YouVersion Logo
Search Icon

يونس 2

2
يونس جي دعا
1تڏهن يونس مڇيءَ جي پيٽ ۾ ئي خداوند پنهنجي خدا کان هيءَ دعا گھري تہ
2”اي خداوند! مون مصيبت ۾ تو کان دُعا گھري آهي،
تو منهنجي دعا ٻڌي مون کي ورندي بہ ڏني آهي.
مون دوزخ جي پيٽ منجھان فرياد ڪيو آهي،
تڏهن بہ تو منهنجي اها دانهن ٻڌي آهي.
3تو مون کي اونهي سمنڊ منجھہ اڇلائي ڇڏيو هو،
سمنڊ جا سيلاب مون کي ڪُنَ ۾ گهِلي ويا.
اي خدا! تنهنجيون سڀ ڇوليون ۽ موجون مون مٿان گذريون.
4اهو سڀ ڏسي مون پنهنجيءَ دل ۾ هي خيال ڪيو تہ
’شايد آءٌ تنهنجي اکين کان پري لوڌيو ويو آهيان،‘
پر تڏهن بہ اي خدا!
آءٌ تنهنجي مقدس هيڪل کي هاڻي ڏسي سگھندس.
5پاڻيءَ مون کي دڙڪا ڏيئي غرق ڪيو،
چوڌاري اونهي سمنڊ مون کي گھيري رکيو،
سمنڊ جا ڪک ڪانا منهنجي مٿي کي ويڙهجي ويا.
6آءٌ سمنڊ ۾ جبلن جي ترن تائين غرق ٿي ويس،
ڌرتيءَ جا تالا مون مٿان هميشہ لاءِ بند ٿي ويا.
تڏهن بہ اي خداوند منهنجا خدا! تو منهنجي ٻڌي،
۽ منهنجيءَ جان کي پاتال مان ڪڍي ٻاهر آندو.
7جڏهن منهنجو ساهُہ ماندو ٿيڻ لڳو،
تڏهن مون تو خداوند کي ياد ڪيو،
منهنجي دُعا تنهنجي مقدس هيڪل ۾ تو تائين پهتي.
8جيڪي ماڻهو ڪُوڙن ديوتائن کي ٿا مڃن،
سي تنهنجي فضل کان محروم ٿي وڃن ٿا.
9پر آءٌ تنهنجي اڳيان شڪراني سان قرباني ڪندس،
جيڪا باس مون باسي آهي سا ضرور پوري ڪندس.
اي خداوند! آءٌ مڃان ٿو تہ تون ئي ڇڏائڻ وارو آهين.“
10پوءِ خداوند مڇيءَ کي حڪم ڏنو، جنهن اُلٽي ڪري يونس کي سُڪيءَ زمين تي اڇلائي ڪڍيو.

Currently Selected:

يونس 2: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in