YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 19

19
سدوم جي گنهگاري
1جڏهن اهي ٻئي ملائڪ شام جو سدوم ۾ آيا تہ لوط شهر جي دروازي وٽ ويٺو هو. جيئن ئي انهن تي نظر پيس تہ اُٿي کين گڏجڻ ويو. انهن جي اڳيان زمين تي پيشاني رکي کين تعظيم ڏنائين. 2کين چيائين تہ ”سائين! آءٌ اوهان جي خدمت لاءِ حاضر آهيان. مهرباني ڪري منهنجي گھر هلو. اتي هلي هٿ منهن ڌوئو ۽ رات رهو، صبح جو سوير اُٿي ڀلي پنهنجي دڳ سان وڃجو.“ پر هنن جواب ڏنس تہ ”نہ، اسين سڄي رات هتي شهر جي پڌر ۾ گذارينداسين.“ 3پر هن گھڻو زور ڪين ۽ نيٺ هو ساڻس گڏجي انهيءَ جي گھر آيا. هن انهن مهمانن لاءِ بي‌خميري ماني تيار ڪئي ۽ انهن کاڌي.
4مهمانن جي سمهڻ کان اڳي سدوم شهر جا مرد، جوان توڙي ٻڍا انهيءَ گھر کي چوڌاري وڪوڙي ويا. 5#ره 19‏:22‏-24 انهن لوط کي سڏي کانئس پڇيو تہ ”اهي ماڻهو ڪٿي آهن جيڪي اڄ رات تو وٽ رهڻ لاءِ آيا هئا؟ انهن کي ٻاهر اسان وٽ وٺي اچ.“ سدوم شهر جا ماڻهو انهن سان برو فعل ڪرڻ چاهين پيا.
6 لوط ٻاهر نڪري هنن وٽ ويو ۽ پنهنجي پٺيان در بند ڪري ڇڏيائين. 7هن کين چيو تہ ”ڀائرؤ! آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ اهڙو بڇڙو ڪم نہ ڪريو. 8ڏسو، منهنجيون ٻہ ڌيئر آهن جيڪي اڃا تائين ڪنواريون آهن. جيڪڏهن چئو تہ آءٌ انهن کي اوهان وٽ ٻاهر وٺي اچان، پوءِ جيئن اوهان کي وڻي تيئن انهن سان ڪريو. پر هنن ماڻهن کي ڪجھہ بہ نہ ڪريو. هو منهنجا مهمان ٿي منهنجي گھر ۾ آيا آهن.“
9پر انهن چيو تہ ”اسان جي رستي کان هٽي وڃ. تون ڌاريو ٿي ڪري اسان کي سمجھائين ٿو. هاڻي تو سان هنن کان بہ وڌيڪ خراب هلت ڪنداسين.“ پوءِ هو لوط کي ڌڪو ڏيئي در ڀڃڻ لاءِ اڳتي وڌيا. 10ايتري ۾ انهن ٻنهي ڄڻن اندران هٿ ڊگھيري لوط کي ڇڪي گھر ۾ آندو ۽ در بند ڪري ڇڏيائون. 11#2.با 6‏:18 پوءِ انهن گھر جي ٻاهران بيٺل سڀني ننڍن وڏن ماڻهن کي انڌو ڪري ڇڏيو تہ جيئن دروازو نہ لهي سگھن.
لوط جو سدوم ڇڏڻ
12انهن ٻنهي ڄڻن لوط کي چيو تہ ”جيڪڏهن تنهنجو ڪو ٻيو هتي هجي، پٽ، ڌيئر، ڄاٽو يا تنهنجو ڪو ٻيو مٽ مائٽ جيڪو هن شهر ۾ رهندو هجي، انهن کي ساڻ ڪري هتان نڪري وڃ، 13ڇاڪاڻ تہ اسين هن شهر کي برباد ڪنداسين. خداوند وٽ هنن ماڻهن جي تمام گھڻي دانهن پهتي آهي، سو هن اسان کي سدوم شهر کي برباد ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي.“ 14پوءِ لوط پنهنجن ڄاٽن وٽ ويو جن سان سندس ڌيئرن جي شادي ٿيڻي هئي. انهن کي چيائين تہ ”جلدي ڪريو ۽ هتان نڪري هلو، ڇاڪاڻ تہ خداوند هيءُ شهر برباد ڪندو.“ پر انهن سمجھيو تہ هو چرچا ٿو ڪري.
15پرهہ ڦٽيءَ وقت ملائڪن لوط کي تڪڙ ڪئي ۽ چيائونس تہ ”پنهنجي زال ۽ ٻئي ڌيئر وٺي هتان هليو وڃ، متان شهر مٿان سزا اچڻ وقت اوهين بہ پنهنجي جان وڃائي ويهو.“ 16#2.پط 2‏:7 تنهن هوندي بہ لوط ڍرائي پئي ڪئي. پر جيئن تہ خداوند مٿس مهربان هو سو هنن لوط، سندس زال ۽ ٻنهي ڌيئرن کي هٿ کان وٺي کين شهر کان ٻاهر آندو. 17ٻاهر پهچڻ کان پوءِ ملائڪن مان هڪڙي چيس تہ ”پنهنجي جان بچائي ڀڄ، پٺتي اصل نہ نهارجانءِ ۽ نہ ئي وري هن ميدان ۾ ترسجانءِ. هنن جبلن ڏانهن ڀڄي وڃ تہ جيئن مرڻ کان بچي وڃين.“
