YouVersion Logo
Search Icon

رسولن جا ڪم 4

4
پطرس ۽ يوحنا جي گرفتاري
1پطرس ۽ يوحنا اڃا ماڻهن سان بيٺي ڳالهايو ئي پئي تہ هيڪل جي صوبيدار ۽ ڪاهنن سميت ڪي #4‏:1 صدوقي هي يهودين جو هڪ فرقو هو جن جو عقيدو هو تہ موت کان پوءِ ماڻهو جيئرا نہ ٿيندا. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“ صدوقي انهن تي چڙهي آيا. 2اهي اچي مٿن ڪاوڙيا، ڇاڪاڻ تہ هنن عيسيٰ جو مثال ڏيئي ماڻهن کي تعليم پئي ڏني تہ مئلن کي وري جيئرو ڪيو ويندو. 3سو هنن ٻنهي رسولن کي پڪڙيو، پر جيئن تہ سانجھي ٿي ويئي هئي، تنهنڪري ٻئي ڏينهن صبح تائين هنن کي جيل ۾ رهايو ويو. 4تنهن هوندي بہ پيغام ٻڌندڙن مان ڪيترن ئي عيسيٰ تي ايمان آندو. اهڙيءَ طرح ايمان وارن جو تعداد اٽڪل پنج هزار ٿي ويو.
5ٻئي ڏينهن تي شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن ۽ اڳواڻن جي يروشلم ۾ گڏجاڻي ٿي. 6انهن ۾ وڏو سردار ڪاهن حَنا ۽ هن سان گڏ ڪائفا، يوحنا، سڪندر ۽ ٻيا جيڪي سردار ڪاهن جا مٽ مائٽ هئا، سي شامل هئا. 7انهن پطرس ۽ يوحنا کي پنهنجي اڳيان بيهاري پڇيو تہ ”ڪنهن جي قدرت سان يا ڪنهن جي نالي تي اوهان اهو ڪم ڪيو آهي؟“ 8تنهن تي پطرس پاڪ روح سان ڀرجي چوڻ لڳو تہ ”اي قوم جا اڳواڻو ۽ چڱا مڙ‌‌سؤ! 9جيڪڏهن اڄ اسان کان پڇا ٿي ٿئي تہ اسان معذور ماڻهوءَ سان ڇو چڱائي ڪئي ۽ هو ڪيئن چڱو ڀلو ٿيو، 10تہ پوءِ اوهان بلڪ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ڄاڻڻ کپي تہ هي ماڻهو، جيڪو اوهان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آهي سو عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آهي، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهيو ۽ خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو. 11#زب 118‏:22 عيسيٰ اهو آهي جنهن لاءِ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ
’جنهن پٿر کي اوهان رازن حقير ٿي ڄاتو،
سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.‘
12ڪنهن بہ ٻئي جي هٿ ۾ ڇوٽڪارو نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي هيٺان ماڻهن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونهي جنهن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو ملي.“
13اهي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ هي عام ماڻهو ٿوري تعليم هوندي بہ ڪيڏا نہ دلير آهن! پر پوءِ ڄاتائون تہ هو عيسيٰ جا ساٿي آهن. 14جيئن تہ اهو ماڻهو جيڪو چڱو ڀلو ٿيو هو سو بہ اتي انهن رسولن سان گڏ بيٺل هو، تنهنڪري اهي وڌيڪ ڪجھہ بہ چئي نہ سگھيا. 15تڏهن انهن کين گڏجاڻيءَ کان ٻاهر نڪري وڃڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ 16”اسان هنن ماڻهن کي ڇا ڪريون؟ ڇاڪاڻ تہ يروشلم جو هر هڪ ماڻهو ڄاڻي ٿو تہ هنن هڪ وڏو معجزو ڪيو آهي جنهن جو اسين انڪار ڪري نہ ٿا سگھون. 17پر متان اها ڳالهہ وڌيڪ ماڻهن ۾ پکڙجي وڃي، تنهنڪري اچو تہ هنن کي دڙڪو ڏيون تہ عيسيٰ جي نالي جي وري ڳالهہ نہ ڪن.“
