YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 7

7
خداوند جي خاص قوم
(خروج 34‏:11‏-16)
1 # رس 13‏:19 موسيٰ چيو تہ ”جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تڏهن اتي جون ست قومون يعني حتي، جِرجاشي، اموري، ڪنعاني، فرزي، حِوي ۽ يبوسي، جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقت واريون آهن، تن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍندو. 2پوءِ جڏهن خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي حوالي ڪري ۽ اوهين انهن کي شڪست ڏيو، تڏهن کين بلڪل نابود ڪري ڇڏجو. ساڻن ڪو عهد نہ ڪجو، نڪي مٿن رحم ڪجو. 3اوهين انهن مان شاديون نہ ڪجو، نہ پنهنجيون ڌيئر هنن جي پٽن کي ڏجو، نڪي هنن جون ڌيئر پنهنجن پٽن لاءِ وٺجو. 4اهي اوهان جي اولاد کي خداوند کان ڦيرائي ڇڏيندا، انهيءَ لاءِ تہ هو غير معبودن جي پوڄا ڪن. تڏهن خداوند جو غضب اوهان تي اچي ڪڙڪندو ۽ هو هڪدم اوهان کي برباد ڪري ڇڏيندو. 5#شر 12‏:3 اٽلندو اوهين هنن سان هيءَ هلت ڪجو جو سندن قربان‌گاهون ڊاهي ڇڏجو، هنن جا پوڄا وارا پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏجو. هنن جا يسيرہ ديويءَ نالي وارا ٿنڀي جيان کوڙيل بت ڪيرائي ڇڏجو ۽ سندن تراشيل مورتيون ساڙي ڇڏجو. 6#خر 19‏:5، شر 4‏:20، 14‏:2، 26‏:18، طيط 2‏:14، 1.پط 2‏:9 اوهين خداوند پنهنجي خدا جا چونڊيل آهيو. هائو، هن اوهان کي دنيا جي سڀني قومن مان پنهنجي خاص قوم ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.
7 خداوند جو اوهان کي پسند ڪرڻ ۽ چونڊڻ جو اهو سبب نہ هو تہ ڪو اوهين تعداد ۾ ٻين کان گھڻا هئا، بلڪ اوهين تہ ٻين سڀني قومن کان تمام ٿورا هئا. 8پر خداوند جيئن تہ اوهان سان پيار ٿي ڪيو ۽ جيڪو قسم هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان کنيو هو سو پورو ڪرڻ ٿي چاهيائين، تنهنڪري هن پنهنجي زورآور هٿ سان اُتان اوهان کي ٻاهر ڪڍي آندو، جتي اوهين غلام هئا. هن اوهان کي مصر جي بادشاهہ فرعون جي چنبي مان ڇڏايو. 9#خر 20‏:5‏-6، 34‏:6‏-7، ڳا 14‏:18، شر 5‏:9‏-10 تنهنڪري ياد رکو، تہ خداوند اوهان جو خدا اهو ئي خدا آهي. هو واعدو وفا ڪندڙ خدا آهي. سو جيڪي کيس پيار ٿا ڪن ۽ سندس حڪمن تي عمل ٿا ڪن، تن سان هزارين پيڙهين تائين پنهنجو عهد قائم رکندي ساڻن لافاني شفقت ٿو رکي. 10جيڪي ساڻس دشمني ٿا رکن تن کي بدلي ۾ سندن ڏسندي ئي ڏسندي برباد ٿو ڪري. هو دير نہ ٿو ڪري، بلڪ انهن کان ئي بدلو ٿو وٺي. 11تنهنڪري جيڪي حڪم ۽ قاعدا قانون آءٌ اڄ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا رهجو.“
فرمانبردارن لاءِ برڪتون
(شريعت جو دور 28‏:1‏-14)
