7
پرڻيل ماڻهن جي زندگي گذارڻ بابت سوال
1هاڻي جن ڳالهين بابت اوهان لکي پڇيو آهي، تن مان هڪڙي ڳالهہ اها هئي تہ ”مرد لاءِ چڱو آهي تہ عورت کي هٿ بہ نہ لائي.“ 2پر ٻڌو، جيئن تہ زناڪاري عام آهي، تنهنڪري هر هڪ مڙس پنهنجيءَ زال سان رهي ۽ هر هڪ زال پنهنجي مڙس سان رهي. 3هر مڙس پنهنجيءَ زال جو حق ادا ڪري ۽ ساڳيءَ طرح هر زال بہ پنهنجي مڙس جو. 4زال پنهنجي جسم جي مالڪياڻي نہ آهي، بلڪ سندس مڙس آهي. ساڳيءَ طرح مڙس بہ پنهنجي جسم جو مالڪ نہ آهي، بلڪ سندس زال آهي. 5اوهين هڪٻئي کي حق ادائيءَ کان محروم نہ ڪريو، پر ڀلي هڪٻئي جي رضامنديءَ سان هڪ مقرر وقت لاءِ پرهيز ڪريو، تہ جيئن اوهين دعا گھرڻ ۾ پوريءَ طرح مصروف رهو. پوءِ وري پاڻ ۾ ملو، ڇو تہ متان اوهان جي نفساني برداشت جي گھٽتائيءَ سبب شيطان اوهان کي برغلائي وجھي. 6انهيءَ ڳالهہ جي آءٌ اجازت ڏيان ٿو پر حڪم نہ ٿو ڏيان. 7تنهن هوندي بہ منهنجي اها خواهش آهي تہ سڀ ماڻهو مون وانگر هجن. پر هر ڪنهن ماڻهوءَ کي خدا کان پنهنجي پنهنجي نعمت مليل آهي، ڪنهن کي ڪهڙي تہ ڪنهن کي ڪهڙي.
8جيڪي هن وقت پرڻيل نہ آهن، تن کي ۽ خاص طور رننزالن کي منهنجي صلاح آهي تہ انهن لاءِ اهو سٺو ٿيندو تہ جيئن آءٌ اڪيلو آهيان تيئن هو بہ رهن. 9پر جيڪڏهن ماڻهو پاڻ تي ضابطو رکي نہ ٿا سگھن تہ ڀلي پرڻجن، ڇاڪاڻ تہ جنسي جذبات ۾ سڙڻ کان پرڻجڻ بهتر آهي.
10 #
مت 5:32، 19:9، مر 10:11-12، لو 16:18 باقي جيڪي پرڻيل آهن تن کي آءٌ نہ، بلڪ خداوند عيسيٰ حڪم ٿو ڏئي تہ زال پنهنجي مڙس کان جدا نہ ٿئي 11۽ مڙس بہ پنهنجيءَ زال کي ڇڏي نہ ڏئي. پر جيڪڏهن زال کڻي پنهنجي مڙس کان جدا ٿئي ٿي تہ پوءِ يا تہ هوءَ اڪيلي رهي يا وري پنهنجي مڙس سان پرچي وڃي، پر ٻي شادي نہ ڪري.
12باقي هِنن لاءِ خداوند عيسيٰ جو نہ، بلڪ منهنجو چوڻ آهي تہ جيڪڏهن ايمان واري ڪنهن ڀاءُ جي زال غير ايمان واري هجي ۽ اها ساڻس گڏ رهڻ ۾ راضي هجي تہ هن کي اها ڇڏڻ نہ گھرجي. 13يا جيڪڏهن ايمان واري ڪنهن ڀيڻ جو مڙس غير ايمان وارو هجي ۽ اهو ساڻس گڏ رهڻ ۾ راضي هجي تہ هن کي اهو ڇڏڻ نہ گھرجي. 14انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايمان واري زال جي ڪري غير ايمان وارو مڙس پاڪ ٿئي ٿو ۽ ايمان واري مڙس جي ڪري غير ايمان واري زال پاڪ ٿئي ٿي، نہ تہ جيڪر انهن جا ٻار پليت هجن ها، پر هاڻي اهي پاڪ آهن.
