YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 5

5
پهريان شاگرد بڻائڻ
(متي 4‏:18‏-22، مرقس 1‏:16‏-20)
1 # مت 13‏:1‏-2، مر 3‏:9‏-10، 4‏:1 هڪڙي دفعي جڏهن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري تي بيٺو هو تہ ماڻهن جا ميڙ مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ خدا جون ڳالهيون ٻڌن. 2ان وقت هن ڍنڍ جي ڪناري تي ٻہ ٻيڙيون بيٺل ڏٺيون، جن مان لهي مهاڻن پنهنجا ڄار پئي ڌوتا. 3سو عيسيٰ انهن مان هڪڙيءَ ۾ چڙهي پيو، جيڪا شمعون جي هئي. هن شمعون کي ڪناري کان ٿورو پرڀرو ٻيڙي ڌِڪڻ لاءِ چيو، جتي ٻيڙيءَ ۾ ئي ويٺي هو ميڙ کي تعليم ڏيڻ لڳو.
4جڏهن عيسيٰ ڳالهائي بس ڪئي تڏهن شمعون کي چيائين تہ ”ٻيڙي اونهي پاڻيءَ ۾ ڪاهي هلو ۽ اتي اوهين شڪار لاءِ پنهنجا ڄار وجھو.“ 5#يو 21‏:3 تنهن تي شمعون وراڻي ڏيئي چيس تہ ”اي سائين! اسان سڄي رات لوڙيو آهي پر ڪجھہ بہ هٿ نہ آيو آهي، تنهن هوندي بہ جيڪڏهن اوهين چئو ٿا تہ ڄار وجھرايان ٿو.“ 6#يو 21‏:6 انهن ڄار وڌا تہ ايتريون مڇيون اچي ڦاٿيون جو ڄار پئي ٽُٽن. 7تنهن تي ٻي ٻيڙيءَ ۾ جيڪي سنگتي هئن تن کي مدد لاءِ سڏيائون. هو آيا ۽ مڇيءَ سان ٻئي ٻيڙيون ايتريون تہ ڀريائون جو اچي ٻڏڻ لڳيون. 8جڏهن شمعون پطرس هي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! مون وٽان هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ گنهگار آهيان.“ 9‏-10شمعون سان گڏوگڏ سندس ڀائيوار زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا، بلڪ سندس سڀيئي سنگتي بہ ايتريون مڇيون ڦاٿل ڏسي ڏاڍي حيرت ۾ پئجي ويا. تنهن تي عيسيٰ شمعون کي چيو تہ ”ڊڄ نہ، اڄ کان پوءِ تون مڇين بدران ماڻهن کي هٿ ڪندين.“ 11پوءِ اهي ٻيڙين کي ڌِڪي ڪناري تي ڪاهي آيا ۽ سڀ ڪجھہ ڇڏي عيسيٰ جي پٺيان هلڻ لڳا.
ڪوڙهہ جهڙي مرض واري کي شفا ڏيڻ
(متي 8‏:1‏-4، مرقس 1‏:40‏-45)
12هڪ دفعي عيسيٰ ڪنهن شهر ۾ ويو جتي هڪ ماڻهو ڪوڙهہ جهڙي مرض سان ورتل هو. هن جڏهن عيسيٰ کي ڏٺو تہ ان جي اڳيان منهن ڀر ڪري منٿون ڪندي چيائينس تہ ”اي سائين! جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ ڪري سگھو ٿا.“ 13سو عيسيٰ پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي کيس چيو تہ ”آءٌ چاهيان ٿو. تون ڇٽي پاڪ صاف ٿيءُ.“ تڏهن هڪدم سندس ڪوڙهہ جهڙو مرض لهي ويو. 14#لاو 14‏:1‏-32 پوءِ عيسيٰ کيس تاڪيد ڪندي چيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجانءِ، پر سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر، تہ جيئن هر ڪنهن لاءِ شاهدي ٿئي تہ تون هاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آهين.“ 15عيسيٰ بابت اهي ڳالهيون هنڌين ماڳين پکڙجي ويون. سو ماڻهن جا وڏا ميڙ اچي هن وٽ گڏ ٿيندا هئا، تہ جيئن هن جون ڳالهيون ٻڌن ۽ پنهنجين بيمارين کان شفا پائين. 16پوءِ بہ هو وقت ڪڍي دعا گھرڻ لاءِ پرڀرو اڪيلائيءَ ۾ هليو ويندو هو.
اڌرنگي ماڻهوءَ کي شفا ڏيڻ
(متي 9‏:1‏-8، مرقس 2‏:1‏-12)
17هڪڙي ڏينهن عيسيٰ ڪنهن گھر ۾ تعليم ڏيئي رهيو هو ۽ ڪي فريسي ۽ شريعت جا عالم بہ اتي ويٺا هئا، جيڪي يروشلم شهر سميت يهوديہ ۽ گليل علائقن جي هر ڳوٺ ۽ شهر کان آيا هئا. جيئن تہ بيمارن کي شفا ڏيڻ لاءِ خداوند جي قدرت عيسيٰ سان گڏ هوندي هئي، 18سو ڪي ماڻهو هڪ اڌرنگي ماڻهوءَ کي کٽولي تي کڻي آيا ۽ ڪوشش پئي ڪيائون تہ هن کي گھر جي اندر کڻي اچي عيسيٰ جي اڳيان رکن. 19پر ميڙ جي ڪري انهن کي اندر کڻي اچڻ لاءِ رستو نہ پئي مليو. تنهنڪري هو ڪوٺي تي چڙهي ويا ۽ ڇت ۾ سوراخ ڪري کٽولي سوڌو کيس هيٺ ماڻهن جي وچ ۾ عيسيٰ جي اڳيان ڪري لاٿائون. 