يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين هُل ڇو ٿا ڪريو ۽ ڇو ٿا روئو رڙو؟ ڪنيا مئي تہ ڪانهي پر ستي پيئي آهي.“ 40تنهن تي اهي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. تنهنڪري هن سڀني کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ رڳو پنهنجي ٽن چيلن ۽ ڪنيا جي ماتا پتا کي ساڻ ڪري اندر ويو جتي اها ڪنيا پيئي هئي. 41هن ڪنيا جي هٿ کي پڪڙي کيس چيو تہ #5‏:41 ”تليٿا قُومي،“ هي ارامي ٻوليءَ جا لفظ آهن.”تليٿا قُومي،“ جنهن جي معنيٰ آهي تہ ”اي ننڍڙي ڪنيا! اُٿ.“ 42تنهن تي ڪنيا هڪدم اُٿي کڙي ٿي ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳي. هن جي عمر ٻارهن سال هئي. اهو ڏسي سڀيئي ڏاڍو حيران ٿي ويا. 43پوءِ يسوع انهن کي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“ هن وڌيڪ چين تہ ”ڪنيا کي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجھہ ڏيو.“

Currently Selected:

مرقس 5: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in