حجي 8:1-9
حجي 8:1-9 SB
هاڻي منهنجو هي فرمان آهي تہ اوهين جابلو علائقي ۾ وڃو ۽ اتان ڪاٺ آڻي منهنجي هيڪل جي نئين سر اڏاوت ڪريو. تڏهن آءٌ خداوند ائين ڪرڻ سان خوش ٿيندس، ڇاڪاڻ تہ اتي بندگي ڪرڻ سان منهنجو شان وَ شوڪت ظاهر ٿيندو. اوهان پنهنجي محنت جي ڪمائيءَ مان گھڻو ڪجھہ حاصل ڪرڻ جي اميد رکي پر اوهان کي مليو ٿورو. اوهان اها ڪمائي پنهنجي گھر تہ آندي، پر مون ڦوڪ ڏيئي اها سڀ اڏائي ڇڏي. مون خداوند ائين ڇو ڪيو؟ مون ائين انهيءَ لاءِ ڪيو جو منهنجي هيڪل ويران لڳي پيئي آهي، جڏهن تہ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي گھر جي ڪم ۾ مصروف آهي ۽ منهنجي گھر ڏانهن ڌيان نہ ٿا ڏيو.





