خروج 13:10-14
خروج 13:10-14 SB
تڏهن موسيٰ پنهنجي لٺ مصر ملڪ جي مٿان ڊگھيري تہ خداوند اهو سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات اوڀر جو واءُ گھلايو. جڏهن صبح ٿيو تہ انهيءَ اوڀر جي واءُ پاڻ سان ماڪڙ آندي. ماڪڙ وڏي ولر جي صورت ۾ آئي ۽ سڄي مصر ملڪ مٿان ڇانئجي ويئي. اها ايتري تہ بيشمار هئي جو اهڙي ماڪڙ نڪي انهيءَ کان اڳي ڪڏهن آئي هئي ۽ نڪي ان کان پوءِ ايندي.





