YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 24

24
اسحاق لاءِ سڱ جي ڳولا
1 ابراهيم تمام پوڙهو ٿي ويو هو ۽ خداوند سڀني ڳالهين ۾ کيس برڪت ڏني هئي. 2هڪڙي ڏينهن هن پنهنجي پراڻي نوڪر کي سڏيو، جيڪو سندس سڄي ملڪيت سنڀاليندو هو ۽ چيائينس تہ ”پنهنجو #24‏:2 هٿ منهنجي ران جي هيٺان رک انهيءَ دور ۾ اهڙيءَ طرح پڪو قسم کنيو ويندو هو.هٿ منهنجي ران جي هيٺان رک. 3آءٌ تو کي خداوند، زمين ۽ آسمان جي خدا جو قسم ٿو ڏيان تہ جن ڪنعانين ۾ آءٌ رهان ٿو تن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان بہ تون منهنجي پٽ جي شادي نہ ڪرائيندين. 4پر منهنجي ملڪ ۾ منهنجي مائٽن مان منهنجي پٽ اسحاق جي لاءِ ڪنوار آڻيندين.“ 5نوڪر پڇيس تہ ”جيڪڏهن اها مون سان گڏ هن ملڪ ۾ اچڻ لاءِ راضي نہ ٿئي تہ پوءِ؟ ڇا آءٌ اوهان جي پٽ کي پاڻ سان انهيءَ ملڪ ڏانهن وٺي وڃان جتان اوهين نڪري آيا آهيو؟“ 6ابراهيم ورندي ڏنس تہ ”خبردار، متان منهنجي پٽ کي اوڏانهن وٺي ويو آهين. 7خداوند عرش عظيم جي خدا مون کي منهنجي پيءُ جي گھر ۽ اباڻي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي. انهيءَ قسم کڻي مون سان عهد ٻڌو آهي تہ ’آءٌ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين ڏيندس.‘ اهو ئي پنهنجي ملائڪ کي موڪليندو تہ جيئن تون اتان منهنجي پٽ جي لاءِ ڪنوار وٺي اچي سگھين. 8جيڪڏهن اها تو سان گڏ اچڻ لاءِ راضي نہ ٿئي تہ پوءِ تون هن قسم کان آجو آهين. پر منهنجي پٽ کي اوڏانهن ڪنهن بہ صورت ۾ نہ وٺي وڃجانءِ.“ 9پوءِ انهيءَ نوڪر پنهنجي مالڪ ابراهيم جي ران جي هيٺان هٿ رکيو ۽ جيڪي ابراهيم چيو هئس تنهن بابت قسم کنيائين.
10پوءِ انهيءَ نوڪر جيڪو ابراهيم جي سڄي ملڪيت جو سنڀاليندڙ هو، تنهن پنهنجي مالڪ جي اُٺن مان ڏهہ اٺ سامان سان لڏيا ۽ #24‏:10 ارام ان دور ۾ هي علائقو موجودہ شام ۽ عراق ملڪن جي ڪن حصن تي مشتمل هو.ارام جي علائقي ۾ انهيءَ شهر ڏانهن روانو ٿيو جنهن ۾ ابراهيم جو ڀاءُ نحور رهندو هو. 11اُتي شام جو شهر جي ٻاهران کوهہ وٽ اٺ آڻي جھڪايائين. انهيءَ وقت عورتون اتي پاڻي ڀرڻ اينديون هيون. 12پوءِ دعا گھريائين تہ ”اي خداوند! منهنجي مالڪ ابراهيم جا خدا! اڄ مون کي سوڀ ڏي ۽ منهنجي مالڪ تي پنهنجي عهد موجب مهرباني ڪر. 13هتي آءٌ کوهہ وٽ بيٺو آهيان ۽ شهر جون جوان ڇوڪريون پاڻي ڀرڻ لاءِ اچن ٿيون. 14شل ائين ٿئي جو جڏهن آءٌ انهن مان هڪڙيءَ کي چوان تہ ’مهرباني ڪري پنهنجو دلو لاهہ تہ آءٌ پاڻي پيئان،‘ تڏهن اها چوي تہ ’ڀلي پيءُ ۽ آءٌ تنهنجي اٺن کي بہ پاڻي پيئارينديس.‘ شل هوءَ اها ئي ڇوڪري هجي جنهن کي تو پنهنجي ٻانهي اسحاق جي لاءِ چونڊيو آهي. جيڪڏهن ائين ٿيو تہ آءٌ سمجھندس تہ تو منهنجي مالڪ تي مهرباني ڪئي آهي.“