12 # شر 11‏:13‏-17 ”تنهنڪري جيڪڏهن اوهين هي فيصلا ٻڌي، انهن کي مڃي مٿن عمل ڪندا، تہ خداوند اوهان جو خدا بہ پنهنجو عهد ۽ لافاني شفقت اوهان سان قائم رکندو، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو. 13هو اوهان کي پيار ڪندو، برڪت ڏيندو ۽ اوهان کي وڌائيندو. جيڪو ملڪ اوهان کي ڏيڻ لاءِ هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن منجھہ اوهان جي اولاد ۾ ۽ زمين جي پيداوار يعني اناج ۾، مئي ۾، زيتون جي تيل ۾ ۽ ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي ڌڻن ۾ برڪت وجھندو. 14اوهان کي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ برڪت عطا ٿيندي. اوهان ۾ توڙي اوهان جي چوپائي مال ۾ ڪوبہ نر يا ڪابہ مادي سنڍ نہ ٿيندي. 15خداوند هر قسم جي بيماري اوهان کان دور ڪندو. مصر جا اُهي سڀ خوفناڪ مرض جن جي اوهان کي خبر آهي، تن مان ڪوبہ مرض هو اوهان تي ڪين موڪليندو، بلڪ انهن کي اوهان جي دشمنن تي موڪليندو. 16اوهين انهن سڀني قومن کي جيڪي خداوند اوهان جو خدا اوهان جي حوالي ڪندو، نابود ڪري ڇڏجو. اوهين انهن تي ڪوبہ قياس نہ ڪجو، نڪي انهن جي معبودن جي پوڄا ڪجو. ائين نہ ٿئي جو اهي اوهان جي لاءِ ڦندو ثابت ٿين.
17جيڪڏهن اوهان جي دل ۾ اهو خيال اچي تہ ’هي قومون اسان کان گھڻيون آهن، اسين هنن کي ڪيئن ڀڄائي ڪڍي سگھنداسين؟‘ 18تڏهن بہ اوهين هنن کان نہ ڊڄجو، بلڪ اهو ياد ڪجو تہ خداوند اوهان جي خدا، فرعون ۽ سڀني مصرين سان ڇا ڇا ڪيو. 19اهي وڏيون وڏيون آزمائشون اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺيون. خداوند اوهان جي خدا هيبتناڪ ڪمن ۽ معجزن جي وسيلي اوهان کي پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان ٻاهر ڪڍي آيو. خداوند اوهان جو خدا انهن سڀني قومن سان بہ ائين ئي ڪندو جن کان اوهين ڊڄو ٿا. 20انهيءَ کان سواءِ خداوند اوهان جو خدا انهن ۾ ٽاڪوڙو وجھندو انهيءَ لاءِ تہ هنن مان جيڪي بچي اوهان کان لڪي پيا هوندا، تن کي بہ تباهہ ڪري ڇڏي. 21سو اوهين انهن کان ڪوبہ خوف نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا جيڪو اوهان جي وچ ۾ آهي سو عظيم ۽ هيبتناڪ خدا آهي. 22هو انهن قومن کي ٿورا ٿورا ڪري اوهان وٽان هٽائي ڇڏيندو. سو اوهين انهن کي هڪدم نابود ڪري نہ ٿا سگھو، ڇو تہ متان جھنگلي جانور گھڻا ٿي اوهان تي حملو ڪن. 23تنهن هوندي بہ خداوند اوهان جو خدا انهن قومن کي اوهان جي حوالي ڪندو ۽ کين اهڙي تہ سخت گھمسان ۾ وجھندو جو اهي بلڪل نابود ٿي ويندا. 24هو انهن جي بادشاهن کي اوهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو. سو اوهين انهن جو نالو ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيندا. جيستائين اوهين انهن کي نابود نہ ڪندا تيستائين ڪوبہ ماڻهو اوهان جي اڳيان بيهي ڪين سگھندو. 25اوهين انهن جي معبودن جي تراشيل مورتين کي ساڙي ڇڏجو. جيڪا چاندي يا سون انهن تي هجي تنهن جي اوهين لالچ نہ ڪجو، نڪي اهي پنهنجي لاءِ کڻجو، متان اوهين انهن ۾ ڦاسي پئو، ڇاڪاڻ تہ اها ڳالهہ خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙي آهي. 26اوهين بتن جي ڪابہ مڪروهہ شيءِ پنهنجي گھر ۾ نہ آڻجو، نہ تہ اوهين بہ انهن وانگر لعنتي ٿيندا. اوهين انهن کان سخت نفرت ڪجو ۽ انهن کي غلاظت ڪري ڄاڻجو، ڇاڪاڻ تہ اهي لعنتي آهن.“

Currently Selected:

شريعت جو دور 7: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in