YouVersion Logo
Search Icon

حبقوق 1

1
1هي حبقُوق نبيءَ جي ڏٺل رويا جو بيان آهي.
حبقُوق نبيءَ جي شڪايت
2اي خداوند! ڪيستائين آءٌ مدد لاءِ تو کي سڏيندو رهندس،
تون تہ ٻڌين ئي ڪونہ ٿو؟
ڪيستائين آءٌ تو آڏو ”ظلم، ظلم“ پڪاريندو رهندس،
تون تہ بچائين ئي ڪونہ ٿو؟
3ڇو تون مون کي ناانصافي ٿو ڏيکارين؟
ڇو تون بڇڙائيءَ کي برداشت ٿو ڪرين؟
تباهي ۽ ڏاڍ منهنجي سامهون آهن،
فتنو ۽ فساد بہ خوب لڳو پيو آهي.
4تنهنڪري شريعت لولي لنگڙي ٿي پيئي آهي
۽ انصاف جو تہ نالو ئي ڪونہ رهيو آهي.
شرير ماڻهو سچن کي وڪوڙي ٿا وڃن،
تان جو انصاف بگڙي ٿو وڃي.
خداوند جو جواب
5 # رس 13‏:41 خداوند پنهنجي قوم کي فرمايو تہ
”ٻين قومن کي جاچي ڏسو ۽ انهن مان عبرت حاصل ڪريو،
ڇوجو اوهان جي ڏينهن ۾ آءٌ اهڙو ڪم ڪرڻ وارو آهيان،
جو جيڪڏهن اوهان کي ٻڌائجي
تہ اوهين هرگز اعتبار ڪين ڪندا.
6 # 2.با 24‏:2 ڏسو، آءٌ بابلين کي کڙو ڪرڻ وارو آهيان،
جيڪا هڪ چيڙاڪ ۽ بدمزاج قوم آهي،
جيڪا سڄي دنيا کي ٻهاريندي ٿي وتي
۽ پراين وسندين تي قبضا ڪندي ٿي وتي.
7اها خوفناڪ ۽ هيبتناڪ قوم آهي.
اها جيڪا پاڻ ئي پنهنجي عدالت آهي،
۽ پاڻ ئي پنهنجي مان ۾ اضافو ڪندي آهي.
8هنن جا گھوڙا چيتن کان بہ وڌيڪ تيز رفتار آهن،
اهي رات جو شڪار ڪندڙ بگھڙن کان بہ وڌيڪ خوفناڪ آهن.
سندن گھوڙيسوار ٽپندا ڪڏندا ٿا اچن.
هائو، اهي ڏورانهين پنڌ کان ٿا اچن.
اهي ائين ٿا اڏامندا اچن،
جيئن باز شڪار ڳڙڪائڻ لاءِ اڏامندو ايندو آهي.
9اهي جيڪي اچن ٿا سي ڦرلُٽ لاءِ ٿا اچن.
سندن ٽولا ائين ٿا وڌندا اچن جيئن اوڀر جو واءُ ايندو آهي،
اهي ماڻهن کي ائين قيد ڪري گڏ ٿا ڪن،
جيئن واريءَ جا ذرڙا گڏ ڪبا آهن.
10هو بادشاهن تي ٺٺوليون ٿا ڪن ۽ حاڪمن جو مذاق ٿا اڏائين.
هو قلعي وارن سڀني شهرن تي کِلن ٿا،
هو مٽيءَ جي دڙن وارا مورچا اڏي
انهن قلعن کي قبضي هيٺ آڻين ٿا.
11پوءِ هو واچوڙي وانگر سڀڪجھہ ٻهاريندا گذري ٿا وڃن،
اهي ڏوهاري پنهنجي قوت کي ئي پنهنجو خدا ٿا سمجھن.“
حبقُوق جي ٻي شڪايت
12اي خداوند، منهنجا خدا! اي منهنجا پاڪ خدا!
ڇا تون ازل کان ناهين؟ ڇا تون ابد تائين نہ رهندين؟
اي خداوند! تو انهن بابلين کي مقرر ڪيو آهي
تہ اهي اسان تي فتويٰ جاري ڪن.
اي اسان جا محافظ! تو کين مقرر ڪيو آهي
تہ هو اسان کي سزا ڏين.
13پر تنهنجيون اکيون اهڙيون تہ پاڪ آهن
جو بڇڙائيءَ کي ڏسڻ نہ ٿيون چاهين.
تون تہ ظلم کي برداشت نہ ٿو ڪري سگھين
تہ پوءِ تون ڇو ٿو دغابازن کي برداشت ڪرين؟
جڏهن بڇڙا ماڻهو پاڻ کان چڱن کي ماري ٿا ڇڏين،
تڏهن ڇو تون ماٺ ڪري ويهي ٿو رهين؟
14ڇو تو ماڻهن کي مڇين وانگر بي‌وس بڻائي ڇڏيو آهي؟
هائو، اهي انهن جيت‌جڻن جي هشام وانگر آهن،
جن جو ڪوبہ سنڀاليندڙ ڪونهي.
15بڇڙا ماڻهو انهن کي ڪنڍيءَ يا ڄار ۾ ڦاسائي
مٿي ڇڪي ٻاهر ڪڍي ٿا وٺن.
هو انهن کي پنهنجي وڏي ڄار ۾ گڏ ٿا ڪن
۽ پوءِ هو انهيءَ تي خوش ۽ سرها ٿا ٿين.
16انهيءَ ڪري هو پنهنجي ئي ڄار کي خدا ٿا سمجھن
۽ انهيءَ لاءِ ئي قرباني ٿا ڪن ۽ لوبان ٿا ساڙين،
ڇو تہ هو انهيءَ جي ئي وسيلي عيش واري زندگي ٿا گذارين
۽ لذيذ ۽ سڻڀا طعام ٿا کائين.
17ڇا هاڻ هو ائين ئي پنهنجي ڄار جي وسيلي ڪندا رهندا؟
۽ بي‌رحميءَ سان قومن کي تباهہ ڪندا رهندا؟

Currently Selected:

حبقوق 1: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in