15انهيءَ هوندي بہ جيڪڏهن غير ايمان وارو ڪو مڙس يا زال جدا ٿئي تہ جدا ٿيڻ ڏيوس. اهڙين حالتن ۾ ايمان وارو مڙس يا زال پابند نہ آهي. پر ڏسو، خدا اوهان کي ميل ميلاپ سان رهڻ لاءِ سڏيو آهي. 16اي ڀيڻ! ٿي سگھي ٿو جو تون پنهنجي مڙس لاءِ ڇوٽڪاري جو سبب بڻجين. يا اي ڀاءُ! ٿي سگھي ٿو جو تون پنهنجي زال لاءِ ڇوٽڪاري جو سبب بڻجين.
سڏيو وڃڻ واري حالت ۾ رهو
17آءٌ سڀني ڪليسيائن کي اهو ساڳيو ئي حڪم ٿو ڏيان تہ خدا جنهن کي جهڙيءَ حالت ۾ مسيح ڏانهن سڏيو آهي، اهو انهيءَ حالت ۾ ئي رهي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن جي حالت خداوند عيسيٰ جي طرفان مقرر ڪيل آهي. 18سو جيڪڏهن خدا ڪنهن کي طهريل حالت ۾ سڏيو آهي تہ هو طهر جا نشان نہ لڪائي. پر جيڪڏهن خدا ڪنهن کي اڻطهريل حالت ۾ سڏيو آهي تہ هو طهر نہ ڪرائي. 19طهر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آهي، پر خدا جي حڪمن تي هلڻ ئي سڀ ڪجھہ آهي. 20خدا جنهن کي جهڙيءَ حالت ۾ سڏيو آهي، سو انهيءَ حالت ۾ ئي رهي. 21توڙي جو خدا جي سڏڻ وقت تون غلام آهين تہ بہ فڪر نہ ڪر. پر جيڪڏهن تو کي آزاد ٿيڻ جو موقعو ملي، تہ اهو هٿان نہ وڃاءِ. 22جڏهن تہ جيڪو بہ غلام خداوند عيسيٰ جو ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهي سو خداوند عيسيٰ جو آزاد ڪيل آهي. ساڳيءَ طرح جيڪو بہ آزاد ماڻهو سڏيو ويو آهي سو مسيح جو غلام آهي. 23مُلهہ ڏيئي اوهين خريد ڪيا ويا آهيو، سو ڪنهن انسان جا غلام نہ ٿيو. 24مطلب تہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪو جنهن حالت ۾ سڏيو ويو آهي، سو خدا جي آڏو ساڳيءَ حالت ۾ رهي.
اڻپرڻيل ماڻهن بابت
25ڪنوارو رهڻ يا نہ رهڻ بابت مون کي خداوند جو ڪوبہ حڪم مليل ڪونهي، پر آءٌ، جنهن تي خداوند پنهنجي رحمت نازل ڪئي آهي سو اعتماد جوڳو هئڻ جي حيثيت سان پنهنجي راءِ ٿو ڏيان. 26آءٌ سمجھان ٿو تہ هاڻوڪيءَ مصيبت جي ڪري ماڻهو جهڙو آهي تهڙو ئي رهي تہ چڱو. 27جيڪڏهن ڪو پرڻيل آهي تہ زال کي ڇڏڻ جي ڪوشش نہ ڪري ۽ جيڪڏهن ڪو اڻپرڻيل آهي تہ پرڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪري. 28پر جيڪڏهن ڪو شادي ڪرڻ گھري تہ ڪو گناهہ نہ آهي ۽ جيڪڏهن ڪا ڪنواري شادي ڪندي تہ بہ ڪو گناهہ نہ آهي. ڏسو، جيڪي شادي ڪن ٿا تن کي هن زندگيءَ ۾ تڪليفون اچن ٿيون ۽ انهن کان آءٌ اوهان کي بچائڻ ٿو گھران.