15اڃا هن دعا پوري ئي ڪانہ ڪئي هئي تہ ربقہ آئي ۽ دلو سندس ڪلهي تي هو. هوءَ بيتوايل جي ڌيءَ هئي جيڪو ابراهيم جي ڀاءُ نحور جي زال مِلڪاہ جو پٽ هو. 16اها ڇوڪري ڏاڍي سهڻي، ڪنواري ۽ مرد جي هٿ کان بچيل هئي. هوءَ کوهہ تي ويئي ۽ دلو ڀري موٽي آئي. 17تڏهن اهو نوڪر ڊوڙي وڃي ساڻس گڏيو ۽ چيائينس تہ ”مهرباني ڪري پنهنجي دلي مان مون کي ٿورو پاڻي پيئار.“ 18هن چيس تہ ”سائين! ڀلي پيئو.“ پوءِ جلد ۾ ڪلهي تان دلو لاهي هٿن تي ڪري انهيءَ کي پاڻي پيئاريائين. 19جڏهن هن کي پاڻي پيئاري بس ڪيائين تڏهن چيائينس تہ ”آءٌ توهان جي اٺن لاءِ بہ پاڻي ڀري ٿي اچان. ڀلي اهي بہ پي ڍءُ ڪن.“ 20پوءِ ربقہ جلد پنهنجو دلو حوض ۾ خالي ڪري وڌيڪ پاڻي ڀرڻ لاءِ کوهہ ڏانهن ڀڳي ۽ هن جي سڀني اٺن کي پاڻي پيئاريائين. 21اهو ماڻهو کيس چتائي ڏسندو رهيو تہ ”ڏسان تہ خداوند منهنجو پنڌ سجايو ڪيو آهي يا نہ.“
22جڏهن اٺن پاڻي پي بس ڪئي تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ هڪڙي سوني نٿ، جنهن جي تور اٽڪل پنج گرام هئي سا ڪڍي ۽ ٻہ سونا ڪنگڻ جن جي تور اٽڪل سؤ سؤ گرام هئي، انهيءَ جي ٻانهن لاءِ ڪڍيا. 23پوءِ پڇيائينس تہ ”مهرباني ڪري ٻڌاءِ تہ تون ڪنهن جي ڌيءَ آهين؟ تنهنجي پيءُ جي گھر ۾ اسان جي رهڻ لاءِ ڪا جاءِ آهي؟“ 24هن جواب ڏنو تہ ”منهنجو پيءُ بيتوايل آهي، جنهن جي ماءُ مِلڪاہ ۽ پيءُ نحور آهي.“ 25وڌيڪ چيائينس تہ ”اسان وٽ گاهہ ۽ چارو تمام گھڻو آهي ۽ رهڻ جي جاءِ بہ آهي.“ 26تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ جھڪي خداوند کي سجدو ڪيو. 27پوءِ چيائين تہ ”خداوند، منهنجي مالڪ ابراهيم جي خدا کي ساراهہ جڳائي، جنهن منهنجي مالڪ تان پنهنجي لافاني شفقت ۽ وفا ڪين هٽائي آهي. خداوند منهنجي رهبري ڪري مون کي منهنجي مالڪ جي مائٽن ۾ وٺي آيو آهي.“
28پوءِ انهيءَ ڇوڪريءَ ڊوڙي وڃي پنهنجي ماءُ جي گھر ۾ اها ڳالهہ ٻڌائي. 29انهيءَ ڇوڪريءَ ربقہ کي هڪڙو ڀاءُ هو جنهن جو نالو لابن هو. 30لابن جڏهن پنهنجيءَ ڀيڻ وٽ نٿ ۽ سندس هٿن ۾ ڪنگڻ ڏٺا ۽ جيڪي انهيءَ ماڻهوءَ سندس ڀيڻ کي چيو هو سو کانئس ٻڌائين، تڏهن هو انهيءَ ماڻهوءَ وٽ ڊوڙي ويو جيڪو کوهہ تي اٺن جي ڀرسان بيٺو هو. 31لابن کيس چيو تہ ”اي خداوند جا ڀلارا انسان! اچ، اندر اچ، ٻاهر ڇو بيٺو آهين؟ مون تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي اٺن جي لاءِ بہ جاءِ تيار ڪئي آهي.“
32پوءِ لابن انهيءَ ماڻهوءَ کي گھر وٺي آيو ۽ سندس اٺن تان بار لاهي انهن کي گاهہ ۽ چارو ڏنائين. هن ابراهيم جي نوڪر ۽ سندس ساٿين کي هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ پاڻي آڻي ڏنو. 33پوءِ هن جي اڳيان کاڌو رکيو ويو، پر هن چيو تہ ”جيستائين آءٌ پنهنجو ڪم نہ ٻڌائيندس تيستائين ڪونہ کائيندس.“ لابن چيس تہ ”چڱو، ٻڌاءِ.“
