23
انصاف ۽ سچائيءَ سان هلڻ
1 #
خر 20:16، لاو 19:11-12، شر 5:20 ”اوهين ڪوڙي خبر نہ پکيڙيو، نڪي ڪوڙي شاهدي ڏيئي بڇڙي ماڻهوءَ جا ساٿي ٿيو. 2اوهين بڇڙائي ڪرڻ ۾ ماڻهن جي انبوهہ جي پيروي نہ ڪريو، نڪي ڪنهن معاملي ۾ ناحق ڪرڻ لاءِ گھڻن ماڻهن جو طرف وٺي پنهنجي شاهدي ڦيرايو. 3#لاو 19:15 اوهين ڪنهن غريب ماڻهوءَ جي معاملي ۾ بہ سندس ناجائز طرفداري نہ ڪريو.
4 #
شر 22:1-4
جيڪڏهن اوهين پنهنجي دشمن جو ڏاند يا گڏهہ رلندو ڏسو، تہ اهو ضرور ورائي آڻي انهيءَ کي ڏيو. 5جيڪو ماڻهو اوهان کي ڌڪاري ٿو، جيڪڏهن اوهين انهيءَ جو گڏهہ بار هيٺ دٻيل ڏسو، تہ کيس ڇڏي هليا نہ وڃو، بلڪ ضرور سندس مدد ڪريو.
6 #
لاو 19:15، شر 16:19 اوهين ڪنهن غريب سان سندس معاملي ۾ ناحق نہ ڪريو. 7ڪوڙيءَ تهمت کان پاڻ کي پري رکو. بيگناهہ ۽ سچار کي قتل نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بڇڙي کي بيڏوهي قرار نہ ڏيندس. 8اوهين رشوت نہ وٺو، ڇاڪاڻ تہ رشوت سڄن کي انڌو ڪريو ڇڏي ۽ سچارن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي. 9#خر 22:21، لاو 19:33-34، شر 24:17-18، 27:19 اوهين ڌارئي تي ظلم نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي ڌارئي جي دل جي خبر آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا.“
ستين سال ۽ ستين ڏينهن بابت
10 #
لاو 25:1-7
”ڇهہ سال اوهين پنهنجيءَ زمين ۾ پوک ڪريو ۽ انهيءَ جو فصل گڏ ڪريو. 11پر ستين سال انهيءَ کي ساهي ڏيو ۽ منجھس پوک نہ ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي قوم جا غريب پاڻمرادو ٿيل فصل کائي ڍءُ ڪن ۽ جيڪي باقي بچائين سو جھنگ جا جانور چرن. اوهين پنهنجي انگورن ۽ زيتونن جي باغ سان بہ ائين ئي ڪريو.
12 #
خر 20:9-11، 31:15، 34:21، 35:2، لاو 23:3، شر 5:13-14 ڇهہ ڏينهن اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪريو، پر ستين ڏينهن آرام ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي ڏاندن ۽ گڏهن کي بہ آرام ملي. ساڳئي نموني اوهان جا غلام ۽ ڌاريا بہ آرام وٺي تازا توانا ٿين. 13جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي چيون آهن، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪريو. غير معبودن جي پوڄا نہ ڪريو بلڪ انهن جي نالي جو ذڪر بہ نہ ڪريو.“
سال جون ٽي وڏيون عيدون
(خروج 34:18-26، شريعت جو دور 16:1-17)
14”اوهين سال ۾ ٽي دفعا منهنجي لاءِ عيد ملهايو. 15#خر 12:14-20، لاو 23:6-8، ڳا 28:17-25 اوهين بيخميري مانيءَ جي عيد ياد ڪري ملهايو. ابيب مهيني جي مقرر ڪيل وقت تي، جيئن مون اوهان کي حڪم ڪيو آهي، تيئن ست ڏينهن اوهين جيڪا ماني کائو تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا. ڪوبہ منهنجي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي. 16#لاو 23:15-21،39-43، ڳا 28:26-31 لاباري جي عيد، يعني جيڪي اوهين پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکيو تنهن جي پهرين پيداوار جي عيد ملهايو. سال جي پڇاڙيءَ ۾ جڏهن اوهين پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪيل پورهئي جو ڦل گڏ ڪريو، تڏهن تنبن واري عيد ملهايو. 17سال ۾ ٽي دفعا اوهان جا سڀ مرد مون خداوند پنهنجي مالڪ جي آڏو اچي حاضر ٿين.
