YouVersion Logo
Search Icon

خروج 2:31-5

خروج 2:31-5 SB

”ڌيان سان ٻڌ، مون يهوداہ جي قبيلي مان اوريءَ جي پٽ ۽ حور جي پوٽي بصل‌ايل کي چونڊي ڪڍيو آهي. مون هن کي دانائيءَ، سمجھہ، علم ۽ هر قسم جي ڪاريگريءَ ۾ پنهنجي روح سان ڀرپور ڪري ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هو ڪاريگريءَ جا ڪم رٿي سون، چانديءَ ۽ پتل جون شيون ٺاهي. هو هيرن جواهرن کي جڙڻ لاءِ گھڙي تيار ڪري ۽ ڪاٺ کي اُڪري. مطلب تہ هو هر قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪري.

Free Reading Plans and Devotionals related to خروج 2:31-5