20عيسيٰ انهن جو ايڏو ايمان ڏسي بيمار کي چيو تہ ”ميان! تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا.“ 21تنهن تي شريعت جا عالم ۽ فريسي دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ ”هي تہ ڪفر ٿو بڪي! خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناهہ معاف ڪري نہ ٿو سگھي.“ 22عيسيٰ انهن جا خيال سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ ”اوهين اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا سوچيو؟ 23ڇا هي سولو آهي جو هن ماڻهوءَ کي چئجي تہ ’تنهنجا گناهہ تو کي معاف ڪيا ويا،‘ يا اهو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ ۽ گھم ڦر‘؟ 24پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ ابنِ آدم کي زمين تي گناهہ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو هن اڌرنگي ماڻهوءَ کي چيو تہ ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“ 25تنهن تي هو هڪدم انهن جي اڳيان اُٿي کڙو ٿيو ۽ جنهن کٽولي تي پيل هو سو کنيائين ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي گھر ڏانهن روانو ٿيو. 26سڀيئي ماڻهو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خوف وچان خدا جي واکاڻ ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اڄ اسان ڪهڙيون نہ عجيب ڳالهيون ڏٺيون آهن!“
لاويءَ کي پوئلڳ بڻائڻ
(متي 9‏:9‏-13، مرقس 2‏:13‏-17)
27انهيءَ کان پوءِ عيسيٰ ٻاهر نڪتو ۽ ڏٺائين تہ #5‏:27 لاويءَ لاويءَ نالي هن شخص جو ٻيو نالو متي هو.لاويءَ نالي هڪڙو ٽيڪس اُڳاڙيندڙ پنهنجي اڏي تي ويٺو آهي. عيسيٰ ان کي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ 28لاوي اٿيو ۽ سڀ ڪجھہ ڇڏي هن جي پٺيان هلڻ لڳو.
29پوءِ لاويءَ پنهنجي گھر ۾ عيسيٰ جي مان ۾ وڏي دعوت ڪئي، جنهن ۾ وڏو تعداد ٽيڪس اُڳاڙيندڙن جو هو ۽ ٻيا بہ ماڻهو انهن سان گڏ ويٺا هئا. 30#لو 15‏:1‏-2 تڏهن ڪن فريسين ۽ سندن شريعت جي عالمن ڪُرڪندي عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”ڇو اوهين #5‏:30 ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ گنهگارن سان گڏ کائو پيئو ٿا؟“ 31تنهن تي عيسيٰ کين ورندي ڏني تہ ”تندرستن کي نہ، بلڪ بيمارن کي حڪيم جي گھرج هوندي آهي. 32آءٌ نيڪن کي نہ، پر گنهگارن کي توبهہ جي طرف سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“
روزن بابت سوال
(متي 9‏:14‏-17، مرقس 2‏:18‏-22)
33ڪن ماڻهن عيسيٰ کي چيو تہ ”يحيٰ جا شاگرد اڪثر روزا رکندا آهن ۽ دعائون گھرندا آهن ۽ فريسين جا شاگرد بہ ائين ڪندا آهن. پر تنهنجا شاگرد تہ کائيندا پيئندا ٿا رهن.“ 34عيسيٰ وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان آهي، تيستائين اوهين انهن کي ڪو روزا رکائي سگھو ٿا ڇا؟ 35پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ کانئن جدا ڪيو ويندو، تہ انهن ڏينهن ۾ هو بہ روزا رکندا.“
36عيسيٰ انهن کي هي مثال بہ ٻڌايو تہ ”ڪوبہ ماڻهو نون ڪپڙن مان ٽڪر ڦاڙي پراڻن ڪپڙن کي چتي نہ ٿو هڻي. جيڪڏهن ائين ڪندو تہ هو نوان ڪپڙا بہ ڦاڙيندو ۽ اهو ٽڪر پراڻي سان ميل بہ نہ کائيندو. 37ڪوبہ ماڻهو تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ ڪونہ ٿو ڀري، ڇو تہ تازي مئي ساندارن کي ڦاڙي وجھندي. پوءِ تہ مئي بہ هارجي ويندي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا. 38تنهنڪري تازي مئي هميشہ نون ساندارن ۾ ڀرڻ گھرجي. 39پراڻي مئي پيئڻ کان پوءِ ڪوبہ نئين مئي پيئڻ پسند نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ هو چوي ٿو تہ ’پراڻي مئي وڌيڪ سٺي آهي.‘“

Currently Selected:

لوقا 5: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in