18پوءِ هنن پطرس ۽ يوحنا کي وري پاڻ وٽ سڏايو ۽ کين سختيءَ سان تاڪيد ڪندي چيائون تہ ”ڪنهن بہ صورت ۾ اوهين عيسيٰ جي نالي نڪي ڪجھہ چئو ۽ نہ وري ڪا تعليم ڏيو.“ 19پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏنن تہ ”اوهين پاڻ ئي انصاف ڪريو تہ خدا جي نظر ۾ ڪهڙي ڳالهہ درست آهي، اوهان جو حڪم مڃڻ يا خدا جو. 20اهو ناممڪن آهي تہ اسين اهي ڳالهيون نہ ٻڌايون جيڪي اسان ڏٺيون ۽ ٻڌيون آهن.“ 21تنهن تي ڪائونسل وارن کين وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ تہ ماڻهن جي ڪري کين سزا ڏيڻ جو ڪو طريقو نہ ٿي مليو، ڇو تہ سڀ ماڻهو انهيءَ ڳالهہ سبب خدا جي واکاڻ ڪري رهيا هئا. 22جيڪو ماڻهو معجزي سان چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن جي عمر چاليهن سالن کان بہ مٿي هئي.
ايمان وارن جي همت لاءِ دعا
23جيئن ئي پطرس ۽ يوحنا آزاد ٿيا تہ هو موٽي پنهنجي ساٿين وٽ آيا ۽ جيڪي سردار ڪاهنن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن چيو هئن سو سڀ کين ٻڌايائون. 24#خر 20‏:11، نحم 9‏:6، زب 146‏:6 جڏهن انهن اهو ٻڌو تہ سڀيئي گڏجي وڏي آواز سان خدا کان دعا گھرڻ لڳا تہ ”اي مالڪ! تون ئي آسمان، زمين، سمنڊ ۽ جيڪي ڪجھہ انهن منجھہ آهي تنهن جو خالق آهين. 25#زب 2‏:1‏-2 تو ئي پاڪ روح جي وسيلي پنهنجي ٻانهي ۽ اسان جي وڏي دائود جي واتان چوايو هو تہ
غير قومن ڇو گوڙ مچايو؟
ماڻهن ڇو اجايا خيال ڪيا؟
26 ڌرتيءَ جا بادشاهہ اٿي کڙا ٿيا،
هائو، سڀيئي حاڪم گڏ ٿي
خداوند ۽ سندس مخصوص ڪيل
مسيح جي مخالفت ڪرڻ لڳا.‘
27 # مت 27‏:1‏-2، مر 15‏:1، لو 23‏:1‏،7‏-11، يو 18‏:28‏-29 اهو سچ ثابت ٿيو آهي تہ تنهنجي پاڪ ٻانهي عيسيٰ جنهن کي تو مخصوص ڪري مسيح ڪيو، تنهن جي خلاف گليل صوبي جو حڪمران #4‏:27 هيروديس هي بادشاهہ هيروديس اعظم جو پٽ هو.هيروديس انتپاس ۽ گورنر پنطيس پلاطس، غير قومن ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن سميت هن شهر ۾ اچي گڏ ٿيا. 28اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي تنهنجي هٿان ۽ تنهنجي مرضيءَ موجب اڳي ئي مقرر ٿيل هو سو پورو ٿئي. 29هاڻي اي خداوند! تون هنن جي دڙڪن تي نظر ڪر ۽ اسين، جيڪي تنهنجا ٻانها آهيون تن کي اهڙي توفيق ڏي تہ جيئن اسين بي‌ڊپا ٿي ماڻهن کي مسيح بابت تنهنجو پيغام ٻڌايون. 30تون ماڻهن کي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ اسان تي پنهنجو هٿ رک ۽ اسان جي وسيلي پنهنجي پاڪ ٻانهي عيسيٰ جي نالي تي معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکار.“ 31جڏهن انهن دعا گھري پوري ڪئي تہ اها جاءِ ڌڏي ويئي جتي هو گڏ ٿيا هئا. اهي سڀيئي پاڪ روح سان ڀرجي ويا ۽ مسيح بابت خدا جو پيغام بي‌ڊپا ٿي ماڻهن کي ٻڌائڻ لڳا.
ايمان وارن جو پاڻ ۾ ايڪو
32 # رس 2‏:44‏-45 مسيح تي ايمان رکندڙ سڀيئي دل وَ جان سان گڏ هئا ۽ منجھائن ڪوبہ ائين نہ پيو چوي تہ ”هيءَ شيءِ منهنجي آهي،“ پر هو سڀني شين ۾ هڪجهڙا ڀائيوار هئا. 33رسول وڏيءَ قدرت سان خداوند عيسيٰ جي وري جيئري ٿيڻ جي شاهدي ڏيندا هئا. انهن سڀني ايمان وارن تي خدا جو ڏاڍو فضل هو 34۽ منجھن اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جنهن کي ڪنهن شيءِ جي محتاجي هجي. انهيءَ ڪري جو جن ماڻهن کي ٻنيون يا گھر هئا سي اهي وڪڻي، پئسا آڻي 35رسولن جي قدمن ۾ رکندا هئا، جيڪي هر ڪنهن کي سندس گھرج آهر ڏنا ويندا هئا.
36يوسف نالي هڪ لاوي هو جنهن جو وطن قبرص هو، تنهن کي رسولن برنباس جو لقب ڏنو هو، جنهن جي معنيٰ آهي ”همت‌افزائي ڪندڙ.“ 37انهيءَ وٽ ڪجھہ ٻني هئي، جيڪا هن وڪڻي ان جا پئسا آڻي رسولن جي قدمن ۾ رکيا.

Currently Selected:

رسولن جا ڪم 4: SB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in