YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 19

19
پناهہ جا شهر
(ڳاڻاٽو 35‏:9‏-28، يشوع 20‏:1‏-9)
1موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن خداوند اوهان جو خدا انهن قومن کي تباهہ ڪري ڇڏي، جن جو ملڪ هو اوهان کي ڏيڻ وارو آهي ۽ پوءِ اوهين انهن جي شهرن ۽ گھرن تي قبضو ڪري انهن ۾ رهڻ لڳو، 2‏-3تڏهن انهيءَ ملڪ کي ٽن حصن ۾ ورهائي هر حصي جي وچ تي هڪ هڪ شهر پنهنجي لاءِ ڌار ڪجو. انهن شهرن تائين آسانيءَ سان پهچڻ لاءِ رستا بہ ٺاهجو، انهيءَ لاءِ تہ هر هڪ خوني پناهہ وٺڻ لاءِ ڀڄي اتي وڃي. 4جيڪو خوني پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڀڄي اوڏانهن وڃي، تنهن بابت هي حڪم آهي. ٿي سگھي ٿو تہ ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي بناارادي ماري وجھي، جڏهن تہ اڳي انهيءَ سان ڪابہ دشمني نہ هجيس. 5مثال طور ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ سان گڏجي ڪاٺين وڍڻ لاءِ ٻيلي ۾ وڃي. اتي وڻ وڍڻ لاءِ هو ڪهاڙو کڻي ڌڪ هڻي ۽ ڦر ڳن مان نڪري وڃي سندس پاڙيسريءَ کي لڳي ۽ اهو مري پوي، تہ هو انهن شهرن مان ڪنهن هڪڙي ۾ ڀڄي وڃي پنهنجي جان بچائي. 6ائين نہ ٿئي تہ رڳو هڪڙو ئي شهر هجي. پوءِ خون جو بدلو وٺڻ وارو پنهنجي دل جي جوش کان خونيءَ جي پٺيان پوي ۽ پنڌ پري هئڻ جي ڪري وڃي رستي ۾ پڪڙي کيس ڌڪ هڻي ماري وجھي، جيتوڻيڪ اهو شخص موت جي لائق نہ آهي، ڇوجو اڳي سندن پاڻ ۾ ڪابہ دشمني ڪانہ هئي. 7تنهنڪري ئي آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان تہ اوهين پنهنجي لاءِ ٽي شهر ڌار ڪري ڇڏجو.
8پوءِ جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان جي سرحد کي وڌائي ۽ اهو سڄو ملڪ اوهان کي عطا ڪري، جنهن جي ڏيڻ جو هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان واعدو ڪيو هو، 9‏-10تڏهن اوهين انهن ٽن شهرن کان سواءِ ٻيا بہ ٽي وڌيڪ شهر پنهنجي لاءِ ڌار ڪجو. انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا ميراث طور اوهان کي ڏيڻ وارو آهي تنهن ۾ بي‌گناهہ جو رت نہ وهايو وڃي ۽ اهو خون اوهان جي سر تي نہ پوي. خدا اوهان جي سرحد ضرور وڌائيندو پر شرط هي آهي تہ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي اوهين خبرداريءَ سان عمل ڪندا، خداوند پنهنجي خدا سان محبت رکندا ۽ هميشہ سندس واٽن تي هلندا.
11پر ٿي سگھي ٿو تہ ڪنهن ماڻهوءَ جي پنهنجي پاڙيسريءَ سان ڪا دشمني هجي. سو هو انهيءَ جي لاءِ وجھہ وٺي ويٺو هجي ۽ اوچتو مٿس حملو ڪري کيس اهڙو ڌڪ هڻي جو هو مري پوي. پوءِ جيڪڏهن هو انهن شهرن مان هڪڙي ڏانهن ڀڄي وڃي، 12تہ سندس شهر جا اڳواڻ انهيءَ کي اتان آڻائين ۽ بدلو وٺڻ واري جي حوالي ڪن تہ ڀلي انهيءَ جي هٿان ماريو وڃي. 13اوهين انهيءَ تي قياس نہ ڪجو، بلڪ اهڙيءَ طرح بي‌گناهہ جو خون بني اسرائيل تان ٽاري ڇڏيندا تہ اوهان جو ڀلو ٿيندو.“
حد جا نشان
14 # شر 27‏:17 ”جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ميراث طور ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ پنهنجي پاڙيسريءَ جي حد جا نشان، جيڪي اوهان جي ابن ڏاڏن اوهان جي ميراث جي حصي لاءِ لڳايا هوندا، تن کي نہ هٽائجو.“
شاهديءَ بابت قانون
15 # ڳا 35‏:30، شر 17‏:6، مت 18‏:16، يو 8‏:17، 2.ڪر 13‏:1، 1.تيم 5‏:19، عبر 10‏:28 ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪا بڇڙائي يا گناهہ ڪري ٿو تہ انهيءَ جي خلاف رڳو هڪڙي شخص جي شاهدي ڪافي نہ آهي، بلڪ ٻن يا ٽن شاهدن جي زبانيءَ تي ڳالهہ ثابت ٿيندي. 16جيڪڏهن ڪنهن جو ڪو بدخواہ، ڪوڙو شاهد بڻجي انهيءَ ماڻهوءَ جي غلط ڪم ڪرڻ بابت شاهدي ڏئي، 17تہ اهي ٻئي ماڻهو جن جي وچ ۾ جھڳڙو هجي، سي خداوند جي حضور ۾ ڪاهنن ۽ انهن ڏينهن ۾ جيڪي جج مقرر هجن، تن جي اڳيان اچي حاضر ٿين. 18اهي جج چڱيءَ طرح تحقيقات ڪن. پوءِ جيڪڏهن اهو شاهد ڪوڙو نڪري ۽ پنهنجي قوم واري جي خلاف ڪوڙي شاهدي ڏني هجيس، 19تہ پوءِ اوهين بہ ساڻس اها ئي حالت ڪجو، جيڪا هن پنهنجي قوم واري سان ڪرڻ ٿي گھري. اهڙيءَ طرح اوهين اها بڇڙائي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو. 20پوءِ جڏهن ٻيا ماڻهو اهو ٻڌندا تہ ڊڄي ويندا ۽ اوهان جي وچ ۾ وري اهڙي بڇڙائي نہ ڪندا. 21#خر 21‏:23‏-25، لاو 24‏:19‏-20، مت 5‏:38 انهيءَ معاملي ۾ اوهين ڪو قياس نہ ڪجو، بلڪ جان جي بدران جان، اک جي بدران اک، ڏند جي بدران ڏند، هٿ جي بدران هٿ ۽ پير جي بدران پير جي سزا هوندي.“

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in