YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 4

4
فرمانبرداريءَ لاءِ نصيحت
1پوءِ موسيٰ بني اسرائيل جي ماڻهن کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل! جيڪي قاعدا قانون آءٌ اوهان کي سيکاريان ٿو سي چڱيءَ طرح ٻڌي انهن تي عمل ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيئرا رهو ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، تنهن ۾ داخل ٿي مٿس قبضو ڪريو. 2#مڪا 22‏:18‏-19 جنهن بہ ڳالهہ جو آءٌ اوهان کي حڪم ڏيان ٿو، تنهن ۾ نہ تہ ڪجھہ وڌائجو، نڪي انهيءَ مان ڪجھہ گھٽائجو. اوهين خداوند پنهنجي خدا جي انهن حڪمن تي عمل ڪندا رهجو جيڪي آءٌ اوهان کي ڏيان ٿو. 3#ڳا 25‏:1‏-9 پعور واري بعل معبود جي واقعي ۾ جيڪي خداوند ڪيو، سو اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺو. جيڪي ماڻهو انهيءَ معبود جي پٺيان لڳا، تن سڀني کي خداوند اوهان جي خدا اوهان جي وچ مان برباد ڪري ڇڏيو. 4پر اوهين جيڪي خداوند پنهنجي خدا سان چُهٽيل رهيا، تن مان هر ڪو اڄ ڏينهن تائين جيئرو آهي. 5ڏسو، مون اُهي قاعدا قانون جن جو خداوند منهنجي خدا مون کي حڪم ڏنو آهي، سي اوهان کي سيکاري ڇڏيا آهن، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ وڃو تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو. 6سو اوهين انهن کي مڃيندا ۽ انهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا رهجو، ڇاڪاڻ تہ ٻين قومن جي نظر ۾ اها اوهان جي دانائي ۽ سياڻپ ليکبي. اُهي قومون هنن سڀني قانونن کي ٻڌي چونديون تہ ’بيشڪ هن وڏيءَ قوم جا ماڻهو داناءَ ۽ سياڻا آهن.‘
7هن ڪري جو اهڙي وڏي قوم ڪا ٻي بہ آهي ڇا، جنهن جو معبود انهيءَ کي اهڙو ويجھو هجي جهڙو خداوند اسان جو خدا، هر انهيءَ وقت اسان کي ويجھو آهي، جڏهن اسين کيس پڪاريون ٿا؟ 8اهڙي وڏي قوم ڪا ٻي بہ آهي ڇا، جنهن جا قاعدا قانون اهڙا سچا هجن جهڙي هيءَ سڄي شريعت آهي، جيڪا اڄ آءٌ اوهان جي آڏو رکان ٿو؟ 9سو اوهين خبردار رهجو ۽ پاڻ تي وڏي نظر رکجو. متان اهي ڳالهيون جيڪي اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏيو. متان اهي سڄيءَ عمر ۾ اوهان جي دل تان لهي وڃن، بلڪ اوهين اهي پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن کي بہ سيکاري ڇڏجو. 10خاص ڪري انهيءَ ڏينهن واريون ڳالهيون کين سيکارجو، جنهن ڏينهن اوهين سينا جبل وٽ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺا هئا. ان وقت خداوند مون کي فرمايو هو تہ ’بني اسرائيل قوم کي منهنجي اڳيان آڻي گڏ ڪر، تہ آءٌ انهن کي پنهنجو فرمان ٻڌايان، انهيءَ لاءِ تہ هو پنهنجي سڄي حياتي جيستائين هو زمين تي جيئرا رهن تيستائين مون کان ڊڄڻ سکن ۽ پنهنجن ٻارن کي بہ اهو سيکارين.‘