18پر لوط جواب ڏنو تہ ”سائين ائين نہ ڪر. 19تو مون تي وڏي مهرباني ڪئي آهي جو منهنجي جان بچائي اٿيئي. پر جبل گھڻو پري آهن سو متان اتي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي اها آفت مون تي اچي پوي ۽ آءٌ مري وڃان. 20هو شهر ڏس، اهو ڪافي ويجھو آهي، جنهن ۾ آءٌ ڀڄي وڃي سگھان ٿو. تون ڏسين ٿو تہ اهو ننڍڙو شهر آهي سو مون کي اوڏانهن وڃڻ ڏي. اتي آءٌ سلامت رهندس.“
21هن جواب ڏنس تہ ”ٺيڪ آهي، آءٌ تنهنجي اها ڳالهہ بہ قبول ڪريان ٿو. آءٌ انهيءَ شهر کي برباد نہ ڪندس. 22هاڻي جلدي ڪر، اوڏانهن ڀڄي وڃ. جيستائين تون اتي نہ پهچندين تيستائين آءٌ ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪري سگھان.“ سو انهيءَ شهر جو نالو #19‏:22 صغر هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”ننڍڙو.“صغر پئجي ويو، ڇاڪاڻ تہ لوط ان کي ننڍڙو ڪوٺيو.
سدوم ۽ عموراہ جي تباهي
23جنهن وقت لوط صغر ۾ پهتو تنهن وقت سج اڀري چڪو هو. 24#مت 10‏:15، 11‏:23‏-24، لو 10‏:12، 17‏:29، 2.پط 2‏:6، يهو 7 خداوند سدوم ۽ عموراہ تي آسمان مان گندرف جي باهہ وسائي. 25هن انهن شهرن ۽ سڄي ميدان کي، انهن سڀني ماڻهن سميت، جيڪي اتي جا رهاڪو هئا ۽ جيڪي ڪجھہ اتي زمين تي اڀريو هو تنهن سميت برباد ڪري ڇڏيو. 26#لو 17‏:32 لوط جي زال منهن ڦيرائي پٺتي نهاريو تہ اها لوڻ جو ٿنڀو ٿي پيئي.
27 ابراهيم صبح جو سوير اُٿي انهيءَ جاءِ تي ويو جتي هو خداوند جي حضور ۾ بيٺو هو. 28هن سدوم، عموراہ ۽ سڄي ميدان ڏانهن نهاريو ۽ ڏٺائين تہ انهيءَ زمين جو دونهون کُوري جي دونهين وانگر مٿي پيو چڙهي. 29جڏهن خدا انهيءَ ميدان جي شهرن کي برباد ڪيو جن ۾ لوط رهندو هو، تڏهن ابراهيم جي يادگيري ڪيائين ۽ لوط کي انهيءَ آفت کان بچائي ورتائين.
موآبين ۽ بن‌عمين جو اصل نسل
30 لوط صغر ۾ رهڻ کان ڊنو ٿي، تنهنڪري هو ۽ سندس ٻئي ڌيئر مٿي وڃي جبل جي هڪ غار ۾ رهڻ لڳا. 31پوءِ وڏيءَ ڀيڻ پنهنجي ننڍيءَ ڀيڻ کي چيو تہ ”اسان جو پيءُ ٻڍو ٿيندو ٿو وڃي ۽ ڪو ٻيو مرد ڪونهي جيڪو اسان سان شادي ڪري ۽ اسان کي ٻار ٿين. 32تنهنڪري اچ تہ پنهنجي پيءُ کي مئي پيئاري ساڻس گڏ سمهون تہ جيئن انهيءَ مان اسان کي ٻار ٿين.“ 33سو هنن انهيءَ رات کيس مئي پيئاري ۽ وڏي ڌيڻس وڃي ساڻس ستي. هن کي ايترو تہ نشو هو جو کيس ڪابہ خبر ڪانہ پيئي.
34ٻئي ڏينهن وڏيءَ ڀيڻ پنهنجي ننڍيءَ ڀيڻ کي چيو تہ ”ڪالهہ رات آءٌ پنهنجي پيءُ سان ستي هئس، اچ تہ اڄ رات بہ کيس مئي پيئاريون ۽ تون وڃي گڏ سمهينس. پوءِ اسان ٻنهي کي انهيءَ مان ٻار ٿيندا.“ 35سو انهيءَ رات بہ کيس مئي پيئاريائون ۽ ننڍي ڌيڻس وڃي ساڻس گڏ ستي. پر وري بہ هن کي ايترو تہ نشو هو جو کيس ڪابہ خبر ڪانہ پيئي. 36اهڙيءَ طرح لوط جون ٻئي ڌيئر پنهنجي پيءُ مان پيٽ سان ٿيون. 37پوءِ وڏيءَ کي پٽ ڄائو جنهن جو نالو #19‏:37 موآب عبراني زبان ۾ ان جي معنيٰ آهي ”منهنجي پيءُ مان.“موآب رکيائين. اڄڪلهہ جا جيڪي موآبي آهن هو انهن جو وڏو آهي. 38ننڍيءَ کي بہ پٽ ڄائو جنهن جو نالو #19‏:38 بن‌عمي عبراني ٻوليءَ ۾ ان جي معنيٰ آهي ”منهنجي مائٽ جو پٽ.“بن‌عمي رکيائين. اڄڪلهہ جا جيڪي بني عمون آهن، هو انهن جو وڏو آهي.

Currently Selected:

پيدائش 19: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in