29اي ڀائرو ۽ ڀينرون! چوڻ جو مطلب هي آهي تہ آخري وقت ويجھو اچي چڪو آهي. سو مسيح جي اچڻ جي بنسبت هاڻي کان وٺي پرڻيل ماڻهو پنهنجي شاديءَ کي ڪا اهميت نہ ڏين، 30روئڻ وارا پنهنجي غم کي ڪا اهميت نہ ڏين، خوشي ڪرڻ وارا پنهنجي خوشيءَ کي ڪا اهميت نہ ڏين ۽ خريد ڪرڻ وارا پنهنجي خريد ڪيل شيءِ کي ڪا اهميت نہ ڏين. 31مطلب تہ دنيا جو ڪاروبار ڪرڻ وارا انهيءَ ۾ ئي مگن ٿي نہ وڃن، ڇاڪاڻ تہ هن دنيا جو موجودہ رنگ ڍنگ ختم ٿيڻ وارو آهي.
32منهنجي خواهش اها آهي تہ اوهين دنياوي فڪرن کان آزاد رهو. اڻپرڻيل ماڻهوءَ کي خداوند عيسيٰ جي ڳالهين جو فڪر رهي ٿو تہ هو ڪهڙيءَ طرح خداوند عيسيٰ کي راضي رکي. 33جڏهن تہ پرڻيل ماڻهوءَ کي دنيا جي ڳالهين جو بہ فڪر رهي ٿو تہ هو ڪيئن پنهنجي زال کي راضي رکي. 34سو هن جو ڌيان ورهايل رهي ٿو. ساڳيءَ طرح اڻپرڻيل يا ڪنواري عورت خداوند عيسيٰ جي ڳالهين جي فڪر ۾ رهي ٿي تہ هوءَ ڪيئن جسم ۽ روح جي لحاظ کان هن لاءِ مخصوص ۽ پاڪ رهي. جڏهن تہ پرڻيل عورت کي دنياوي فڪر بہ رهي ٿو تہ هوءَ ڪيئن مڙس کي راضي رکي. 35اهو آءٌ اوهان کي پابند ڪرڻ لاءِ نہ پر اوهان جي ئي فائدي لاءِ ٿو چوان، تہ جيڪو صحيح ۽ مناسب آهي سو ڪريو تہ جيئن اوهين دل وَ جان سان خداوند عيسيٰ جي خدمت ڪندا رهو.
36جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو تہ هن جي ڇوڪري جوانيءَ کان موٽي آهي ۽ کيس ڪنوارو رکي هن ساڻس ناانصافي ڪئي آهي ۽ هاڻي کيس احساس ٿئي ٿو تہ انهيءَ جي شادي ٿيڻ گھرجي، سو ڀلي شادي ڪرائيس. انهيءَ ۾ ڪوبہ گناهہ ڪونهي. 37پر جيڪو ماڻهو پنهنجي ارادي ۾ مضبوط آهي ۽ بغير ڪنهن مجبوريءَ جي پنهنجي دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو اٿائين تہ هو پنهنجي ڇوڪريءَ کي ڪنواري رکندو تہ هو چڱو ٿو ڪري. 38مطلب تہ جيڪو پنهنجي ڪنواري ڇوڪريءَ کي پرڻائي ٿو سو چڱو ٿو ڪري، پر جيڪو کيس نہ ٿو پرڻائي سو وڌيڪ چڱو ٿو ڪري.
39جيستائين مڙس جيئرو آهي تيستائين زال سندس پابند آهي. پر جيڪڏهن سندس مڙس مري وڃي تہ پوءِ هوءَ آزاد آهي، جنهن سان وڻيس تنهن سان پرڻجي، بشرطيڪ اهو مرد خداوند عيسيٰ مسيح جو هجي. 40پر منهنجي راءِ آهي تہ جيڪڏهن اها ٻيهر نہ پرڻجي تہ وڌيڪ سڀاڳي رهندي. اهو آءٌ انهيءَ ڪري ٿو چوان جو آءٌ سمجھان ٿو تہ مون ۾ بہ خدا جو پاڪ روح آهي.