34تڏهن هن چيو تہ ”آءٌ ابراهيم جو نوڪر آهيان. 35خداوند منهنجي مالڪ کي وڏي برڪت ڏني آهي ۽ هو وڏو ماڻهو آهي. خداوند کيس رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا، سون چاندي، ٻانها ٻانهيون، اٺ ۽ گڏهہ عطا ڪيا آهن. 36منهنجي مالڪ کي سندس زال سارہ جي ٻڍاپي ۾ منجھانئس پٽ ڄائو، وٽس جيڪي ڪجھہ هو سو سڀ انهيءَ پٽ کي ڏيئي ڇڏيو اٿس. 37منهنجي مالڪ مون کان قسم تي واعدو وٺي چيو آهي تہ ’تون ڪنعانين جي ڌيئرن مان، جن جي ملڪ ۾ آءٌ رهان ٿو، ڪنهن سان بہ منهنجي پٽ جي شادي نہ ڪرائجانءِ. 38پر تون منهنجي پيءُ جي ڪٽنب ۽ منهنجي مٽن مائٽن وٽ وڃجانءِ ۽ منهنجي پٽ لاءِ زال وٺي اچجانءِ.‘ 39تڏهن مون پنهنجي مالڪ کان پڇيو تہ ’جيڪڏهن اها ڇوڪري مون سان گڏ نہ اچي تہ پوءِ؟‘ 40هن جواب ڏنو تہ ’جنهن خداوند جي حڪم تي آءٌ هلان ٿو سو پنهنجي ملائڪ کي تو وٽ موڪليندو ۽ تنهنجو پنڌ سجايو ڪندو. تون منهنجي مائٽن ۽ منهنجي پيءُ جي ڪٽنب مان منهنجي پٽ جي زال آڻ. 41جڏهن تون منهنجي مائٽن وٽ وڃين تڏهن تون منهنجي قسم کان آجو آهين، پوءِ جيڪڏهن اهي تو کي ڪا ڇوڪري ڏيڻ کان انڪار ڪن تہ بہ تون آجو آهين.‘
42اڄ جڏهن آءٌ کوهہ تي آيس تہ دعا گھريم تہ ’اي خداوند، منهنجي مالڪ ابراهيم جا خدا! منهنجو پنڌ سجايو ڪر. 43آءٌ هتي کوهہ وٽ بيٺو آهيان، جڏهن جوان ڇوڪري کوهہ تي پاڻي ڀرڻ لاءِ اچي تہ آءٌ کيس چوندس تہ ”مون کي پنهنجي دلي مان پاڻي پيئار.“ 44جيڪڏهن اها چوي تہ ”ڀلي پيءُ ۽ آءٌ تنهنجي اٺن لاءِ بہ پاڻي آڻيان ٿي،“ تہ شل هوءَ اها ئي ڇوڪري هجي جنهن کي تو منهنجي مالڪ جي پٽ جي زال ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.‘ 45اڃا مون پنهنجيءَ دل ۾ دعا گھري بس ڪئي، تہ ربقہ ڪلهي تي دلو رکي اچي نڪتي. هوءَ کوهہ تي ويئي ۽ پاڻي ڀريائين. تڏهن مون کيس چيو تہ ’مهرباني ڪري مون کي پاڻي پيئار.‘ 46هن هڪدم ڪلهي تان دلو لاهي چيو تہ ’پيءُ، آءٌ تنهنجي اٺن کي بہ پاڻي پيئارينديس.‘ سو مون پاڻي پيتو ۽ هن منهنجي اٺن کي بہ پاڻي پيئاريو. 47مون کانئس پڇيو تہ ’تون ڪنهن جي ڌيءَ آهين؟‘ هن جواب ڏنو تہ ’منهنجو پيءُ بيتوايل آهي، جنهن جي ماءُ مِلڪاہ ۽ پيءُ نحور آهي.‘ تڏهن مون سندس نڪ ۾ نٿ ۽ ٻانهن ۾ ڪنگڻ پارايا. 48پوءِ مون جھڪي خداوند کي سجدو ڪيو ۽ خداوند، پنهنجي مالڪ ابراهيم جي خدا جي تعريف ڪيم جيڪو مون کي سڌي رستي سان وٺي آيو، جو مون پنهنجي مالڪ جي پٽ جي لاءِ سندس ڀائٽي هٿ ڪئي. 49هاڻي جيڪڏهن اوهين منهنجي مالڪ سان مهربانيءَ ۽ وفا سان پيش اچڻ گھرو ٿا تہ مون کي ٻڌايو ۽ جي نہ، تہ بہ مون کي ٻڌايو، پوءِ آءٌ سوچيندس تہ ڇا ڪرڻ گھرجي.“
50تڏهن لابن ۽ بيتوايل وراڻيو تہ ”اها ڳالهہ خداوند جي طرفان آهي، سو اسين ڪجھہ بہ نہ ٿا چئي سگھون. 51اِجھا، ربقہ تنهنجي سامهون آهي ڀلي وٺي وڃيس تہ جيئن اها خداوند جي چوڻ مطابق تنهنجي مالڪ جي پٽ جي زال ٿئي.“ 52جڏهن ابراهيم جي نوڪر هنن جا اهي لفظ ٻڌا تہ زمين تي جھڪي خداوند کي سجدو ڪيائين. 53پوءِ هن چانديءَ ۽ سون جا زيور ۽ ڪپڙا ڪڍي ربقہ کي ڏنا. هن ربقہ جي ڀاءُ ۽ ماءُ کي بہ قيمتي سوکڙيون ڏنيون.
