YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 21

21
اسحاق جو ڄمڻ
1پنهنجي واعدي موجب خداوند سارہ کي برڪت ڏني. 2#عبر 11‏:11 هوءَ پيٽ سان ٿي ۽ ابراهيم لاءِ هن جي ٻڍاپي ۾ پٽ ڄڻيائين. جنهن وقت لاءِ خدا چيو هو ٻار انهيءَ ئي وقت تي ڄائو. 3ابراهيم سندس نالو اسحاق رکيو. 4#پيد 17‏:12، رس 7‏:8 جيئن خدا ابراهيم کي حڪم ڏنو هو، تيئن جڏهن اسحاق اٺن ڏينهن جو ٿيو تہ هن جو طهر ڪيائين. 5جڏهن اسحاق ڄائو تڏهن ابراهيم جي عمر هڪ سؤ سال هئي. 6سارہ چيو تہ ”خدا منهنجي لاءِ #21‏:6 کل عبراني ٻوليءَ ۾ اسحاق نالي جو مطلب آهي تہ ”هو کلي ٿو.“کل ۽ خوشي آندي آهي. جيڪو بہ انهيءَ باري ۾ ٻڌندو سو مون سان گڏ کلندو.“ 7پوءِ وڌيڪ چيائين تہ ”ڪير ابراهيم کي چئي ٿي سگھيو تہ ’سارہ پٽ کي ٿڃ پيئاريندي‘؟ پر ان هوندي بہ مون کي هن جي ٻڍاپي ۾ هن مان پٽ ڄائو آهي.“
8پوءِ ٻار وڏو ٿيو ۽ جنهن ڏينهن ٿڃ ڇڏايائونس، تنهن ڏينهن ابراهيم هڪڙي وڏي دعوت ڪئي.
هاجرہ ۽ اسماعيل جو نڪرڻ
9هڪ ڏينهن سارہ ڏٺو تہ مصري هاجرہ جو پٽ اسماعيل جيڪو کيس ابراهيم مان ڄائو هو تنهن سارہ جي پٽ اسحاق سان راند پئي ڪئي. 10#گل 4‏:29‏-30 تڏهن سارہ ابراهيم کي چيو تہ ”هن ٻانهيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ. هن ٻانهيءَ جو پٽ تنهنجي ملڪيت ۾ منهنجي پٽ اسحاق سان وارث نہ ٿيندو.“ 11انهيءَ ڳالهہ ابراهيم کي ڏاڍو ڏک ڏنو، ڇاڪاڻ تہ اسماعيل بہ سندس ئي پٽ هو. 12#رو 9‏:7، عبر 11‏:18 پر خدا ابراهيم کي چيو تہ ”تون پنهنجي پٽ ۽ پنهنجي ٻانهيءَ بابت ڪابہ ڳڻتي نہ ڪر. ائين ئي ڪر جيئن سارہ تو کي چوي ٿي، ڇاڪاڻ تہ جنهن اولاد ڏيڻ جو مون تو سان عهد ٻڌو آهي سو اسحاق مان ئي ٿيندو. 13آءٌ هن ٻانهيءَ جي پٽ کي بہ ٻار ڏيندس ۽ اهي هڪ وڏي قوم ٿيندا. هي بہ تہ تنهنجو ئي اولاد آهي.“
14ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ابراهيم هاجرہ جي ڪلهي تي ماني ۽ پاڻيءَ سان ڀريل هڪ مشڪ رکي کيس ٻار سميت روانو ڪري ڇڏيو. هوءَ اتان هلي ويئي ۽ بيرسبع جي رڻ‌پٽ ۾ رلندي رهي. 15جڏهن مشڪ جو پاڻي کپي ويو تڏهن هن انهيءَ ٻار کي هڪڙي ٻوڙي هيٺ رکي ڇڏيو 16۽ پاڻ هلي ويئي. هوءَ انهيءَ جي سامهون سڏ پنڌ تي وڃي ويهي رهي. هن سوچيو تہ ”آءٌ ٻار کي مرندو نہ ڏسان.“ پوءِ هوءَ روئڻ لڳي. 17تڏهن خدا ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌو ۽ سندس ملائڪ آسمان مان هاجرہ سان ڳالهايو ۽ چيائينس تہ ”اي هاجرہ! تو کي ڪهڙي تڪليف آهي؟ ڊڄ نہ، خدا ٻار جي روئڻ جو آواز ٻڌو آهي. 18اُٿ، وڃي کڻيس ۽ دلاسو ڏيس. خدا چوي ٿو تہ ’آءٌ انهيءَ جي اولاد مان هڪ وڏي قوم بڻائيندس.‘“ 19پوءِ خدا هاجرہ جون اکيون کوليون ۽ هاجرہ هڪڙو کوهہ ڏٺو. هوءَ وڃي اتان پنهنجي مشڪ پاڻيءَ سان ڀري آئي ۽ چڪو ٻار کي پيئاريائين.
20خدا انهيءَ ڇوڪر سان هو. جيئن هو وڌي وڏو ٿيو، تہ فاران جي رڻ‌پٽ ۾ رهڻ لڳو ۽ شڪار ڪرڻ جو وڏو ماهر ٿيو. 21سندس ماءُ هن جي لاءِ مصر جي ملڪ مان زال ورتي.
ابراهيم ۽ ابيملڪ جي وچ ۾ عهد
22 # پيد 26‏:26 انهيءَ وقت ابيملڪ پنهنجي فوج جي سپهہ‌سالار فيڪل سان گڏ ابراهيم وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”جيڪي ڪجھہ تون ڪرين ٿو تنهن ۾ خدا تو ساڻ آهي. 23سو هاڻي هتي مون سان خدا جو قسم کڻ تہ تون مون سان، منهنجي ٻارن يا منهنجي پوين سان دغا نہ ڪندين. جهڙيءَ طرح آءٌ تو سان وفادار رهيو آهيان، تهڙيءَ طرح تون بہ مون سان ۽ هن ملڪ سان، جنهن ۾ تون پرديسي ٿي رهيو پيو آهين، وفادار رهندين.“ 24ابراهيم چيو تہ ”آءٌ قسم کڻان ٿو.“ 25پوءِ ابراهيم ابيملڪ کي پاڻيءَ جي هڪڙي کوهہ لاءِ ڏوراپو ڏنو جنهن تي هن جي نوڪرن زبردستيءَ قبضو ڪيو هو. 26ابيملڪ چيو تہ ”مون کي خبر ڪانهي تہ ڪنهن اهو ڪم ڪيو آهي. تو بہ مون کي انهيءَ بابت ڪونہ ٻڌايو. پهريون دفعو ئي مون اها ڳالهہ ٻڌي آهي.“ 27پوءِ ابراهيم ابيملڪ کي رڍون ٻڪريون ۽ چوپايو مال ڏنو ۽ ٻنهي ڄڻن پاڻ ۾ عهد ڪيو. 28ابراهيم ست گھيٽيون ڌڻ مان ڪڍي ڌار ڪيون. 29ابيملڪ کانئس پڇيو تہ ”انهن ستن گھيٽين کي ڌار ڪرڻ جو ڪهڙو مطلب آهي؟“ 30ابراهيم جواب ڏنس تہ ”هي ست گھيٽيون قبول ڪر. جيڪڏهن تون اهي وٺندين تہ اها انهيءَ ڳالهہ جي شاهدي ٿيندي تہ اهو کوهہ مون کوٽيو آهي.“ 31اهو ئي سبب هو جو ان جاءِ جو نالو #21‏:31 بيرسبع عبراني ٻوليءَ ۾ هن لفظ جي معنيٰ آهي ”قسم وارو کوهہ“ يا ”ستن وارو کوهہ“ (ڏسو 26‏:33 پڻ).بيرسبع پئجي ويو، ڇاڪاڻ تہ اتي هنن ٻنهي قسم کنيو هو.
32بيرسبع وٽ عهد ڪرڻ کان پوءِ ابيملڪ پنهنجي فوج جي سپهہ‌سالار فيڪل سان گڏ موٽي فلستين جي علائقي ۾ آيو. 33پوءِ ابراهيم بيرسبع ۾ لئي جو هڪڙو وڻ لڳايو ۽ اتي خداوند، ابدي خدا جي عبادت ڪيائين. 34ابراهيم گھڻن ڏينهن تائين فلستين جي علائقي ۾ رهيو.

Currently Selected:

پيدائش 21: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in