11 # خر 19‏:16‏-18، عبر 12‏:18‏-19 سو اوهين ويجھا اچي انهيءَ جبل جي هيٺان بيٺا. اهو جبل اونداهي دونهين جي گھاٽن بادلن سان ڍڪيل هو ۽ انهيءَ جي مٿان آسمان جي اندر تائين باهہ پئي ٻري. 12تڏهن خداوند باهہ جي وچ مان اوهان سان ڳالهايو. اوهان ڳالهائڻ جو آواز تہ ٻڌو پر شڪل ڪانہ ڏٺي، رڳو آواز ئي ٻڌو. 13#خر 31‏:18، 34‏:28، شر 9‏:10 هن پنهنجو عهد، جيڪو سندس ڏهن حڪمن جي پوري ڪرڻ تي ٻڌل هو، سو اوهان کي ظاهر ڪري ٻڌايو ۽ انهن حڪمن تي عمل ڪرڻ جو تاڪيد پڻ ڪيو. هن اهي حڪم پٿر جي ٻن تختين تي بہ لکيا. 14#خر 21‏:1 انهيءَ وقت خداوند مون کي حڪم ڏنو تہ آءٌ اوهان کي قاعدا قانون سيکاريان، انهيءَ لاءِ تہ جنهن ملڪ تي اوهين قبضو ڪرڻ وڃو ٿا تنهن ۾ انهن تي عمل ڪريو.“
بت‌پرستيءَ خلاف چتاءُ
15”جنهن ڏينهن خداوند سينا جبل تي باهہ جي وچ مان اوهان سان ڳالهايو هو، تنهن ڏينهن اوهان ڪنهن بہ قسم جي شڪل ڪانہ ڏٺي هئي. تنهنڪري اوهين چڱيءَ طرح خبردار ٿجو، 16#خر 20‏:4، لاو 26‏:1، شر 5‏:8، 27‏:15 متان اوهين پاڻ کي خراب ڪريو، جو پنهنجي لاءِ ڪنهن مرد يا عورت جي صورت جهڙو ڪو تراشيل بت ٺاهيو، 17#رو 1‏:23 يا زمين جي ڪنهن جانور يا وري آسمان ۾ اڏامندڙ ڪنهن پکيءَ جي صورت ٺاهيو، 18يا زمين تي سرندڙ ڪنهن جيت يا پاڻيءَ ۾ رهندڙ ڪنهن مڇيءَ جي صورت ٺاهيو. 19ساڳيءَ طرح متان جڏهن اوهين آسمان ڏانهن نهاريو ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان واريون سڀيئي شيون ڏسي گمراهہ ٿيندي انهن کي سجدو ڪريو ۽ انهن جي پوڄا ڪريو، جن کي خداوند اوهان جي خدا، دنيا جي سڀني قومن جي خدمت لاءِ بڻايو آهي. 20#خر 19‏:5، شر 7‏:6، 14‏:2، 26‏:18، طيط 2‏:14، 1.پط 2‏:9 پر خداوند اوهان کي چونڊي ڪڍيو ۽ لوهہ جي کُوري يعني مصر مان ڪڍي اوهان کي ٻاهر آندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سندس ميراث واري قوم هجو، جيئن اڄ آهيو.
21 # ڳا 20‏:12 اوهان جي ڪري خداوند مون سان بہ ڪاوڙيو ۽ قسم کڻي چيائين تہ ’تون اردن درياءَ جي اولهہ طرف نہ ويندين ۽ نہ وري انهيءَ چڱي ملڪ ۾ داخل ٿيندين، جيڪو آءٌ خداوند سندن خدا کين ورثي طور ڏيندس.‘ 22سو آءٌ هن ئي ملڪ ۾ مري ويندس ۽ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر نہ ويندس. مگر اوهين پرينءَ ڀر ويندا ۽ انهيءَ چڱي ملڪ جا وارث ٿيندا. 23تنهنڪري اوهين خبردار ٿجو، متان اهو عهد جيڪو خداوند اوهان جي خدا اوهان سان ٻڌو آهي، سو وساري ڇڏيو ۽ پنهنجي لاءِ ڪنهن اهڙيءَ شيءِ جي نموني واري شڪل ٺاهيو، جنهن جي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي منع ڪئي آهي. 24#عبر 12‏:29 خداوند اوهان جو خدا، ساڙي رک ڪري ڇڏڻ واري باهہ آهي. هو غيرت وارو خدا آهي.