54پوءِ ابراهيم جي نوڪر ۽ ٻين ماڻهن، جيڪي ساڻس گڏ هئا تن کاڌو ۽ پيتو ۽ رات اتي گذاريائون. جڏهن صبح جو اٿيا تڏهن هن چيو تہ ”هاڻي ڇڏيو تہ آءٌ پنهنجي مالڪ ڏانهن موٽي وڃان.“ 55پر ربقہ جي ڀاءُ ۽ ماءُ چيو تہ ”ڇوڪريءَ کي گھٽ ۾ گھٽ ڏهہ ڏينهن اسان وٽ رهڻ ڏي، تنهن کان پوءِ هوءَ اوهان سان هلندي.“ 56پر هن چيو تہ ”مون کي نہ روڪيو. خداوند منهنجو پنڌ سجايو ڪيو آهي سو ڇڏيو تہ آءٌ پنهنجي مالڪ وٽ موٽي وڃان.“ 57هنن چيو تہ ”اسين ڇوڪريءَ کي سڏي کانئس پڇون ٿا تہ هوءَ ڇا ٿي چوي.“ 58سو هنن ربقہ کي سڏيو ۽ پڇيائونس تہ ”تون هن ماڻهوءَ سان ويندينءَ؟“ هن جواب ڏنو تہ ”هائو، وينديس.“ 59پوءِ هنن پنهنجي ڀيڻ ربقہ، سندس دائيءَ، ابراهيم جي نوڪر ۽ سندس ماڻهن کي موڪل ڏيئي روانو ڪيو. 60انهن ربقہ کي دعا ڪندي چيو تہ ”اسان جي ڀيڻ! شل تون هزارن ۽ لکن جي ماءُ ٿئين. شل تنهنجو اولاد پنهنجي دشمنن جي شهرن تي حڪمراني ڪري.“ 61پوءِ ربقہ ۽ سندس نوڪرياڻيون، ابراهيم جي نوڪر سان گڏ وڃڻ لاءِ اُٿي اٺن تي چڙهيون ۽ اهو نوڪر ربقہ کي وٺي روانو ٿيو.
62 اسحاق ”ڏسندڙ جيئري جي کوهہ“ کان آيو هو ۽ ڪنعان جي ڏاکڻي پاسي رهندو هو. 63هو شام جو ٻنين ۾ پنهنجي خيال ۾ گھمي رهيو هو تہ اٺن کي ايندو ڏٺائين. 64جڏهن ربقہ اسحاق کي ڏٺو تہ اٺ تان لهي پيئي 65۽ ابراهيم جي نوڪر کان پڇيائين تہ ”هو ڪير آهي جيڪو ٻنيءَ ۾ اسان سان ملڻ لاءِ ٿو اچي؟“ نوڪر جواب ڏنو تہ ”اهو منهنجو مالڪ آهي.“ تڏهن هن نقاب هيٺ ڪري پنهنجو منهن ڍڪي ڇڏيو. 66نوڪر جيڪي ڪجھہ ڪيو هو سو سڀ ڪجھہ اسحاق کي ٻڌايائين. 67پوءِ اسحاق ربقہ کي ان تنبوءَ ۾ وٺي آيو جنهن ۾ سندس ماءُ رهندي هئي. پوءِ هن ساڻس شادي ڪئي. اسحاق ربقہ سان پيار ڪرڻ لڳو، انهيءَ ڪري اسحاق کي سندس ماءُ جي وفات جي ڏک کان تسلي ملي.

Currently Selected:

پيدائش 24: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in