8
هارون ۽ سندس پٽن جي ڪاهن طور مخصوصيت
(خروج 29:1-37)
1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2”تون هارون ۽ سندس پٽن کي پاڻ سان وٺي، سندن #8:2 ڪهانت واري خاص پوشاڪ انهيءَ پوشاڪ جي بيان لاءِ ڏسو خروج باب 28.ڪهانت واري خاص پوشاڪ، مسح ڪرڻ جو تيل، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ وهڙو، ٻہ گھٽا ۽ بيخميري مانين جي ٽوڪري کڻي، 3سڄيءَ قوم کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو آڻي گڏ ڪر.“ 4سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند حڪم ڏنو هئس. جڏهن سڄي قوم خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو اچي گڏ ٿي، 5تڏهن موسيٰ انهن کي چيو تہ ”هينئر آءٌ اهو ڪم ڪريان ٿو، جنهن بابت خداوند حڪم ڏنو آهي.“
6پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي اڳتي اڱڻ ۾ آندو ۽ کين وهنجاريائين. 7پوءِ هن هارون کي پهراڻ پارائي پٽو ٻڌو ۽ جبو ڍڪايائينس. انهيءَ جي مٿان مذهبي فراڪ وڌائينس ۽ ڪاريگريءَ سان اُڻيل مذهبي فراڪ وارو ڪمربند بہ چيلهہ سان ٻڌي قابو ڪيائينس. 8کيس سينابند پارائي، انهيءَ ۾ #8:8 اُوريم ۽ ٿُميم ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“اُوريم ۽ ٿُميم بہ وڌائين. 9سندس مٿي تي پڳ رکيائين ۽ پڳ جي مٿان اڳئين پاسي ڪهانت جي مخصوصيت واري سوني تختي رکيائين. سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.
10پوءِ موسيٰ مسح ڪرڻ جو تيل کڻي مقدس خيمي ۽ انهيءَ جي اندر جيڪي ڪجھہ هو تنهن کي مسح ڪري مخصوص ڪيو. 11انهيءَ تيل مان ڪجھہ کڻي هن ست دفعا اڱڻ ۾ قربانگاهہ تي ڇٽڪاريو. اهڙيءَ طرح هن قربانگاهہ ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون، حوض ۽ انهيءَ جي گھوڙيءَ کي مسح ڪيو، تہ جيئن مخصوص ٿين. 12هن مسح ڪرڻ جي تيل مان ڪجھہ هارون جي مٿي تي پئٽيو ۽ کيس مسح ڪيائين تہ جيئن هو مخصوص ٿئي. 13پوءِ موسيٰ هارون جي پٽن کي اڳتي آندو ۽ هنن کي پهراڻ پارائي پٽا ٻڌائين ۽ کين ٽوپيون پارايائين. موسيٰ هي سڀ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.
14ان کان پوءِ هن پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ وارو وهڙو آندو. هارون ۽ سندس پٽن پنهنجا هٿ انهيءَ جي مٿي تي رکيا. 15تڏهن موسيٰ انهيءَ کي ذبح ڪيو ۽ انهيءَ جو رت کڻي پنهنجيءَ آڱر سان قربانگاهہ جي چئني سڱن تي لڳائي قربانگاهہ کي پاڪ ڪيائين. باقي رت هن قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هن انهيءَ جو ڪفارو ڏنو تہ جيئن اها مخصوص ٿئي. 16موسيٰ آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان واري سموري چرٻي، جيري جو پردو، ٻئي بڪيون ۽ انهن جي چرٻي ڪڍي انهن کي قربانگاهہ تي ساڙيو. 17پر هن باقي وهڙي کي سندس کل، گوشت ۽ اوجھہ سميت خيميگاهہ کان ٻاهر کڻي وڃي ساڙي ڇڏيو، جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.
18پوءِ موسيٰ ساڙڻ واري قربانيءَ جو گھٽو اڳتي آندو ۽ هارون ۽ سندس پٽن انهيءَ جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکيا. 19تڏهن موسيٰ انهيءَ کي ذبح ڪيو ۽ انهيءَ جو رت قربانگاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاريائين. 20-21پوءِ هن گھٽي کي وڍي چند ٽڪر ڪري، انهيءَ جي آنڊن، اوجھري ۽ پاون کي پاڻيءَ سان ڌوتو. پوءِ منڍيءَ ۽ چرٻيءَ سميت سموري گھٽي کي قربانگاهہ تي رکي ساڙيائين. اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي ساڙڻ واري قرباني هئي جيڪا ساڙبي آهي. موسيٰ هي سڀ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.
