31
يشوع موسيٰ جو جاءِنشين
1 موسيٰ سڄي بني اسرائيل کي اهي ڳالهيون ٻڌايون. 2#ڳا 20:12 پوءِ کين وڌيڪ چيائين تہ ”اڄ منهنجي عمر هڪ سؤ ويهہ سال ٿي چڪي آهي، هاڻي آءٌ وڌيڪ اوهان جي اڳواڻي ڪري نہ ٿو سگھان. ٻيو تہ خداوند بہ مون کي چيو آهي تہ ’تون اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر بلڪل نہ ويندين.‘ 3سو هاڻي خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان جي اڳيان پار هلندو. هو انهن قومن کي اوهان جي اڳيان برباد ڪندو ۽ اوهين انهن جي ملڪ تي قبضو ڪندا. خداوند جي فرمان مطابق يشوع اوهان جي اڳواڻي ڪندو. 4#ڳا 21:21-35 خداوند انهن قومن کي ائين ئي برباد ڪندو جيئن امورين جي بادشاهن سيحون ۽ عوج ۽ سندن سڄي ملڪ کي ڪيو هئائين. 5جڏهن خداوند انهن کي اوهان جي حوالي ڪري، تڏهن اوهين ساڻن انهن سڀني حڪمن موجب هلت ڪجو، جيڪي مون اوهان کي ٻڌايا آهن. 6سو اوهين مضبوط ۽ همت وارا ٿيو. ڊڄو نہ، نڪي انهن کان ڪو خوف ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان ساڻ ٿو هلي. هو اوهان کي نااميد نہ ڪندو، نڪي اوهان کي ڇڏي ڏيندو.“
7پوءِ موسيٰ يشوع کي سڏي، بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جي روبرو کيس چيو تہ ”مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تون هن قوم سان گڏجي انهيءَ ملڪ ۾ ويندين، جنهن بابت خداوند هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو تہ اهو کين عطا ڪندو ۽ تون اهو کين ورثي طور ورهائي ڏيندين. 8#يش 1:5، عبر 13:5 خداوند پاڻ اوهان جي رهنمائي پيو ڪري. هو اوهان ساڻ ئي رهندو. هو اوهان کي نااميد نہ ڪندو، نڪي اوهان کي ڇڏي ڏيندو. سو اوهين نہ ڊڄو، نڪي بيهمت ٿيو.“
هر ستين سال شريعت پڙهڻ
9 موسيٰ هيءَ شريعت لکي، بني لاوي ڪاهنن کي جيڪي خداوند جي عهد واري صندوق کڻندا هئا ۽ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن کي ڏني. 10#شر 15:1، 16:13-15 پوءِ موسيٰ کين حڪم ڏيئي چيو تہ ”هر ستين سال جي پڇاڙيءَ ۾، يعني قرضن جي معافيءَ واري سال ۾، تنبن واري عيد جي موقعي تي، 11جڏهن سڀ بني اسرائيل خداوند اوهان جي خدا جي حضور ۾ سندس چونڊيل هنڌ تي اچي حاضر ٿين، تڏهن اوهين هيءَ شريعت انهن سڀني کي پڙهي ٻڌائجو. 12اوهين سڀني ماڻهن يعني مردن، عورتن، ٻارن ۽ جيڪي ڌاريا اوهان جي شهرن ۾ رهندا هجن، تن سڀني کي گڏ ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ هو اها شريعت ٻڌن ۽ خداوند اوهان جي خدا جو خوف رکندي انهيءَ جي سڀني ڳالهين تي خبرداريءَ سان عمل ڪرڻ سکن. 13اهڙيءَ طرح اوهان جو اولاد، جن کي هن شريعت جي باري ۾ ڄاڻ ڪانہ هجي، سي بہ ٻڌن ۽ خداوند اوهان جي خدا جو خوف رکندي انهيءَ تي عمل ڪرڻ سکن، جيستائين اوهان جو نسل انهيءَ ملڪ ۾ زندگي گذاريندو رهي، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين اردن درياءَ جي پار وڃڻ وارا آهيو.“
خداوند جون موسيٰ کي آخري هدايتون
14پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”هاڻي تنهنجي مرڻ جا ڏينهن ويجھا آيا آهن، سو يشوع کي سڏ ۽ پوءِ اوهين ٻيئي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ اچي حاضر ٿيو، تہ آءٌ هن کي هدايتون ڏيان.“ تنهن تي موسيٰ ۽ يشوع وڃي خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ حاضر ٿيا. 15تڏهن خداوند خيمي تي ڪڪر جي ٿنڀي ۾ ظاهر ٿيو. ڪڪر جو اهو ٿنڀو خيمي جي در تي بيهي رهيو.
