خروج 7:32-8
خروج 7:32-8 SB
تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هيٺ لهي وڃ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهين، تن پنهنجو خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي. جنهن راهہ تي هلڻ جو مون کين حڪم ڏنو هو، تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن. هنن پنهنجي لاءِ هڪڙو پلٽيل گابو ٺاهي انهيءَ کي سجدو ڪيو آهي ۽ انهيءَ جي لاءِ قربانيون ڪيون آهن. ان سان گڏوگڏ هنن چيو آهي تہ ’اي بني اسرائيل! هي اوهان جو ديوتا آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.‘“