22ان کان پوءِ موسيٰ ٻيو گھٽو، جيڪو ڪاهنن جي مخصوصيت جو گھٽو هو، سو اڳتي آندو. هارون ۽ سندس پٽن انهيءَ گھٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکيا. 23تڏهن موسيٰ انهيءَ کي ذبح ڪيو ۽ انهيءَ جو ڪجھہ رت کڻي، هارون جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي لڳايو. 24پوءِ هن هارون جي پٽن کي اڳتي آندو ۽ ڪجھہ رت کڻي انهن جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، سندن ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي لڳايو. باقي رت موسيٰ قربانگاهہ تي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏيو. 25ان بعد هن ساڄي ران ۽ چرٻي يعني دنب، آنڊن اوجھريءَ جي مٿان واري سموري چرٻي، جيري جو پردو، ٻئي بڪيون ۽ انهن جي چرٻي کنئي. 26هن بيخميري مانين واري ٽوڪريءَ مان، جيڪي خداوند جي لاءِ وقف ٿيل هيون، هڪڙي ماني، هڪڙو تيل ۾ ڳوهيل ڍوڍو ۽ هڪڙي ٽڪي ڪڍي ۽ اهي چرٻيءَ ۽ ساڄي ران جي مٿان رکيائين. 27تڏهن هن اهي سڀ شيون هارون ۽ سندس پٽن جي هٿن تي رکيون ۽ کانئن هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ طور اهي خداوند جي حضور ۾ پيش ڪرايون. 28پوءِ موسيٰ اهي سڀ شيون هنن جي هٿن مان وٺي قربانگاهہ تي ساڙڻ واري قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙيون. اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ واري مخصوصيت جي قرباني هئي، جا ساڙبي آهي. 29پوءِ موسيٰ گھٽي جو سينو کڻي هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ طور خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيو. مخصوصيت واري گھٽي مان اهو ئي موسيٰ جو حصو هو. سو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو تيئن ڪيائين.
30ان بعد موسيٰ مسح ڪرڻ جي تيل مان ۽ قربانگاهہ تي پيل رت مان ڪجھہ کڻي هارون ۽ سندس پٽن تي ۽ انهن جي خاص پوشاڪن تي ڇٽڪاريو. اهڙيءَ طرح هن هارون ۽ سندس پٽن ۽ انهن جي خاص پوشاڪن کي مخصوص ڪيو.
31تڏهن موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي چيو تہ ”تون ۽ تنهنجا پٽ هي گوشت خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ رڌيو. پوءِ اهو مخصوصيت واري قربانيءَ جي ٽوڪريءَ ۾ پيل مانين سان گڏ اتي ئي ويهي کائو، جيئن مون خداوند جو حڪم ٻڌايو آهي تہ ’هارون ۽ سندس پٽ اهو کائين.‘ 32انهيءَ گوشت ۽ مانين مان جيڪي بچي سو اوهين ساڙي ڇڏيو. 33-34جيئن اڄ ڪيو ويو آهي تيئن ئي خداوند حڪم ڏنو هو تہ اوهان جي ڪفاري ڏيڻ لاءِ ڪيو وڃي. جيستائين اوهان جي مخصوصيت جا ست ڏينهن پورا نہ ٿين تيستائين اوهين خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ کان ٻاهر نہ وڃجو. ستن ڏينهن ۾ هو اوهان کي مخصوص ڪري ڇڏيندو. 35اوهين ستن ڏينهن ۽ ستن راتين تائين خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ ويٺي خداوند جي حڪم جي تعميل ڪندا رهجو، نہ تہ اوهين مري ويندا. خداوند مون کي اهڙو ئي حڪم ڏنو آهي.“ 36سو هارون ۽ سندس پٽن سڀيئي ڪم خداوند جي حڪمن موجب ڪيا جيڪي هن موسيٰ جي معرفت ڏنا هئا.