18اوهين منهنجي لاءِ جيڪا جانورن جي قرباني ڪريو، تنهن جو رت، خميري مانيءَ سان گڏ نذر نہ ڪريو، نڪي منهنجي عيد جي چرٻي صبح تائين باقي رهڻ ڏيو.
19 #
خر 34:26، شر 14:21، 26:2 اوهين پنهنجي زمين جي پهرين پيداوار جو بهترين ڀاڱو مون خداوند پنهنجي خدا جي گھر ۾ آڻيو.
اوهين ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌيو.“
واعدا ۽ هدايتون
20”ڌيان سان ٻڌو، آءٌ هڪڙو فرشتو اوهان جي اڳيان ٿو موڪليان تہ رستي ۾ اوهان جي نگهباني ڪري. هو اوهان کي انهيءَ جاءِ ۾ پهچائيندو جيڪا مون تيار ڪئي آهي. 21اوهين انهيءَ ڏانهن پورو ڌيان ڏيو ۽ سندس چيو مڃو. هن سان سرڪشي نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ کيس منهنجي اختياري هوندي، سو هو اوهان جي خطا معاف نہ ڪندو. 22پر جيڪڏهن اوهين سچ پچ هن جو چيو مڃيندا ۽ جيڪي ڪجھہ آءٌ چوان ٿو سو سڀ ڪندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان جي دشمنن جو دشمن ٿيندس ۽ اوهان جي مخالفن جو مخالف ٿيندس. 23جڏهن منهنجو فرشتو اوهان جي اڳيان هلندو رهندو ۽ اوهان کي امورين، حتين، فرزين، ڪنعانين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ اندر وٺي ويندو تڏهن آءٌ انهن کي بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندس. 24اوهين انهن جي معبودن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، نڪي انهن جهڙا ڪم ڪريو، بلڪ اوهين انهن کي اصل ڊاهي ڇڏيو ۽ انهن جا ٿنڀي جيان کوڙيل پوڄا وارا پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو.
25مون خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو تہ آءٌ اوهان جي کاڌي پيتي ۾ برڪت وجھندس. آءٌ اوهان جي وچان بيماريون ڪڍي ڇڏيندس. 26اوهان جي ملڪ ۾ ڪنهن بہ عورت جو حمل نہ ڪرندو، نہ وري ڪا سنڍ ٿيندي. آءٌ اوهان جي عمر جي ڏينهن جو شمار پورو ڪندس.
27آءٌ اوهان جي دشمنن جي دلين ۾ پنهنجي دهشت اڳ ۾ ئي وجھي ڇڏيندس. پوءِ جن ماڻهن تي اوهين حملو ڪندا تن سڀني کي آءٌ شڪست ڏيندس. اوهان جي سڀني دشمنن کي آءٌ اوهان جي سامهون پٺي ڏياري ڀڄائيندس. 28آءٌ اوهان کان اڳ ۾ حوين، ڪنعانين ۽ حتين ۾ اهڙو ٽاڪوڙو وجھندس جو اهي اوهان جي اڳيان پنهنجو ملڪ ڇڏي ڀڄي نڪرندا. 29آءٌ انهن کي هڪڙي ئي سال ۾ اوهان کان پري نہ هٽائي ڇڏيندس، ڇو تہ متان زمين ويران ٿي پوي ۽ جھنگلي جانور وڌي وڃن ۽ اوهان کي ستائين. 30سو ٿورا ٿورا ڪري آءٌ اهي ڀڄائي ڪڍندس، جيستائين اوهين وڌي وڃو ۽ زمين جا وارث ٿيو.
31آءٌ ڳاڙهي سمنڊ کان وٺي فلستين جي سمنڊ تائين ۽ بيابان کان وٺي فرات نديءَ تائين اوهان جي حد مقرر ڪندس. هن ڪري جو آءٌ انهيءَ ملڪ جا رهاڪو اوهان جي حوالي ڪندس ۽ اوهين انهن کي اتان ڀڄائي ڪڍندا. 32اوهين انهن سان يا انهن جي معبودن سان ڪوبہ عهد نہ ڪريو. 33انهن ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ نہ ڏيو. متان هو اوهان کان منهنجي خلاف گناهہ ڪرائين، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اوهين انهن جي معبودن جي پوڄا ڪندا تہ اهو اوهان جي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿيندو.“