25مثال طور جڏهن اوهان منجھان ٻار ۽ ٻارن جا ٻار پيدا ٿيندا ۽ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ رهندي گھڻو عرصو ٿي ويندو، پوءِ جيڪڏهن اوهين پاڻ کي خراب ڪري ڪنهن شيءِ جي شڪل بڻائيندا ۽ خداوند پنهنجي خدا جي نظر ۾ اهڙو خراب ڪم ڪري کيس ڪاوڙائيندا، 26تہ آءٌ اڄوڪي ڏينهن زمين ۽ آسمان کي اوهان تي شاهد ڪري چوان ٿو تہ جنهن ملڪ کي هٿ ڪرڻ لاءِ اوهين اردن درياءَ جي پار ٿا وڃو تنهن ۾ اوهين جلد ئي تباهہ ڪيا ويندا. اوهين اتي گھڻا ڏينهن رهي ڪين سگھندا، بلڪ پوريءَ طرح برباد ٿي ويندا. 27#شر 28‏:36 خداوند اوهان کي قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندو ۽ جن قومن ۾ هو اوهان کي وٺي ويندو، تن ۾ اوهان جو باقي بچيل تعداد گھٽ ٿي ويندو. 28اُتي اوهين ماڻهن جي هٿرادو ٺهيل ڪاٺ ۽ پٿر جي معبودن جي پوڄا ڪندا، جيڪي نہ ڏسندا، نہ ٻڌندا، نڪي کائيندا ۽ نہ وري سنگھندا هوندا. 29#ير 29‏:13 پر اتي جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا طالبو ٿيندا تہ هو اوهان سان پرچي پوندو، پر شرط هي آهي تہ اوهين پوريءَ دل وَ جان سان سندس طالبو ٿيو. 30جڏهن اوهين مصيبت ۾ گرفتار ٿيندا ۽ پوين ڏينهن ۾ جڏهن هي سڀ حادثا اوهان تي اچي پوندا، تڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا ۽ سندس فرمانبرداري ڪندا. 31جيئن تہ خداوند اوهان جو خدا، رحيم خدا آهي، سو هو اوهان کي نہ تہ ڇڏي ڏيندو، نڪي برباد ڪندو ۽ نہ ئي وري انهيءَ عهد کي وساريندو جيڪو هن قسم کڻي اوهان جي ابن ڏاڏن سان ٻڌو آهي.“
خداوند ئي خدا آهي
32”جڏهن کان خدا ڌرتيءَ تي انسان کي پيدا ڪيو تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪو زمانو اوهان کان اڳي گذريو آهي، تنهن بابت اوهين پڇا ڪريو. ڪائنات جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين معلوم ڪريو تہ هن عظيم ڪم جهڙو ڪو ٻيو ڪڏهن ٿيو، يا ٻڌڻ ۾ آيو آهي؟ 33ڇا ڪڏهن ڪنهن قوم اوهان وانگر باهہ جي وچ مان معبود جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌو آهي ۽ جيئري رهي آهي؟ 34ڇا ڪڏهن ڪو معبود ڪنهن قوم کي پنهنجو بڻائڻ واسطي هڪڙي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍي آيو آهي، جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا اوهان جي اکين اڳيان پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان مصر ۾ اوهان کي پنهنجو بڻائڻ واسطي ائين ڪري ڏيکاريو آهي؟ هن آزمائشن، عجيب ڪمن ۽ معجزن جي وسيلي جنگين ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان اهڙي قدرت ڏيکاري آهي. 35#مر 12‏:32 اهو سڀ ڪجھہ خدا اوهان کي انهيءَ لاءِ ڏيکاريو تہ جيئن اوهان کي خبر پوي تہ خداوند ئي خدا آهي، انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي. 36هن اوهان کي آسمان مان پنهنجو آواز ٻڌايو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان کي تربيت ڏئي. هن اوهان کي زمين تي وڏي باهہ ڏيکاري ۽ اوهان باهہ جي وچ مان سندس فرمان ٻڌو. 37جيئن تہ هن کي اوهان جي ابن ڏاڏن سان محبت هئي، تنهنڪري انهن کان پوءِ هن انهن جي اولاد کي چونڊيو. هو پنهنجي وڏيءَ قدرت سان اوهان کي مصر مان پاڻ ئي ڪڍي آيو، 38انهيءَ لاءِ تہ اوهان کان وڏين ۽ طاقتور قومن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍي ۽ اوهان کي انهن جي ملڪ ۾ پهچائي ۽ اهو ملڪ اوهان کي ورثي ۾ ڏئي، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي. 39تنهنڪري اڄوڪي ڏينهن اوهين ڄاڻي وٺو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ ڄمائي ڇڏيو تہ مٿي آسمان ۾ توڙي هيٺ زمين تي خداوند ئي خدا آهي، انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي. 40سو اوهين هن جي قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪريو، جيڪي اڄ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ۽ اوهان کان پوءِ اوهان جي اولاد جو ڀلو ٿئي ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي هميشہ لاءِ ڏئي ٿو، تنهن ۾ اوهين وڏي عرصي تائين رهو.“
پناهہ وارا شهر
41 # يش 20‏:8‏-9 پوءِ موسيٰ اردن درياءَ جي اوڀر پاسي ٽي شهر ڌار ڪيا، 42انهيءَ لاءِ تہ جنهن خونيءَ پنهنجي پاڙيسريءَ کي غير ارادي طور ماري وڌو هجي ۽ اڳي انهيءَ سان ڪابہ دشمني نہ هجيس، سو اتي پناهہ وٺي ۽ انهن شهرن مان هڪڙي ۾ وڃي جيئرو رهي. 43اهي شهر هي هئا: بني روبن جي لاءِ بصر شهر جيڪو بيابان جي وچ ۾ اوچي ميدان ۾ آهي، بني جد جي لاءِ رامات شهر جيڪو جِلعاد ۾ آهي ۽ بني منسيءَ جي لاءِ جولان شهر جيڪو بسن ۾ آهي.
شريعت بابت تعارف
44هيءَ اها شريعت آهي جيڪا موسيٰ بني اسرائيل جي اڳيان پيش ڪئي. 45هي ئي اهي حڪم ۽ قاعدا قانون آهن، جيڪي موسيٰ بني اسرائيل جي مصر مان نڪرڻ کان پوءِ کين ٻڌايا. 46هن اهي کين اردن درياءَ جي اوڀر پاسي ماٿريءَ ۾ بيت‌فعور شهر جي سامهون ٻڌايا، يعني امورين جي بادشاهہ سيحون جي ملڪ ۾، جيڪو حشبون ۾ رهندو هو ۽ جنهن کي موسيٰ ۽ بني اسرائيل مصر مان نڪرڻ کان پوءِ شڪست ڏني. 47ان وقت هنن سندس ملڪ کي ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. اهي ٻئي امورين جا بادشاهہ هئا جيڪي اردن درياءَ جي اوڀر پاسي رهندا هئا. 48سندن ملڪ ڏکڻ ۾ برساتي نهر ارنون جي ڪناري واري شهر عيروعير کان وٺي، اتر طرف سريون جبل تائين پکڙيل هو، جنهن کي حرمون بہ ٿا سڏين. 49انهيءَ ۾ اردن درياءَ جي اوڀر پاسي وارو سڄو ميدان ويندي کاري سمنڊ جي پسگاہ جبل وارين لاهين جي هيٺ تائين شامل آهي.

Currently Selected:

شريعت جو دور 4: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in