خروج 5:32-6
خروج 5:32-6 SB
هارون جڏهن اهو حال ڏٺو تڏهن انهيءَ جي اڳيان هڪڙي قربانگاهہ ٺاهيائين. پوءِ هارون پڙهو گھمرايو تہ ”سڀاڻي خداوند جي لاءِ عيد ٿيندي.“ ٻئي ڏينهن اهي صبح جو سوير اٿيا ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ڪيائون. هنن سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ جانور ذبح ڪيا. پوءِ ماڻهن ويهي کاڌو پيتو ۽ اُٿي عياشيءَ ۾ لڳي ويا.