16 خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي آرامي ٿيندين، پر هي ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ وڃن ٿا، اتي جي ڌارين معبودن جي پٺيان لڳي گمراهہ ٿيندا. هو مون کي ڇڏي ڏيندا ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ٻڌو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا. 17تڏهن ان ڏينهن مون کي مٿن ڏاڍي ڪاوڙ ايندي ۽ آءٌ کين ڇڏي ڏيندس. آءٌ پنهنجو منهن انهن کان ڦيري ڇڏيندس. منجھن تباهي اچي پوندي ۽ گھڻيون ئي آفتون ۽ مصيبتون مٿن اينديون. تڏهن ان ڏينهن اهي چوندا تہ ’ڇا هي آفتون اسان تي انهيءَ ڪري نہ آيون آهن جو اسان جو خدا اسان منجھہ ڪونهي؟‘ 18غير معبودن ڏانهن ڦري جيڪي برايون هنن ڪيون هونديون، تن سڀني جي ڪري آءٌ ضرور کانئن پنهنجو منهن ڦيري ڇڏيندس.
19تنهنڪري هاڻي جيڪو گيت آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو سو تون لکي ڇڏ. اهو تون سڄي بني اسرائيل قوم کي سيکارج ۽ کانئن ڳائرائج، تہ ڀلي اهو گيت سندن خلاف منهنجو شاهد هجي. 20انهيءَ سبب جو تہ جڏهن آءٌ هنن کي انهيءَ آسودي ۽ خوشحال ملڪ ۾ پهچائيندس، جنهن بابت مون سندن ابن ڏاڏن سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو ۽ جتي هو کائي پيٽ ڀري ٿلها متارا ٿيندا، تڏهن هو غير معبودن ڏانهن ڦرندا، انهن جي پوڄا ڪندا، مون کي حقير ڄاڻيندا ۽ منهنجو عهد ڀڃي ڇڏيندا. 21پوءِ جڏهن گھڻيون ئي آفتون ۽ مصيبتون انهن تي اينديون، تڏهن هي گيت شاهد وانگر مٿن شاهدي ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ اهو سندن اولاد کان وسري ڪين ويندو. انهيءَ کان اڳ جو آءٌ کين انهيءَ ملڪ ۾ پهچايان، جنهن بابت مون ساڻن قسم کڻي واعدو ڪيو هو، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ هن وقت هنن جا خيال ڪيڏانهن پيا ڊوڙن.“
22سو موسيٰ اهو گيت بني اسرائيل کي سيکارڻ لاءِ انهيءَ ساڳئي ئي ڏينهن لکيو.
23 #
ڳا 27:23، يش 1:6 خداوند نون جي پٽ يشوع کي هدايت ڪري چيو تہ ”مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تون بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ ۾ وٺي ويندين، جنهن بابت مون ساڻن قسم کڻي واعدو ڪيو آهي. آءٌ پاڻ بہ تو ساڻ هوندس.“
24جڏهن موسيٰ هن شريعت جون سڀيئي ڳالهيون هڪڙي ڪتاب ۾ لکي پوريون ڪيون، 25تڏهن هن لاوين کي، جيڪي خداوند جي عهد واري صندوق کڻندا هئا، حڪم ڏيئي چيو تہ 26”شريعت جو هي ڪتاب کڻي، خداوند پنهنجي خدا جي عهد واري صندوق جي ڀرسان رکي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ اهو بني اسرائيل جي خلاف شاهد هجي، 27ڇاڪاڻ تہ مون کي هنن جي بغاوت ۽ هٺ جي خبر آهي. ڏسو، اڄ تائين جڏهن تہ آءٌ هنن سان جيئرو ويٺو آهيان، تڏهن بہ هنن خداوند جي خلاف بغاوت پئي ڪئي آهي. سو منهنجي مرڻ کان پوءِ ڪيترو نہ وڌيڪ ائين ڪندا. 28اوهين پنهنجن قبيلن جي سڀني سردارن ۽ پنهنجن عملدارن کي مون وٽ آڻي گڏ ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ سندن ڪنن تائين هي ڳالهيون پهچايان ۽ زمين ۽ آسمان کي مٿن شاهد ڪريان. 29مون کي يقين آهي تہ منهنجي مرڻ کان پوءِ اهي پاڻ کي بلڪل بگاڙي ڇڏيندا ۽ جنهن واٽ جو مون کين حڪم ڏنو آهي، تنهن کان ڦري ويندا. تڏهن پوين ڏينهن ۾ هنن تي مصيبتون اينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجن هٿن سان اهڙا ڪم ڪري خداوند کي غصو ڏياريندا، جيڪي سندس نظر ۾ برا آهن.“
موسيٰ جو گيت
30جيڪو گيت خدا موسيٰ کي لکايو هو، سو هن بني اسرائيل جي سڄي قوم کي گڏ ڪري منڍ کان پڇاڙيءَ تائين هن طرح چئي ٻڌايو تہ